ٽي ايل پي ۽ پي ٽي آءِ ساڳي ٻيڙيءَ جا سوار…!
پنجاب حڪومت وفاق کي سفارش ڪئي آھي تہ تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي دھشتگرد تنظيم پڌرو ڪري مٿس بندش وڌي وڃي. ماضيءَ ۾ عمران خان جي حڪومت اُن تي بندش وڌي پر جلد ئي ختم ڪري ڇڏي. ھاڻي وري عمران خان جي پارٽي پي ٽي آءِ انھيءَ ساڳي جماعت جي سھڪاري بڻي آھي
الهه بخش راٺوڙ
جنهن قسم جا خدشا ظاهر ڪيا ويا،اهي ئي درست ثابت ٿيا، ٽي ايل پي تي پابندي جي سفارش پنجاب ڪابينا ڪئي آهي،جنهن وفاقي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته اها ويڙهاڪ مذهبي پارٽي کي فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪري.ان قدم جو مقصد ٽي ايل پي کي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪري،انهن جي مدرسن جي نيٽ ورڪ، اثاثن ۽ بينڪ اڪائونٽس کي مجمند ڪيو وڃي.وفاقي حڪومت ڪيستائين صوبائي حڪومت جي سفارشن تي عمل ڪندي،ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي،پر ماضي ۾ عمران خان جي حڪومت ان تنظيم تي پابندي لاڳو ڪئي هئي،جنهن کي جلد هٽايو به ويو هو.انهن ڏينهن ۾ انٽيليجنس اداري جو اهم پيل پائو، عمران خان سان گڏ هو ۽ ان ئي ماضي ۾ فيض آباد ڌرڻي دوران ان تنظيم جي مدد ڪئي هئي ۽ هڪ معاهدو به ڪيو ويو،جنهن تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي تنقيد ٿي.

هينئر پنجاب ڪابينا ٽي ايل پي تي پابندي لاڳو ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، ان فيصلي کانپوءِ ڪي حلقا ن ليگ کي نشانو بڻائي رهيا آهن ته اها پنهنجي مسلڪ جو دفاع ڪندي ٽي ايل پي تي پابندي لاڳو ڪري رهي آهي.پر حقيقت اها آهي ته مسلڪ کان وڌيڪ پابندي انهن قدمن جي نتيجي ۾ مڙهي پئي وڃي، جنهن جا منظر ڪجهه ڏينهن پهريان لاهور ، پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ نظر آيا.ٽي ايل پي ۽ سويلين فورسز ۾ ويڙهه جو مک ميدان پنجاب هو،جتي مريدڪي ۾ مذهبي تنظيم جو گهيرو ڪري وڏو آپريشن ڪيو ويو،جنهن ۾ هڪ طرف پوليس اهلڪار ۽ ٻي طرف وري تنظيم جا ڪارڪن ماريا ويا.تحريڪ جا ٻه مک اڳواڻ ڀائر به هيل تائين غائب آهن، جن جي باري ۾ ڪجهه به ظاهر نه پيو ڪيو وڃي.
پنجاب ڪابينا جو چوڻ آهي ته ان ٽي ايل پي تي پابندي جو فيصلو ان وقت ڪيو،جڏهن مذهبي جماعت جي ڪارڪنن پنجاب ۾ 11 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن کي شهيد ۽ 250 کان وڌيڪ کي زخمي ڪيو.رپورٽ مطابق ماضي ۾ ٽي ايل پي جي احتجاج دوران نه صرف سويلين ۽ اهلڪارن جو وڏو جاني نقصان ٿيو هو،پر 60 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار تشدد سبب اکين جي نور کان محروم ٿي ڪري اپاهج ٿي زندگي جا مشڪل ڏينهن گذاري رهيا آهن.هينئر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي،ان صورتحال جو فائدو وٺندي تحريڪ انصاف به ٽي ايل پي جو ساٿ ڏيندي نظر آئي،ائين جيئن ڪنهن زماني ۾ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي تي متحدا جي ويڙهاڪن جي حملن يا ٻنهي ڌرين ۾ ويڙهه کانپوءِ ايم ڪيو ايم حقيقي سني تحريڪ ۾ پناهه ورتي هئي.انهن ڏينهن ۾ سني تحريڪ جي مذهبي اجتماع ۾ وڏو حملو به ٿيو هو،جنهن ۾ سوين عورتون ته مارجي ويون،پر تحريڪ جي مک يا فرنٽ لائين قيادت به ختم ڪئي وئي هئي.ان حملي جا پيرا ته کنيا ويا،پر ملوث ڌر سگهاري هجڻ سبب ڪو به ايڪشن نه ورتو ويو.جيڪي عورتون ۽ مرد ڌماڪي ۾ ماريا ويا،انهن جي اڪثريت جو واسطو لياري جي علائقي کارادر جي ميمڻ برادري سان هو،هي اها برادري آهي،جيڪا سني تحريڪ سان گڏ ٽي ايل پي کي به فنڊنگ ڪري رهي آهي.سڀني ڏٺو ته ڪيئن لياري جي علائقي ڪلري يا هڱورا آباد ۾ ٽي ايل پي جو هڪ ايم پي اي به ڪامياب ٿيو ۽ بهار ڪالوني مان وري جماعت اسلامي جو رشيد کٽي آيو يا کيس کٽرايو ويو،جيتوڻيڪ بهار ڪالوني ۾ ڊگهي عرصي کان جماعت اسلامي جو رڳو هڪ ناظم يا يوسي چيئرمين کٽي ايندو هو.
هينئر ٽي ايل پي جي احتجاج ۾ پي ٽي آءِ وڌي چڙهي ڪري رياست خلاف حصو وٺي رهي آهي،ٻئي ڌريون سمجهن ٿيون ته سندن مخالف يا ”دشمن“ ساڳيو آهي.پي ٽي آءِ رڳو ڪراچي ۾ نه، نه ئي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پر ڪي پي ۾ حڪومتي سطح تي مذهبي جماعت جي احتجاج ۾ شامل ٿي.ان پارٽي اهو به اشارو ڏنو آهي ته اها ٽي ايل پي سان گڏ مستقبل ۾ احتجاج ۾ ساٿ ڏيندي رهندي.ڪي سياسي پنڊت ياد ڏيارين ٿا ته هي ساڳي پي ٽي آءِ آهي،جنهن جي باني عمران خان ٽي ايل پي کي رياست دشمن قرار ڏيندي پابندي لاڳو ڪئي هئي،پر جلد ڪنهن جي اشاري تي اها هٽائي به وئي هئي.هينئر عمران خان جون ان دور جون ويڊيوز به پلي ڪيون پيون وڃن، جنهن ۾ هو وڌي چڙهي ڪري ان جماعت جي مخالفت ڪري رهيو هو.

ٽي ايل پي تي پابندي جي سفارش پنجاب حڪومت ڪئي آهي،پر ان کي ووٽ بينڪ جي حوالي سان به ڏٺو وڃي پيو.ن ليگ پنجاب سمجهي ٿي ته پي ٽي آءِ انهن لاءِ صوبي ۾ وڏو چيلينج آهي،جيڪڏهن ٽي ايل پي ۽ عمران خان جي حامين ۾ ڪو Un-holy Alliance قائم ٿي وڃي ٿو ته صوبائي حڪومت لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون،ان سان گڏ ن ليگ کي به گهڻو نقصان پهچندو.ن ليگ جي صوبائي حڪومت به آساني سان حڪمراني ڪري نه سگهندي، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي وڏي حصي کي هي پارٽيون متاثر ڪري سگهن ٿيون. عام تاثر هي آهي ته پنجاب حڪومت ته مُهري طور استعمال ٿي آهي،اصل معاملو واڳ ڌڻين جو آهي.اهي ٽي ايل پي سميت انهن سمورين تنظيمن جي خلاف قدم کڻڻ گهرن ٿيون، جيڪي رياست لاءِ يا وري پرڏيهي محاذ تي وفاقي حڪومت لاءِ پريشانيون پيدا ڪري سگهن ٿيون.هينئر ٽي ايل پي تي اهڙي وقت ۾ پابندي جي سفارش ڪئي وئي آهي،جنهن وقت غزا ۾ حماس ۽ اسرائيل ۾ معاهدي کانپوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ شرم الشيخ ۾ عرب ۽ مسلمان ملڪن جي اڳواڻن کي خطاب ڪيو، جنهن ۾ شهباز شريف کي وڌيڪ پذيرائي ملي.هي ڳالهه نه ئي ٽي ايل پي کي وڻي، نڪي وري پي ٽي آءِ کان برداشت ٿي،انڪري انهن حڪومت تي دٻاءُ وجهي عالمي سطح تي هي پيغام ڏنو ته اصل قوت ن ليگ نه پر پي ٽي آءِ ۽ ٽي ايل پي آهن.ٽي ايل پي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملي لاءِ وڃي رهي هئي، جڏهن ان کي وڃڻ کان روڪيو ويو ته پوءِ ان جي اڳواڻن جو زور ان ڳالهه تي هو ته لاهور ۾ آمريڪي قونصليٽ کي يادداشت نامو ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر اهو وڏي جوکي جو ڪم هو،انڪري پنجاب حڪومت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو.
ماضي ۾ ٽي ايل پي جي احتجاج سبب ن ليگ جي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي قانون جي وزير کي استعيفا ڏيڻي پئي، هو اهو وزير هو جيڪو ن ليگ کي جنرل پرويز مشرف کان سوکڙي ۾ مليو هو.ان کانپوءِ ٽي ايل پي فيض آباد ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ان ن ليگ کي پريشان ڪيو هو.ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ جي ججمنٽ موجود آهي،جنهن ۾ نه صرف ٽي ايل پي پر ڪيترن فوجي آفيسرن جي خلاف قدم کڻڻ جي سفارش ڪئي وئي.
هينئر پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سويلين حڪومت جي هٿ وس گهٽ آهي،سڀني کي خبر آهي ته حڪومت جون واڳون ڪنهن جي هٿ ۾ آهن.عمران خان جي ڏينهن ۾ هو آمريڪي صدر جي فون جو انتظار ڪندو هو،هاڻ ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ نئين صفبندي ٿي آهي،صدر ٽرمپ ، شهبازشريف ۽ عظيم گهوڙيسوار کي پنهنجي آشيرواد سان نوازي چڪو آهي.انڪري واڳ ڌڻي به حساس ٿي ويا آهن.هيءَ ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي ته واڳ ڌڻين ڪنهن مذهبي جماعت کي پهريون ڀيرو عاق نه ڪيو آهي، پر اهي سمورا ويڙهاڪ جن ڀارت جا جهاز اغوا ڪيا،ڪشمير ۽ افغانستان ۾ ويڙهه وڙهي،سڀني مان جان آجي ڪرائي وئي، هاڻ وارو پي ٽي آءِ ۽ ٽي ايل پي جو آهي يا ڪنهن ٻئي مذهبي جماعت جو،جنهن جو انتظار ڪرڻ گهرجي….
_______________

الھ بخش راٺوڙ سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



