شڪرگذاريءَ جو فلسفو: هڪ آفاقي احسان مندي ۽ زندگيءَ جي هر پل جو لازمي حصو
شڪرگذاري هڪ مڪمل روحاني حالت ۽ اهڙو احساس آهي جيڪو انسان جي روح کي پاڪيزه ڪري ٿو ۽ سندس زندگيءَ کي معنيٰ بخشي ٿو. شڪرگذاري هڪ اهڙو ٻج آهي جيڪو جڏهن دل ۾ پوکبو آهي ته اتي خوشي، سڪون ۽ محبت جا گل ٽڙندا آهن.
عبدالله عثمان مورائي
شڪرگذاري رڳو هڪ لفظ “مهرباني” چوڻ جو نالو ناهي پر شڪرگذاري هڪ مڪمل روحاني حالت ۽ اهڙو احساس آهي جيڪو انسان جي روح کي پاڪيزه ڪري ٿو ۽ سندس زندگيءَ کي معنيٰ بخشي ٿو. اها هڪ اهڙي دري آهي جتان اسان زندگيءَ جي نعمتن کي ڏسندا آهيون.

جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ جو گهرو جائزو وٺون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اسان احسانن جي هڪ اهڙي سمنڊ ۾ ٻڏل آهيون جنهن جي ڪا حد ناهي. اسان جي وجود جي بقا ۽ اسان جي ترقيءَ جي پٺيان بيشمار هٿ، ذهن ۽ ڪوششون شامل آهن. اسان جي چوڌاري اهڙيون بيشمار شيون ۽ هستيون آهن جن جي اسان کي هر گهڙيءَ مهرباني مڃڻ ۽ چوڻ گهرجي. شڪرگذاري رڳو لفظن تائين محدود ناهي پر اها هڪ رويو ۽ هڪ سوچ آهي جيڪا اسان جي وجود ۾ سمايل هجڻ گهرجي.
اسان جي زندگيءَ جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ماڻهو ۽ عنصر اسان جي ترقيءَ، خوشيءَ ۽ وجود جو سبب بڻجن ٿا. اچو ته انهن مان ڪجهه اهم هستين ۽ شين جو ذڪر ڪري انهن کي ڀيٽا ڏيون ۽ سندن مهرباني مڃو.
ماءُ پيءُ، زندگيءَ جو سرچشمو ۽ وجود جي پهرين معنيٰ
شڪرگذاريءَ جي فهرست جو آغاز اسان جي والدين کان ٿئي ٿو. سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جن اسان کي جنم ڏنو، پاليو، پنهنجي رت ۽ پگهر سان اسان جي پرورش ڪئي. اهي نه رڳو اسان جي وجود جو سبب آهن پر اهي اسان جا پهريان محافظ پڻ آهن. ماءُ جي ممتا جيڪا بنا ڪنهن غرض جي پالي ٿي ۽ پيءُ جو پاڇو جيڪو هر طوفان آڏو ڍال بڻجي بيٺو رهي ٿو. انهن جي ڏنل تربيت ئي اسان جي شخصيت جو بنياد آهي. انهن جون قربانيون، پيار ۽ دعائون ئي آهن جن اسان کي هن دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني.
جيون ساٿي، زندگيءَ جو اڌ حصو
اسان کي پنهنجي جيون ساٿي جو خاص ۽ دل سان شڪر گذار هجڻ گهرجي. زندگي هڪ ڊگهو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏکيو سفر آهي جنهن ۾ هڪ اهڙو انسان جيڪو اسان جي خاموشين کي سمجهي، اسان جي ٿڪ کي ونڊي ۽ اسان جي خوابن کي پنهنجو ڪري. اهو انسان جنهن سان اسان پنهنجي زندگي، خوشيون، ڏک ۽ خواب ونڊيون ٿا. اهو ساٿي جيڪو زندگيءَ جي هر موڙ تي اسان سان گڏ هلي ٿو ۽ اسان جي گهر توڙي زندگيءَ کي مڪمل ڪري ٿو سو قدرت جي وڏي نعمت آهي. اهو ساٿي جيڪو گهر جي ذميوارين کان وٺي دل جي دلاسيداريءَ تائين هر موڙ تي اسان سان گڏ آهي تنهن جي موجودگي ۽ ان جي محبت ۽ قرباني مهرباني چوڻ جي لائق آهي.
علم جا روشن چراغ استاد ۽ روحاني رهبر
استاد اهي معمار آهن جيڪي انساني ذهنن کي گهڙين ٿا. اسان جا استاد جن اسان کي علم جي روشني ڏني، صحيح ۽ غلط جي تميز سيکاري ۽ زندگيءَ جي راهن تي هلڻ لاءِ رهنمائي ڪئي. انهن جي تعليم ۽ تربيت ئي اسان کي سماج جو هڪ ڪارائتو فرد بڻائي ٿي. انهن جي ڏنل علم ئي اسان کي ان قابل بڻايو آهي ته اسين دنيا کي سمجهي سگهون.
اهڙي طرح اهي روحاني استاد جن اسان کي اهو درس ڏنو ته اصل دين انسانيت جي خدمت، سچائي ۽ همدرديءَ آهي. انهن اسان کي اهو سيکاريو ته خدا تڏهن خوش ٿئي ٿو جڏهن اسين ڪنهن غريب جي مدد ڪريون ٿا. اهو احساس ته ٻئي جي ڪم اچڻ ئي اصل تعليم آهي جيڪا ئي اصل انساني تعليم آهي. دل جي نرمائي ۽ همدردي ئي انسان کي انسان بڻائي ٿي. تنهن لاءِ انسان کي اهڙن رهبرن جي به مهرباني مڃڻ گهرجي جن دنيا ۽ آخرت جا سبق سيکاريا.
رشتن جو سهارو ۽ محبتن جا تاڃي پيٽا خاندان ۽ سماجي دائرو
اسان جا ڀائر، ڀينرون، مائٽ، پاڙيسري ۽ دوست اسان جي زندگيءَ ۾ رنگ ڀرين ٿا. اسان جي زندگيءَ ۾ پيار، ساٿ ۽ سهارو ڏين ٿا. پاڙيسري جيڪي اوکي وقت ۾ سڀ کان پهريان پهچن ٿا ۽ اهي دوست جيڪي اسان جي ناڪامين ۾ به اسان جو حوصلو وڌائين ٿا. ان کانسواء اسان سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿي جن سان اسان ڏينهن جو وڏو حصو گڏ گذاريون ٿا انهن جو تعاون اسان جي پيشيورانه زندگي کي آسان بڻائي ٿو انهن کي به مهرباني چوڻ نه وسارجي.

ترقي يافته ملڪ ۽ بين الاقوامي تعاون : گڏيل فائدي وارو ساٿ (Win-Win)
عالمي سطح تي اسان کي انهن ملڪن ۽ رياستن جو شڪرگذار هجڻ گهرجي جيڪي پنهنجا دروازا غريب ملڪن جي شاگردن ۽ پورهيتن لاءِ کولين ٿا ۽ پاڻ وٽ جاءِ ڏين ٿا. هي هڪ “Win-Win” صورتحال آهي يعني جنهن ۾ ٻنهي جو فائدو هجي ٿو. اهي ملڪ نئين قابليت يعني ذهين شاگرد ۽ محنتي پورهيتن جي محنت حاصل ڪن ٿا. موٽ ۾ غريب ملڪن جي ماڻهن کي بهتر تعليم، روزگار ۽ ترقيءَ جا موقعا ملن ٿا ۽ اهي شاگرد ۽ پورهيت پنهنجن خاندانن ۽ اباڻن ملڪن جي معاشي حالت کي بهتر بڻائين ٿا. هي تعاون دنيا کي هڪ عالمي ڳوٺ (Global Village) بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
زندگيءَ جا حقيقي هيرو هاري، پورهيت ۽ مزدور
اسان کي انهن هارين ۽ مزدورن جي مهرباني مڃڻ گهرجي جن جي ڪري اسان جي دٻڪي يا پنڊيء تي موجود مانيءَ جو هر گرهه ۽ ڳڀو موجود آهي. اسان جيڪو به کاڌو کائون ٿا ان جي پٺيان انهن جي لڪل محنت هوندي آهي. اهو ئي انهن هارين جي محنت جو نتيجو آهي جيڪي تپندڙ ۽ ٻرندڙ اس ۽ سخت سرديءَ ۾ ٻنين ۾ پگهر وهائين ٿا ۽ ڏينهن رات محنت ڪري اسان لاءِ اناج پيدا ڪن ٿا. انهن مزدورن جي به مهرباني جن اسان لاءِ گهر اڏيا، رستا ٺاهيا ۽ شهر وسايا. اسان جي سهولت واري زندگي انهن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ئي آهي.
سائنس، ايجادون، طبي ترقي ۽ جديد زندگيءَ جا معمار سائنسدان ۽ موجد
اڄ جي جديد زندگي سائنسدانن جي محنت جي ڪري آهي. سائنسدانن ۽ موجدن جي ڪوششن جي ڪري ئي اڄ اسان جديد سهولتن مان فائدو وٺي رهيا آهيون. اسان کي انهن جي به مهرباني مڃڻ گهرجي جن بجلي، گاڏيون، سفر جا تيز ۽ جديد طريقا ۽ انٽرنيٽ جهڙيون ايجادون ڪيون. خاص طور تي طبي ماهرن جا جن اهڙيون ويڪسينون ۽ دوائون دريافت، ايجاد ۽ تيار ڪيون جن انسان کي خطرناڪ وبائن ۽ موذي مرضن کان بچائي ورتو. اڄ جيڪڏهن انسان جي سراسري عمر وڌي آهي ته اهو انهن محققن جي راتين جي جاڳ ۽ محنت جو نتيجو آهي.
پالتو جانور خاموش ساٿي ۽ بي زبان محبتون
اسان کي پنهنجي پالتو جانورن جهڙوڪ ٻلين ۽ ڪتن جي به مهرباني مڃڻ گهرجي جيڪي انسان جا خاموش ۽ وفادار ساٿي آهن. اهي اسان کي بنا ڪنهن لالچ جي پيار ۽ خوشي ڏين ٿا. انسان جي زندگيءَ ۾ ٻليون، ڪتا ۽ ٻيا پالتو جانور رڳو جانور ناهن هوندا پر اهي جهڙوڪ گهر جا ڀاتي بڻجي ويندا آهن. انهن جي وفاداري، بي لوث محبت ۽ اها خوشي جيڪا اهي رڳو پڇ لوڏي يا مياؤ ڪري ڏين ٿا سا انسان جي اڪيلائي ۽ ذهني دٻاءُ کي گهٽائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي.
پاليسي ساز ۽ نظام زندگيءَ جي ترتيب
اسان کي انهن پاليسي سازن جي به مهرباني ادا ڪرڻ گهرجي جيڪي اهڙا قانون ۽ سسٽم جوڙين ٿا جن سان عام ماڻهوءَ جي زندگي سولي ٿئي ٿي. اهي نظام جيڪي امن امان، انصاف ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ٿا اهي ئي سماج جي ترقيءَ جو بنياد آهن.
نعمت، قدرت ۽ ڪائنات جو عظيم خالق رب العالمين
آخر ۾ سڀ کان مٿانهين ۽ وڌيڪ اسان کي ان عظيم طاقت خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جنهن هي سموري ڪائنات تخليق ڪئي. هن اسان کي زندگي ڏني، سج جي روشني ۽ پاڻي جهڙيون بيشمار نعمتون عطا ڪيون. هن اسان کي حواس ڏنا، اکين جي ڏسڻ جي قوت ۽ ساهه کڻڻ لاءِ تازي هوا ۽ دل جي ڌڙڪن جاري ڪئي، اهي سڀ اهڙيون نعمتون آهن جن جي قيمت ڪو به ادا نٿو ڪري سگهي.
هڪ تجسس: سئو سالن کان پوءِ شڪرگذاري ڪنهن جي هوندي؟
سئو سالن کان پوءِ جڏهن دنيا جو نقشو ۽ نظام شايد بلڪل تبديل ٿي چڪو هوندو تڏهن ان دور جو انسان رب ڪائنات ۽ خالق حقيقيء کانسواء ٻيوڪنهن جي مهرباني يا ٿورا مڃيندو هوندو؟ هاڻي اچو ته هڪ گهڙيء لاءِ سوچون ته اڄ کان 100 سال پوءِ، يعني سال 2126ع ۾ انسان ڪنهن جي مهرباني مڃيندو هوندو؟
شايد ان وقت جا ماڻهو اسان جي (اڄ جي نسل جي) مهرباني مڃيندا ته اسان پنهنجي جنگين ۽ اختلافن جي باوجود ڌرتيءَ کي مڪمل تباهي کان بچايو يا شايد اهي انهن مصنوعي ذهانت (AI) جي خالقن جي مهرباني مڃيندا جن انسان کي روزمره جي سخت پورهئي کان آزاد ڪري تخليق جي نئين دنيا ۾ پهچايو هوندو.
پر هڪ وڏو امڪان اهو به آهي ته ان وقت جا انسان انهن نامعلوم ماحولياتي هيروز جي مهرباني مڃيندا جن اڄ جي دور ۾ ماحولياتي تبديلين خلاف سخت جدوجهد ڪئي ته جيئن اسان کي هڪ محفوظ ڌرتي ملي سگهي. جن اڄ ٻوٽا لڳايا ۽ گدلاڻ گهٽائي ته جيئن سو سال پوءِ جو ٻار به صاف هوا ۾ ساهه کڻي سگهي يا شايد اهي انهن ماڻهن جا ٿورا مڃيندا جن اڄ اهڙا ٻج پوکيا جن مان سو سال پوءِ جا انسان ميوو کائي رهيا هوندا.
اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان دور جا ماڻهو انهن سائنسدانن جي مهرباني مڃين جن شايد ڪينسر جهڙي مرض جو مڪمل خاتمو ڪيو هوندو يا انهن اڳواڻن جا جن سڄي دنيا کي هڪ اهڙي امن جي ڌاڳي ۾ پوئيو هوندو جتي غربت ۽ جنگ جو نالو نشان به نه هوندو. شڪرگذاريءَ جو اهو سلسلو وقت سان گڏ وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ٿيندو رهندو. شڪرگذاريءَ ۽ مهرباني مڃڻ جو هي تسلسل ئي انسان کي هڪ ٻئي سان جوڙي رکي ٿو.
آخر ۾ مختصر طور تي حاصل مقصد ته شڪرگذاري هڪ اهڙو ٻج آهي جيڪو جڏهن دل ۾ پوکبو آهي ته اتي خوشي، سڪون ۽ محبت جا گل ٽڙندا آهن.
_________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.




عبداللہ سائین زبردست لکیو آ توھان،
سچ پچ، شڪر ڪرڻ به عبادت آهي. جڏهن انسان شڪرگذاريءَ جي ڪيفيت ۾ جيئندو آهي ته هو پاڻمرادو خوشحالي، سڪون ۽ abundance جي احساس ۾ رهندو آهي. زندگيءَ جون گھڙیون به نعمت لڳنديون آهن، ۽ هر پاسو ڀرپور محسوس ٿيندو آهي، ۽ صحتمند زندگي بہ ؤڏي نعمت آ۔
توهان پنهنجي ڪالم ۾ تقريبن سڀ پاسا سهڻي نموني سان ڪور ڪيا آهن، پر هڪ پاسو اهڙو به آهي، جنهن جو ذڪر نه ٿيڻ سان ڳالهه اڌوري رهجي وڃي ٿي، اسان کي انھن محبوبن جو انھن احساس جو بہ شڪریو ادا ڪرڻ گھرجي، اهي محبوب، جن لاءِ دل پهريون ڀيرو زور سان ڌڙڪي هئي، جن جي اچڻ سان احساسن ۽ جذبن ۾ نئين تبديلي آئي هئي. جن جي ھجڻ سان زندگي کي نئون اتساہ ملیو،
اهي محبوب، جن اسان کي مجازي عشق کان آفاقي عشق جون راهون ڏيکاريون. ڇو ته مجازي عشق ئي پهريون ڏاڪو آهي عشقِ حقيقي ڏانهن، ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي منزل تائين پهچڻ جو آغاز پڻ اتيان ٿئي ٿو.
جيون ساٿيءَ جو شڪر ادا ڪرڻ بيشڪ لازم آهي، پر Soul Mate جو شڪر ادا ڪرڻ به اوترو ئي ضروري آهي. ڇو ته سندن زندگيءَ ۾ هجڻ هڪ نعمت آهي، ۽ نه هجڻ پاڻ ۾ هڪ جستجو.
ٿورا ئي ٿورا مون تي محبوبن جا، ماروئڙن جا….
تنھن عشق کي شاباش جنھن محبتي میڙیا،
اهي احساس، اهي ماڻهو، جن عشق کي شاباش ڏني، جن محبت کي معنى بخشي، جن دل کي دل سان ڳنڍي ڇڏيو،انهن سڀني جا ٿورا مڃڻ به لازم آهن۔
لطيف سائين به ته انهن محبوبن جو شڪر ادا ڪندي ڀيٽا ڏئي ٿو، جڏهن هو چوي ٿو:
ڪڏهن ڪون ٿيم آتارو تنھن عشق جو،
محبوبن منٿون ڪري سڪڻ سيکاريوم،
تهن کان پوءِ ٿيم پسڻ تن پِرين جو…..