2021 ۾ اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري: سندس بازيابيءَ بابت بي نتيجا دعوائون
پريا جو ڪيس رڳو اغوا جو ڪيس ناهي؛ اهو سنڌ ۾ قانون جي ڪمزوري، انصاف جي سُستي ۽ حڪمرانن جي بي حسي جو آئينو آهي.
معصوم پريا جڏهن صرف ستن ورهين جي هئي، تڏهن 8 آگسٽ 2021ع، ڏهين محرم واري ڏينهن، پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪربلا جي اچايل شهيدن جي ياد ۾ سبيل ورهائيندي، اوچتو قسمت جي اونداهن هٿن ۾ گم ٿي وئي
مُشتاق ٽانوري
سکر ضلعي جي سنگرار واري ڌرتي، جڏهن سڪون ۽ سادگي جي علامت هئي، تڏهن اتان جي هڪڙي پيارڙي گھر ۾ پريا ڪماري جهڙي پيارڙي نياڻي رهندي هئي، پريا جڏهن کلندي ته هئي ته لڳندو هو ڄڻ صبح جي روشني کلندي هجي، روئندي هئي ته ڄڻ آسمان به وسڻ لڳندو هجي. پر ظلم کي مسڪراهٽن سان ڪا همدردي نه هوندي آهي. چند لمحن ۾ هڪ معصوم زندگي اغوا ٿي وئي ۽ ساڻس گڏ والدين جو سڪون به کنڀجي ويو. سنگرار هڪ معصوم نياڻي جي اغوا کانپوءِ ڏک جي ڪاري ڇانوَ هيٺ اچي چڪو آهي. پريا ڪماري جو نالو هاڻي رڳو هڪ نياڻي جو نالو نه رهيو آهي، پر اهو سنڌ جي اجتماعي ضمير جو سوال بڻجي ويو آهي. اهو سوال، جيڪو هر ماءُ جي ننڊ ڦٽائي ٿو، هر پيءُ جي ساهه کي ڳرو ڪري ٿو ۽ هر حساس دل کي زخمي ڪري ٿو.

معصوم پريا جڏهن صرف ستن ورهين جي هئي، تڏهن 8 آگسٽ 2021ع، ڏهين محرم جي حشر واري ڏينهن تي، پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪربلا جي اچايل شهيدن جي ياد ۾ سبيل ورهائيندي، اوچتو قسمت جي اونداهي هٿن ۾ گم ٿي وئي. اهو ڏينهن جيڪو قربانيءَ جي ياد سان جڙيل هوندو آهي، ان ڏينهن ظلم پنهنجو سڀ کان ڪارو چهرو ڏيکاريو. هڪ گل جهڙي نياڻي کي سماج جي باغ مان نوچي کنيو ويو. سنگرار اهو علائقو آهي جتي طاقتور ماڻهن جي مرضي قانون کان مٿي سمجهي وڃي ٿي. چيو وڃي ٿو ته اتي ڪجهه بااثر خاندانن جي رضا کانسواءِ پن به نٿو چُري. ان سموري علائقي ۾ اڳ ڪڏهن به ڪنهن نياڻيءَ جي اهڙي نموني گمشدگي نه ٿي هئي. پريا جي اغوا ڄڻ خاموش حڪمرانيءَ جي چهري تان پردو هٽائي ڇڏيو. پريا جي واپسي لاءِ سنڌ جا ضمير جاڳيا. رستن تي احتجاج ٿيا، نعرن سان فضا گونجي اٿي، ۽ ماڻهن اکين ۾ انصاف جي اُميد کڻي روڊن تي نڪتا. تڏهوڪي چيف جسٽس سنڌ جسٽس احمد علي شيخ نوٽيس ورتو. پوليس جا وڏا آفيسر سکر ۾ ڪئمپون هڻي ويهي رهيا، جاچ ٽيمون ٺهيون، جي آءِ ٽي جوڙي وئي، سنگرار کان پنجاب تائين ڳولا ڪئي وئي، پر نتيجو ساڳيو، خاموشي، ناڪامي ۽ مايوسي. وقت گذرندو رهيو، فائلون ٿڪجي پيون، پر پريا جو ڪو پتو نه پيو.
جڏهن سال اڳ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پريا ڪماريءَ بابت خوشخبري ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، تڏهن پريا جي والدين جي مرجهايل چهري تي اهڙيءَ ريت روشني موٽي آئي هئي، جو ڄڻ اونداهي رات کان پوءِ اوچتو سج اڀري آيو هجي. امڙ روينا ڪماري جون اکيون، جيڪي مهينن کان ڳوڙهن سان ڀريل هيون، اميد جي چمڪ سان روشن ٿي ويون هيون ۽ پيءُ راج ڪمار جي دل ۾ ٻيهر ڌڙڪڻ جي همت پيدا ٿي هئي. پر اها خوشي گهڻو وقت نه ٽڪي سگهي. وقت جي بي رحم لهرن ان آس کي به ٻوڙي ڇڏيو. خوشخبري، دلاسي ۾ بدلجي وئي، ۽ دلاسا خاموشيءَ ۾ دفن ٿي ويا پريا واپس نه آئي. ان انتظار جي ٽٽڻ سان پريا جي گهر ۾ ڄڻ ماتم سدائين لاءِ مسڪن ٺاهي ڇڏيو. ڀتين تي خاموشي لڙڪن وانگر وهڻ لڳي، هر ڪنڊ ۾ سسڪيون وسڻ لڳيون ۽ هر گهڙي سوڳ جو ڪارو ڪپڙو اوڍي بيٺي رهي. اهو گهر نه رهيو، پر درد جي مزار بڻجي وئي، جتي هر ساهه سان اميد مرندي رهي.

هاڻي وري آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي بيان هڪ ڀيرو ٻيهر اميد جي ننڍڙي ڏيئي کي ٻاريو آهي. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته هزارين ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي، جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي ، پنجاب پوليس ۽ ايف آءِ اي سان رابطا ڪيا ويا آهن. اُتي خدشو ظاهر ڪيو ويو ته شايد نياڻي کي ڪچي جي ڌاڙيلن تائين پهچايو ويو هجي. اهو به چيو پي ويو ته پريا ڪنهن خطرناڪ ڌاڙيل وٽ قيد ٿي سگهي ٿي پر الزام هيٺ آيل ڌاڙيل وڊيو بيان ۾ انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي سوشل ميڊيا تي بحث باهه وانگر پکڙجي رهيو آهي. ڪو رياست جي ڪردار تي سوال ٿو ڪري، ڪو پوليس تي ۽ ڪو طاقتور ڌرين ڏانهن آڱريون کڻي ٿو پر هن سموري شور ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪا شيءِ گم آهي، اها آهي پريا ڪماري پاڻ. سوشل ميڊيا تي لفظن جي جنگ جاري آهي، پر هڪ ماءُ اڃا به در ڏانهن ڏسي رهي آهي ته شايد اڄ سندس ڌيءَ موٽي اچي.
پريا جو ڪيس رڳو اغوا جو ڪيس ناهي؛ اهو سنڌ ۾ قانون جي ڪمزوري، انصاف جي سُستي ۽ حڪمرانن جي بي حسي جو آئينو آهي. اهو هر ان ماءُ جو خوف آهي، جيڪا پنهنجي نياڻي کي اسڪول موڪليندي دعا گهري ٿي ۽ هر ان پيءُ جي بي وسي آهي، جيڪو پنهنجي ٻچڙي جي حفاظت لاءِ رياست ڏانهن ڏسي ٿو.

حڪمران هر ڪجهه مهينن بعد چون ٿا ته، ” پريا جلد بازياب ٿيندي“ پر چار ورهيه ڪنهن ماءُ لاءِ چار صدين کان گهٽ ناهن هوندا. سوال اهو آهي ته هي ”جلد“ آخر ڪيترو عرصو ڊگهو هوندو؟ سال؟ ڏهاڪا؟ يا نسل؟ پوليس جي ڪارڪردگي هن ڪيس ۾ هڪ زخمي داستان بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن رياست هڪ معصوم نياڻي کي به واپس نه آڻي سگهي ته پوءِ اها ڪهڙي قسم جي رياست آهي؟ پريا ڪماري جي واپسي رڳو هڪ خاندان جي خوشي ناهي، پر اها رياست جي ساک جو سوال آهي. جيڪڏهن اڄ پريا محفوظ نه ٿي سگهي، ته سڀاڻي ڪنهن به گهر جي نياڻي محفوظ نه هوندي.
هاڻي وقت آهي ته بيانن جا در بند ڪري، عمل جا در کولي ڇڏجن ڇو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان رڳو وقت نٿو وڃائجي، پر سڄي سماج جو اعتماد آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن رياست هڪ نياڻي کي به واپس نه آڻي سگهي ته پوءِ قانون جا نعرا سکڻا ڀاشن آهن؟ جيڪڏهن ڌاڙيل حڪمراني ڪن ٿا ته پوءِ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ پريا جي واپسي انصاف جي واپسي هوندي. حقيقت ته هي به آهي ته جنهن سماج ۾ معصوم ٻار گم ٿين اتي مستقبل به اغوا ٿي ويندو آهي.
_________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



