سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن: تدريسي معيار سڌرڻ ۽ شاگردن جي حاضريءَ ۾ واڌ جي دعوا
ايس اِي ايف سکر ضلعي جي اجلاس ۾ ڪجھ اسڪولن ۾ استادن جي سکيا، ڪلاس روم مينيجمينٽ، تدريسي وسيلن ۽ والدين سان رابطن جي گهٽتائيءَ جو جائزو ورتو ويو
سکر
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اِي ايف) جي ضلعي ٽيم سنڌ جي اسڪولن ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ شاگردن جي سکيا جا نتيجا موثر بڻائڻ لاءِ اسڪول ڪارڪردگيءَ بابت هڪ اجلاس ۾ جامع جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ موجوده تعليمي صورتحال، ڪاميابين، مسئلن ۽ مستقبل جي حڪمت عملين تي تفصيلي روشني وڌي وئي.
اجلاس ضلعي سربراهه اياز انصاري ۽ ريجنل ڊائريڪٽر مقبول لغاري جي اڳواڻي هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ساٿي ادارن، تعليمي ماهرن، اسڪول منتظمين ۽ مقامي اسٽيڪ هولڊرز وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ضلعي سطح تي هلندڙ اسڪولن جي تدريسي ۽ انتظامي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويو. ايس اي ايف ٽيم اسڪولن جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تدريسي معيار ۾ سڌارا آيا آهن، شاگردن جي حاضري ۾ واڌ ٿي آهي ۽ انتظامي نظام کي وڌيڪ منظم بڻايو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪجهه اسڪولن ۾ موجود کوٽ جي به نشاندهي ڪئي وئي، جن ۾ استادن جي تربيت، ڪلاس روم مينيجمينٽ، تدريسي وسيلن جي کوٽ ۽ والدين سان رابطن جي گهٽتائي شامل آهي.
اجلاس دوران ٽيم شاگردن جي سکيا جا نتيجا بهتر بڻائڻ لاءِ جديد تدريسي طريقن بابت آگاهي ڏني. انهن ۾ شاگرد مرڪوز تدريس، جديد ڪلاس روم حڪمت عمليون، استادن جي پيشاورانه تربيت، ۽ ڪميونٽي سان لاڳاپيل تعليمي منصوبا شامل آهن. ٽيم زور ڏنو ته تعليم جي بهتري لاءِ صرف ڪتابي علم نه پر عملي مهارتن تي به ڌيان ڏيڻ انتهائي ضروري آهي.
ريجنل ڊائريڪٽر مقبول لغاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته،”سنڌ جي مستقبل جو دارومدار معياري تعليم تي آهي، ۽ ايس اي ايف جو مقصد آهي ته هر ٻار کي بهتر سکيا جو ماحول مهيا ڪجي. اسان گڏيل ڪوششن سان اسڪولن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان سڌارا آڻي سگهون ٿا.“
ضلعي سربراهه اياز انصاري چيو ته،” ڪوشش آهي ته هر اسڪول کي مضبوط انتظامي ڍانچي، تربيت يافته استاد ۽ جديد تدريسي وسيلن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن ٻارن کي معياري تعليم ملي سگهي.“
سيشن دوران ساٿي ادارن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ بهترين تعليمي تجربن کي وڏي پيماني تي لاڳو ڪرڻ بابت سفارشون پيش ڪيون ويون. انهن ۾ اسڪولن جي باقاعده نگراني، استادن جي صلاحيتن ۾ واڌ، تدريسي وسيلن جي فراهمي ۽ والدين کي تعليمي عمل ۾ شامل ڪرڻ شامل آهن. شرڪت ڪندڙن ايس اي ايف ٽيم جي قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته تعليمي شعبي کي درپيش چيلينجز دوران اهڙي منظم، اڳڀري ۽ ويزنري قيادت وقت جي اهم ضرورت آهي. هنن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙن قدمن سان سنڌ ۾ تعليمي نظام وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻجندو. اجلاس جي پڄاڻي تي ايس اي ايف ٽيم مقامي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي عملي منصوبا تيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن اسڪولن ۾ سڃاڻپ ڪيل کوٽون ختم ڪري سگهجن ۽ علائقائي سطح تي سکيا جو ماحول وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. تعليمي ماهرن موجب، ايس اي ايف جي هن قدمي سان سنڌ جي اسڪولن ۾ تدريسي معيار، انتظامي ڪارڪردگي ۽ شاگردن جي مجموعي سکيا ۾ نمايان بهتري اچڻ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن. (ريس رليز)
________________



