مراڪشي ڊگھي پڳ: ريگستاني هوائن سان ڳالھائيندڙ ڊگھي ڪپڙي جي دانائي
گائيڊ جمال منهنجي مٿي تي ڊگهو ڪپڙو ڦيرائڻ لڳو. ھُن پهرين پيشاني تي ويڙهيو، پوءِ ڪنن کي ڍڪيو، پوءِ ڳچيءَ جي چوڌاري هڪ حفاظتي پرت ٺاهي ڇڏيائين. هر ڦيري سان ڄڻ ڪو راز کوليندو هجي.
گائيڊ جمال چيو ته ريگستان ۾ واريون اڏامنديون آهن، سج تيز هوندو آهي، رات ٿڌي هوندي آهي. هي پڳ هر حالت ۾ اسان کي ڪم اچي ٿي.
اھا ئي پڳ اُٺ کي ٻڌڻ لاءِ رَسيءَ طور، کوھ مان پاڻي ڀرڻ، پاڻي ڇاڻڻ توڙي ضرورت پوڻ تي خيمي طور بہ استعمال ڪري سگھجي ٿي
عبدالله عثمان مورائي

مراڪش (Morocco) جي سحر انگيز بازارن، خوشبودار مصالحن ۽ ائٽلس جبلن جي اوٽ ۾ لڪل قديم تهذيب اڄ به پنهنجي اندر اهڙا راز رکي ٿي جيڪي جديد دنيا جي ماڻهن لاءِ حيرت جو باعث آهن. منهنجي مراڪش جي سفر دوران مون اتي ڪيترائي رنگ، خوشبوئون، آواز ۽ نيون روايتون ڏٺيون پر انهن سڀني مان جيڪا شيءِ منهنجي دل تي سڀ کان گهرو اثر ڇڏي وئي اها هئي مراڪش جي روايتي پڳ جنهن کي مقامي ٻوليءَ ۾ ’رزا‘ (Rezza) يا ’لثام‘ چيو ويندو آهي.
هي صرف مٿي تي ٻڌڻ وارو هڪ معمولي سينگار لاء پٽڪو يا پڳ ناهي پر ريگستاني زندگيءَ جو علم، حڪمت ۽ بقا جو هڪ اهم راز ۽ اوزار آهي. مراڪش جي تهذيب جا هي اهڙا حصا آهن جيڪي صدين کان صحرا جي سختين ۽ انساني ضرورتن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو بيٺا آهن. منهنجي لاءِ هي تجربو رڳو سياحت نه پر هڪ قديم تهذيب سان سچي سڃاڻپ هئي. هڪ اهڙو ڊگهو ڪپڙو جيڪو پنهنجي هر ور ۾ صدين جي تاريخ ۽ صحرائي زندگيءَ جي جدوجهد کي پاڻ ۾ ڳنڍيو بيٺو آهي.
مراڪش جي مارڪيٽ ۾ جمال جي رهنمائيءَ ۾ پڳ جي خريداريءَ کان وٺي، ان کي پهريون دفعو ٻڌڻ جي فن تائين جو نهايت يادگار تجربو
مان جڏهن مراڪش جي قديم بازارن خاص ڪري مدينه ۾ گهمي رهيو هئس ته اتي هر پاسي رنگن جي برسات هئي. مصالحَن جي خوشبو، چمڙي جي ٿيلهن جا اسٽال، هٿ سان ٺهيل قالين ۽ ۽ سياحن جي پيهه. اس ۾ چمڪندڙ ڪپڙن جي وچ مان گذرندي منهنجي نظر هڪ دڪان تي پئي. اتي رنگين ڪپڙن جي وچ ۾ مونکي نهايت ڊگهو، ملائم ۽ هلڪو ڪپڙو نظر آيو. اها ئي مراڪشي پڳ هئي. مونکي تجسس ٿيو ته هي ڪيترن ئي ميٽرن تي ٻڌل ايڏو ڊگهو ڪپڙو آخر ڪهڙي ڪم جو آهي؟

منهنجو سياحتي گائيڊ جمال، جيڪو رڳو رستن جو ڄاڻو نه پر مراڪش جي ثقافت ۽ تاريخ جو هڪ جيئرو جاڳندو ڪتاب هو، تنهن منهنجي حيرت کي ڏسندي مرڪي چيو ته هي رڳو ڪپڙو ناهي پر هي صحرا ۾ زنده رهڻ جو راز، اوزار ۽ اسان جو سچو ساٿي آهي.
جمال کي پاڻ ته پينٽ شرٽ پاتل هئي ۽ پاڻ اها پڳ نه ٻڌي هئائين پر ان روايت بابت سندس محبت ۽ ان بابت ڄاڻ تمام گهڻي هئي. سندس مشوري تي مون هڪ خوبصورت نيري رنگ جي پڳ خريد ڪئي. اها لڳ ڀڳ 8 کان 10 ميٽر ڊگهي هئي، جنهن کي مٿي تي سنڀالڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. پر جمال جيڪو ان کي ٻڌڻ جي فن ۾ ماهر هو تنهن هڪ ڪنڊ ۾ بيهي نهايت مهارت سان اهو ڪپڙو منهنجي مٿي تي ويڙهڻ شروع ڪيو.
جيئن جيئن هو پڳ ٻڌندو ويو هو ان جي تاريخي ۽ عملي اهميت تان پڙدا کڻندو ويو. جمال نهايت صبر سان منهنجي مٿي تي اهو ڊگهو ڪپڙو ڦيرائڻ لڳو. پهرين پيشاني تي ويڙهيو، پوءِ ڪنن کي ڍڪيو، پوءِ ڳچيءَ جي چوڌاري هڪ حفاظتي پرت ٺاهي ڇڏيائين. هر ڦيري سان ڄڻ ڪو راز کوليندو هجي.
جمال وضاحت ڪندي چيو ته “ريگستان ۾ واريون اڏامنديون آهن، سج تيز هوندو آهي، رات ٿڌي هوندي آهي. هي پڳ هر حالت ۾ اسان کي ڪم اچي ٿي.”
جڏهن هن پڳ ٻڌي تيار ڪئي ته مون پاڻ کي هڪ گهڙيء ۾ بدليل محسوس ڪيو. آئينو سامهون هو ۽ مون پاڻ کي ڏٺو، مون کي ائين لڳو ڄڻ مان ڪنهن فلمي منظر ۾ هجان، پر ان کان به وڌيڪ مان هڪ ثقافت جو حصو بڻجي ويو هئس. اها رڳو لباس جي تبديلي نه هئي پر ائين پي لڳو ڄڻ مان ان ڌرتيءَ جي روح ۽ قديمي ثقافت سان ڳنڍجي ويو هجان.
هڪ ئي پڳ جا ڪئين روپ: جمال جا حيرت انگيز انڪشاف ۽ زندگيءَ جا سبق
پڳ ٻڌڻ دوران جمال مونکي ان جي انهن حيرت انگيز استعمالن بابت ٻڌايو جيڪي اڄ جي جديد دور ۾ اسين وساري چڪا آهيون. هن چيو ته هيءَ پڳ رڳو مٿي جو تاج ناهي پر صحرا جي بدوئن لاءِ هڪ مڪمل ’بقا جي ڪٽ‘ (Survival Kit) آهي. سندس ڳالهيون ٻڌي مان حيرت ۾ رهجي ويس، مثال طور صحرا جي ريگستاني واءَ ۽ واريءَ جي طوفان وقت پڳ جو هڪ پلاند منهن تي ويڙهي لثام يعني نقاب بڻايو ويندو آهي جيڪو نڪ، وات ۽ اکين کي واريءَ کان بچائيندو آهي. جمال وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن رستي ۾ اٺ کي ٻڌڻ لاءِ رسي گهٽ پئجي وڃي يا ٽٽي پوي ته هيءَ ڊگهي پڳ کولي ان مان مضبوط رسي تيار ڪئي ويندي آهي.
اها کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ به ڪتب اچي ٿي. ريگستاني کوهن جو گدلو پاڻي پيئڻ لائق بنائڻ لاءِ هن پڳ جي صاف ڪپڙي کي فلٽر طور استعمال ڪري پاڻي ڇاڻيو ويندو آهي. جمال هڪ دلچسپ ڳالهه اها به ٻڌائي ته سخت اس يا طوفان ۾ ڪاٺين جي مدد سان هن پڳ کي هڪ ننڍڙي عارضي خيمي جي صورت ڏئي سگهجي ٿي، جنهن جي هيٺان انسان پناهه وٺي سگهي ٿو. تيز اُس ۾ هيءَ پڳ مٿي کي ٿڌو رکي ٿي ۽ جڏهن ته قديم دور ۾ ڪنهن حادثي جي صورت ۾ ان جو ڪپڙو زخمين لاءِ پٽيءَ طور به استعمال ٿيندو هو. ڪٿان ڪو سامان وغيره وٺي اهو ان ۾ ٻڌي ان کي ڳنڍ طور به استعمال ڪيو ويندو آهي.
جمال جي انهن سبقن مونکي اهو احساس ڏياريو ته هڪ سادي ڪپڙي جي پويان صدين جي انساني حڪمت ۽ ضرورتن جي ڪيڏي وڏي تاريخ لڪل آهي.
ثقافت، سڃاڻپ ۽ وقار
مراڪشي پڳ صرف عملي شيءِ نه آهي پر اها سڃاڻپ به آهي. خاص طور تي صحرا جي علائقن ۾ رهندڙ برادريون ان کي پنهنجي وقار، سادگي ۽ تاريخ سان جوڙين ٿيون. اها پڳ ماڻهن کي ريگستان سان ڳنڍي ٿي جتي زندگيءَ لاءِ عقل، صبر ۽ سادگي ضروري آهن. جمال مطابق ته ڪيئن صدين کان قافلا هتان گذرندا رهيا آهن ۽ انهن قافلن لاءِ اهڙي پڳ بقا جو حصو هئي.

هڪ سادي شيءِ پر گهرا سبق
ان ڏينهن مون محسوس ڪيو ته اسان ڪڏهن ڪڏهن شين کي رڳو فيشن يا سووينئر طور ڏسون ٿا پر اصل ۾ انهن جي پويان تاريخ، جدوجهد ۽ حڪمت لڪل هوندي آهي. مراڪشي پڳ مون لاءِ هاڻي فقط هڪ يادگار نه آهي پر اها مون کي ياد ڏياريندي آهي ته سادگي ۾ به دانائي هوندي آهي، ڊگهو ڪپڙو به زندگي بچائي سگهي ٿو ۽ ثقافت رڳو ڏسڻ لاءِ نه پر سمجهڻ لاءِ به هوندي آهي.
سفر جو اصل تحفو: يادون، ڪهاڻيون ۽ وقار
جڏهن جمال اها پڳ ٻڌي تيار ڪئي ۽ مون پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو، ته مونکي ائين لڳو ڄڻ مان ڪو مراڪشي آهيان. جمال منهنجي حوصلي افزائي ڪندي چيو، “هاڻي تون رڳو هڪ سياح ناهين پر اسان جي روايتن جو پهري دار به آهين.” جڏهن مان اها پڳ ٻڌي مراڪش جي گهٽين ۾ نڪتس ته مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مان ان ئي ڌرتيءَ جو هڪ حصو آهيان. اتي جي ماڻهن جي نظرن ۾ منهنجي لاءِ هڪ خاص احترام هو ڇو ته مون سندن ثقافت کي پنهنجو ڪيو هو. جمال ٻڌايو ته ڏکڻ مراڪش جي ’نيري ماڻهن‘ (Blue Men of the Desert) جي هيءَ پڳ اصل ۾ سندن وقار ۽ سڃاڻپ جي نشاني آهي.
اڄ جڏهن مان پنهنجي وطن ۾ اها پڳ هٿ ۾ کڻندو آهيان ته مونکي ريگستان جي هوا، سج لهڻ جو منظر ۽ جمال جي مرڪ ياد اچي ويندي آهي. اها پڳ اڄ به منهنجي وارڊروب ۾ موجود آهي، پر ان سان گڏ جمال جون اهي ڳالهيون منهنجي ياداشت ۾ هميشه لاءِ نقش ٿي ويون آهن. هن ڊگهي ڪپڙي مونکي سيکاريو ته انساني ضرورتن مان ڪيئن اهڙيون شيون جنم وٺن ٿيون، جيڪي اڳتي هلي هڪ قوم جو فخر بڻجي وڃن ٿيون.
شايد زندگي به هن ڊگهي پڳ وانگر آهي، جيڪڏهن اسان ان کي سهيڙڻ ڄاڻون ته اها اسان کي هر حال ۾ تحفظ ڏئي سگهي ٿي. مراڪش جي اها پڳ رڳو هڪ فيشن نه پر صحرا جي سختين خلاف انساني دانائيءَ جو هڪ عظيم نمونو آهي. سفر جو اصل تحفو رڳو شيون خريد ڪرڻ ناهي پر انهن سان جڙيل ڪهاڻيون پاڻ سان گڏ کڻي اچڻ آهي. جيڪڏهن توهان ڪڏهن مراڪش وڃو ته جمال جهڙي ڪنهن دوست کان اها پڳ ٻڌڻ جو فن ۽ ان پويان لڪل زندگيءَ جو فلسفو ضرور سکجو.
_______________
سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.



