Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

ٿر ڪول جا ٽي بلاڪ ۽ ڏهن سالن جي ناانصافي: حساب ڪتاب ڪرڻ ضروري آھي   

ٿر ڪول بلاڪ ون ٽو ٿري کي ٿرپارڪر ۾ ايندي ڏھ سال ٿي ويا آهن سو ھاڻي ڏهن سالن جو حساب ڪتاب ڪرڻ ضروري آهي ڪنھن به منصوبي جي ڪاميابين ۽ ناڪامين کي جاچڻ لاءِ ڏھ سال ڪافي وقت هوندو آهي.

جڏهن بلاڪن لاءِ زمين ورتي وئي تڏهن معاوضي جا وڏا وڏا اعلان ٿيا پر ڪيترن ئي ماڻهن کي صحيح معاوضو نه مليو، ڪيترن جا نالا رڪارڊ ۾ ئي نه هئا ۽ ڪيترن کي ايترو معاوضو مليو جو  نئين زندگي ته ٺھيو پراڻي به بچائي نه سگهيا.

زھريلي پاڻيءَ وارو گوڙاڻو ڊيم

ليکڪا: حُميرا نُور

ٿر جي ريگستان ۾ جڏهن ڪوئلي جي دولت دريافت ٿيڻ جا اعلان ٿيا هئا تڏهن ماڻهن کي ٻڌايو ويو هو ته هي منصوبو صرف ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ نه پر قسمت بدلائڻ لاءِ آهي ۽ چيو ويو ھو ته ٿر جا ٽي بلاڪ ترقيءَ جا دروازا کوليندا، بيروزگاري ختم ٿيندي، پاڻي ايندو، اسپتالون ۽ اسڪول ٺھندا ۽ ٿر جا ماڻهو پهريون ڀيرو ملڪ جي برابر بيھندا.

پر ڇا ٿيو!؟

ڏھ سال گذري ويا، سوال اڄ به ساڳيو آهي ۽ ساڳي جاءِ تي بيٺو آهي ته ترقي ڪاڏي وئي؟ جي ٿي ته ڪنهن لاءِ ٿي؟

 ترقيءَ جا واعدا حقيقت ۾ زخم آھن

ٿر ڪول جا ٽي بلاڪ صرف صنعتي حدون ناھن. اهي سياسي واعدن، معاشي مفادن ۽ مقامي ماڻهن جي قربانين جون ڪهاڻيون آهن.

انهن بلاڪن جي نالي تي عام ماڻھن کان هزارين ايڪڙ زمين ورتي وئي، ڳوٺ خالي ڪرائي لڏپلاڻ ڪرائي وئي، قبرستان منتقل ڪرايا ويا مطلب  تہ ھتان سڀ ڪجھ لڏايو ويو ،سواءِ ماڻھن جي دلين جي جيڪي اڄ به پنھنجي اباڻي ٻنيءَ لاءِ ڌڙڪن ٿيون.

مقامي ماڻهن کي چيو ويو ته: نوڪريون ملنديون, بهتر رهائش ملندي, صاف پاڻي ملندو, تعليم ۽ صحت جون بنيادي سهولتون ملنديون. پر عملي طور تي ڳوٺاڻن کي عارضي مزدوري ملي. مستقل نوڪريون ٻاهرين ماڻهن کي مليون. پاڻي اڄ به مسئلو آهي, بيماريون وڌيون آهن وغيره وغيره.

ڳوٺاڻن لاءِ صرف ترقيءَ جو نالو استعمال ٿيو پر ترقيءَ جو فائدو ٻين کي مليو. زوريءَ بي دخليون ڪرايون ويون جنهن کان پوءِ زمين ته وئي، گڏ سڃاڻپ به وئي!

ٿر جي ماڻهن لاءِ زمين صرف ملڪيت ناھي ھوندي پر اها اصل نسل ۽ خانداني سڃاڻپ هوندي آهي.

جڏهن بلاڪن لاءِ زمين ورتي وئي تڏهن معاوضي جا وڏا وڏا اعلان ٿيا پر ڪيترن ئي ماڻهن کي صحيح معاوضو نه مليو، ڪيترن جا نالا رڪارڊ ۾ ئي نه هئا ۽ ڪيترن کي ايترو معاوضو مليو جو  نئين زندگي ته ٺھيو پراڻي به بچائي نه سگهيا جنھن لاءِ مان اھيو لکنديس ته:

رياست جي ڪاغذن ۾

ري سيٽلمينٽ لکيو ويو ھو

پر حقيقت ۾ ماڻھن کي

جلاوطنيءَ جو پنو ڏنو ويو.

ھن سڄي صورتحال کان پوءِ منهنجي ذھن ۾ ھڪ سوال ٿو اچي ته پاڻي ۽ ماحولياتي تباهيءَ جي قيمت ڪير ڀريندو؟؟؟؟

 ڇو ته

ٿر ۾ پاڻي اڳ ئي گهٽ هو، پر ڪوئلي جي منصوبن کان پوءِ صورتحال وڌيڪ ڀيانڪ ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري جَرُ/زميني پاڻي هيٺ  ٿي ويو آهي ۽ مٺي پاڻيءَ جا کوھ ڏاڍا متاثر ٿيا آھن. سو انھن حالتن ۾ گرمي وڌڻ ڪري مٽيءَ جي فطرت ۾ تبديلي اچڻ فطري ڳالھ آهي جيڪا گھڻن کي سمجھ ۾ اچي ئي نه ٿي…..!!!!!

فطرت جي ان تباهيءَ تي ٿر جا ماڻهو چون ٿا ته

ڪوئلو نڪتو  پر ٿر سڪي ويو.

صحت متاثر ٿي، بيماريون وڌي ويون .

ڪوئلي جي مائننگ سان

ساھ جون نيون بيماريون پيدا ٿيون

چمڙيءَ جا مسئلا وڌيا

پاڻي سان لاڳاپيل بيماريون وڌيون

اسپتالن جا/ صحت جي سھولتن جا صرف اعلان ٿيا ۽ عملي طور تي ڏٺو وڃي ته جنازن جا انگ اکر وڌي ويا!

ڪجھ عمارتون به ٺھيون

پر سوال اڃا به آهي ته

ڇا عام ماڻهو لاءِ علاج آسان ٿيو يا نه؟

ٿر ۾ ترقي جي مشين بنا بيھڻ جي ڏھن سالن کان هلندي رهي ٿي پر عام ماڻهو دوا لاءِ شهر ڏانھن پنڌ ڪن ٿا!!!!!

گذريل ڏھن سالن کان ٻڌندا پيا اچون ته مقامي ماڻهن کي ترجيح ملندي

پر حقيقت ان جي اُبتڙ آهي

ماهر آيا پر ٻاهريان!!

ٺيڪيدار آيا پر ٻاهريان!!

انتظاميا آھي پر ٻاهرين!!

سڀ سھولتون آھن پر ٻاھرين ماڻھن لاءِ

مقامي ماڻهن جي حصي ۾ رُڳو مزوري، پر اھا به گھٽ اٽي ۾ لوڻ برابر…………….

ٿر ڪول بلاڪ ون ٽو ٿري کي ٿرپارڪر ۾ ايندي ڏھ سال ٿي ويا آهن سو ھاڻي ڏهن سالن جو حساب ڪتاب ڪرڻ ضروري آهي ڪنھن به منصوبي جي ڪاميابين ۽ ناڪامين کي جاچڻ لاءِ ڏھ سال ڪافي وقت هوندو آهي.

هاڻي سوال ڪرڻ اسان جو حق آهي:

 ڇا ٿر جا ماڻهو امير ٿيا؟

زمين جي رھيل معاوضي جو ڇا ٿيو ؟

ڇا بک ختم ٿي؟

 ڇا لڏپلاڻ بند ٿي؟

 ڇا تعليم ۾ سڌارو آيو؟

 ڇا پاڻيءَ لاءِ ڪا اسڪيم ملي؟

ڪوصحت ڪارڊ مليو؟

ھنرمندن لاءِ روزگار جا ڪي رستا ڳوليا ويا ؟

فطري ماحول جي حفاظت لاءِ ڪي اُپاءَ ورتا ويا ؟

جيڪڏهن جواب اڃا به نھ ۾ آهي ته پوءِ ترقي جو مطلب ٻيهر لکڻ جي ضرورت آهي.

ھنن ڏھن سالن ۾ ٿرپارڪر جو ساڃاھ وند طبقو متاثرين سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ اھيا جدوجهد تڏھن شروع ڪئي وئي جڏھن ٿرڪول جي کاڻين جو پاڻي رٿابندي موجب  (دڪڙڇو ڊيم) ٺاهي ڇوڙ ڪرڻو ھو پر اوچتو وچ ۾ ڳوٺ گوڙاڻو جي زرخيز آباد (ڏھر)  ۾ ڇوڙ ڪرايو ويو جيڪو اتي جي ٻارنھن  ننڍن وڏن ڳوٺن مثلن ……گوڙاڻو ،ڪاٽڻ ، کوکر تڙ ، متو تڙ،  احسان شاھ ، آلو ڪولھي،  چوٿيو ڪولھي،  سليمان حجام، گومندو جي ڍاڻي،  شوي جو تڙ ۽  ڦوٽي جي ڍاڻي مارو ماڻهن جي پيٽ پالڻ ۽ مال جو واحد ذريعو ھو اتي مٺي پاڻيءَ جا کوھ ۽ جر سميت سٺي زرخيز زمين ھئي ۽ پيالي وانگي ھڪ وسيع تلاءُ ھو جيڪو اينگرو ڪمپني سرڪار جي سھڪار سان جون 2012 ۾ قبضو ڪري 2016 ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو جيڪو سراسر ظلم ، ناانصافي ۽ قانون جي خلاف ورزي جي زمري ۾ اچي ٿو.

ان زيادتي ۽ ظلم خلاف  ڀيمراج مانجھاڻي، ليلارام ۽ لڇمڻ لاکو سميت ٻارھن ڳوٺن جي ڳوٺاڻن گڏجي ڀرپور احتجاج ڪيو جيڪو 635 ڏينهن مسلسل اسلام ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان جاري رھيو جنھن ۾  انيڪ وعدا ڪيا ويا ۽ آسرا به ڏنا ويا پر ڪو به کڙتيل/نتيجو نه نڪتو نيٺ مجبور ٿي ھنن ڪورٽ جو در کڙڪايو ۽ اتي به ھنن کي 7 سال رولي رولي پٽيشن رد ڪئي وئي. ٿرپارڪر جي ھن ساڃاھ وند طبقي ماٺ نه ڪئي ۽ ھاڻي 2024 کان سپريم ڪورٽ ويل  آھن. ھاڻ ڪجھ اميد ڪجھ ويساھ پيدا ٿيو اٿن .

ھيترن احتجاجن ۽ ڳالھين کان پوءِ ھاڻي وقفي وقفي سان ڪمپني وارا زھريلو پاڻي بند ڪن پيا اميد ته ھلندڙ سال پاڻي بلڪل بند ٿي ويندو ۽ بحالي ٿيڻ شروع ٿي ويندي ۽ مارو ماڻهو نئين زندگي ماڻيندا.

ھن سڄي صورتحال کان پوءِ مان ان نتيجي تي پھتي آھيان ته ڪوئلو نڪتو پر انصاف نه  مليو.

ٿر ڪول جا ٽي بلاڪ ملڪ/پنجاب لاءِ توانائي جو ذريعو ته بڻيا پر ٿرپارڪر ضلعي جي ماڻهن لاءِ امتحان بڻجي ويا.

آخري ڳالھ

دنيا اندر ترقي تڏهن ليکي ويندي آهي

جڏهن زمين به بچي،

ماڻهو به بچن، سھولتن ملن، زندگيءَ ۾ سک محسوس ٿئي ، تبديلي ڏسڻ ۾ اچي

۽ عام ماڻھوءَ جي عزت به محفوظ ھجي.

______________

حميرا نور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار،  ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندن چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button