Editor's pickMain Slideاوڀر ايشياڪالم

نيپال ۾ جمھوريت جا ڀڀڙ: ايشيا ۽ ڪوريا لاءِ چِتاءُ ۽ اَک پَٽڻ جو سڏُ

نيپال جو گھوٽالو ڪوريا توڙي ايشيا لاءِ ھڪ آئينو آھي جنھن ۾ اسان کي جمھوريت جو روح نظر اچي ٿو . انھيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي چئي سگھجي ٿو تہ نيپال جو گھوٽالو سموري ايشيا جي لاءِ ھڪ چتاءُ آھي. نئين پيڙھيءَ جي ڪاوڙ کي گھڻو وقر دٻائي نٿو سگھجي.

لِي سانگ ڪِي

سيئول، ڏکڻ ڪوريا

نيپال ۾ جمھوريت ھڪ ڀيرو وري ڏَچي ۾ آھي. ھماليائي مُلڪ ۾ شديد احتجاجي مظاھرن جو شروع ٿيڻ ۽ حڪومت جو ڊھڻ ڪي معمولي سياسي واقعا ناھن. اھي ڊگھي وقت کان ھلندڙ انتظامي ڪرپشن، اڻپورن واعدن ۽ ھڪ پيڙھيءَ جي مايوسيءَ جو نتيجو آھن، جيڪا سمجھي ٿي تہ سندس مستقبل تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي.  

جڏھن 2008 ۾ اُتي شھنشاھيت جو خاتمو آيو ۽ نيپال کي ھڪ ريپبلڪ يعني جمھوري مُلڪ پڌرو ڪيو ويو، تڏھن سياستدانن عھد ڪيو ھو تہ سڀني کي برابريءَ جي بنياد تي حق ڏنا ويندا ۽ غربت جو خاتمو آندو ويندو، پر ڏھن ورھين کانپوءِ بہ اُھي واعدا کوکلا ثابت ٿيا. اقتدار ۽ دولت تي امير طبقي جي ئي ھڪ ھٽي قائم رھي، پوءِ چاھي اُھي مائوئسٽ ھجن يا ٻيون پارليامينٽري پارٽيون. نيپال جو عوام انتظار ڪندي ٿڪجي پيو، ۽ خاص طور نوجوان پيڙھي (جنريشن زيڊ) سوشل ميڊيا تي ڪرپشن کي نہ رُڳو وائکو ڪرڻ شروع ڪيو پر تبديليءَ جا مطالبا بہ شروع ڪري ڇڏيا. موٽ ۾ جڏھن حڪومت يو ٽيوب ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽفارمن کي بند ڪرڻ شروع ڪيو تہ نوجوان پيڙھيءَ جي ڪاوڙ باھ جا ڀڀڙ بڻجي وئي. پارليامينٽ، وزارتن، بينڪن، ۽ ايتريقدر جو جيلن کي بہ باھ ڏئي ساڙيو ويو ۽ انھن واقعن ۾ ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا ۽ ھزارين ماڻھو زخمي ٿيا.  

وزيراعظم جي استعيفا احتجاج ڪندڙن لاءِ نظاھر ھڪ وڏي ڪاميابي ھئي پر انھيءَ سان سياست ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو. کٽمنڊو جي ميئر ۽ ھڪ اڳوڻي خاتون چيف جسٽس جو نئين قيادت طور اُڀرڻ ثابت ڪيو تہ عوام اھڙي قيادت چاھي پيو جنھن تي ڪو داغ نہ ھجي. اھم ڳالھ ھيءَ آھي تہ احتجاج ڪندڙن جي مطالبن ۾ وزن ھو. سندن مطالبا ھئا تہ پارليامينٽ کي ٽوڙيو وڃي، صوبائي حڪومتن کي ختم ڪيو وڃي، وزيراعظم جي سِڌي چونڊ ڪرائي وڃي، ۽ 1990 کان وٺي ھن مھل تائين ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي. انھن مطالبن کي مظاھرين جي رُڳو ڪاوڙ نہ سمجھڻ گھرجي پر ادارتي سُڌارن جي ھڪ واٽ سمجھيو وڃي.

انھيءَ گھوتالي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي لاءِ ھڪ وڏو سبق شامل آھي. ڪوريا جي نوجوانن کي بہ روزگار ۽ رھائش جا مسئلا پيش آھن ۽ منجھن سياسي بي اعتمادي پيدا ٿيل آھي. ھڪ مُحاورو ”ھيل جوسيان“ Hell Joseon  سندن مايوسيءَ کي واضح ڪري ٿو. سياست تي عوام جو ڀروسو ختم ٿي چُڪو آھي. نيپال جي رستن ۽ گھٽين ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي، انھيءَ کي نظرانداز نہ ڪجي. اھو ھڪ چِتاءُ آھي ھتان جي لاءِ. جيڪڏھن ڪوريا جي نوجوانن جي محرومي ۽ مايوسيءَ کي ختم نہ ڪيو ويو تہ ساڳيو گھوٽالو ھتي بہ پيدا ٿي سگھي ٿو. سياسي محاذ آرائي، اقتدار لاءِ ختم نہ ٿيندڙ ڇڪتاڻ، اڻبرابريءَ وارو سرشتو عوام جي ڀروسي کي ختم ڪري رھيو آھي. نيپال ۾ ڀڙڪيل ڀڀڙ ھڪ پيغام ڏئي رھيا آھن تہ جيڪڏھن سياست ۾ تبديلي نہ آئي تہ نوجوان پيڙھي رستن تي نڪري پوندي.

سفارتي معاملن کي بہ نظرانداز نہ ڪجي. نيپالي نوجوانن بہ اھي مسئلا اُٿاريا آھن. خاص طور، ڪوريائي سفارتخاني جي سخت ويزا پاليسيءَ جي ڪري بہ گھڻو تاءُ آھي، جنھن جي ڪري ڪوريا جو اميج خراب ٿي رھيو آھي. جيستائين ڪوريا پرڏيھي نوجوانن جي معاملي ۾ انصاف کان ڪم نہ وٺندي، سندس ساک کي ھاڃو رسندو رھندو.  

انھيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي چئي سگھجي ٿو تہ نيپال جو گھوٽالو سموري ايشيا جي لاءِ ھڪ چتاءُ آھي. نئين پيڙھيءَ جي ڪاوڙ کي گھڻو وقر دٻائي نٿو سگھجي. اھم چئلينج ھيءَ آھي تہ انھيءَ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي تباھيءَ بدران اقت ۾ ڪيئن تبديل ڪجي. ڪوريا کي گھرجي تہ اُھا بہ پنھنجي نوجوانن کي اُميد ۽ آسرو ڏئي نہ تہ ھتي بہ جمھوريت کي خطرو رھندو. جمھوريت رُڳو ادارن ذريعي قائم ڪانہ رھندي. انھيءَ لاءِ عوام جو ڀروسو ھجڻ لازمي آھي، خاس طور نوجوان نسل جو ڀروسو، جيڪو ئي قوم جو اصل مستقبل آھي. نيپال جون حالتون اسان کي انھيءَ ڳالھ جو چتاءُ ڏين ٿيون تہ سموري ايشيا جون حڪومتون سندن نوجوانن جي آواز کي غور سان ٻُڌن.

ھاڻي مان سڌو سنئون نيپال جي نوجوانن کي مخاطب ٿيندس. پھرين ڳالھ تہ، ڪنھن بہ نموني تشدد جي راھ اختيار نہ ڪرن گھرجي: تشدد سان اڃان وڌيڪ تشدد وارو ماحول پيدا ٿئي ٿو ۽ انھيءَ جا زخم ڏاڍا گھرا ٿيندا آھن. جمھوريت صرف ڳالھين ۽ ادارتي تبديليءَ سان حاصل ٿي سگھي ٿي. ٻيو تہ، صبر کان ڪم وٺڻ گھرجي، جنھن کي اسان ڪوريائي ٻوليءَ ۾ Husaenggawe چوندا آھيون، يعني اھو يقين تہ اڄ جي تڪليف سڀاڻي سگھ ۾ بدلجي سگھي ٿي. ٽين ڳالھ تہ، ياد رکو تہ جن ماڻھن جي مذمت توھان اڄ ڪري رھيا آھيوم اُھي بہ ڏھ ورھيہ اڳ سُڌارن جو نعرو ھڻي اقتدار ۾ آيا ھئا. پُراڻي چوڻي آھي تہ مڪمل اقتدار صفا پرپٽ ڪري ڇڏي ٿو. جيستائين نئين پيڙھي ھوشيار نہ رھندي، اڄ جا سُڌارڪ سڀاڻي جا بدعنوان ۽ استحصالي بڻجي سگھن ٿا. چوٿين ڳالھ تہ، ھماليا ڪو رُڳو ملڪ ناھي. اھو قدرت، فطرت، انسانيت، پراڻين روايتن، جديديت، روحانيت ۽ جمھوريت جو مظھر آھي. جيڪڏھن توھان احرياط سان اڳتي وڌندو، سوچي سمجھي قدم بہ قدم ھلندو، بلھ ھوريان ھوريان ھلندو تہ نيپال سموري دنيا لاءِ ھڪ مثال بڻجي ويندو.  

ڪوريا جا نوجوان بہ انھيءَ پيغام کي سمجھن. پنھنجي ڏُکن ۽ تڪليفن جو اظھار تہ ڪن پر انھيءَ کي وڳوڙ ۾ تبديل نہ ڪن. تاريخ کي نھايت ايمانداريءَ سان منھن ڏين پر پنھنجي مستقبل تان نظر نہ ھٽائين. پنھنجي مايوسيءَ جو ڀلي اظھار ڪريو پر اُميد نہ ڇڏيو. جمھوريت جي قسمت بھرحال نوجوان نسل جي ھٿن ۾ آھي.  

نيپال جو گھوٽالو ڪوريا توڙي سموري ايشيا لاءِ آئينو آھي. انھيءَ آئيني ۾ ئي جمھوريت جو عڪس نظر اچي ٿو. قوت تڏھن وڌندي آھي جڏھن اُھا ورھائبي آھي ۽ مستقبل جون واٽون تڏھن کُلنديون آھن جڏھن نوجوانن کي ڪا اُميد ڏياربي آھي. مان نھايت خلوص سان اميد ڪريان ٿو تہ نيپالي نوجوان پنھنجي ڪاوڙ کي سُڌارن واي سگھ ۽ اُميد ۾ تبديل ڪندا. ايئن ڪرڻ سان نہ رُڳو سندن، پر سموري ايشيا جي ھر نئين پيڙھيءَ جو مستقبل روشن ٿيندو.

____________    

لِي سانگ ڪِي سينئر صحافي، ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو باني صدر ۽ The AsiaN جو سِي اِ او آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button