Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چيني ادب: ٽن سلطنتن جو داستان

چيني ادب جو ڪوبه ذڪر ناول ’ٽن سلطنتن جي داستان‘ کان سواءِ اڻ پورو سمجهيو ويندو.

’ٽن سلطنتن جو داستان‘ حقيقت ۾ تاريخ ۽ افساني جو سھڻو ميلاپ آهي، ان جا ڪردار ۽ اهم واقعا تاريخي حقيقت تي ٻڌل آهن، پر ان جا تفصيل خيالي ۽ ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

”اسان جي داستان جي شروعات هيئن ٿي ٿئي ته وڏيون وڏيون سلطنتون ڊگهي عرصي تائين منتشر رهڻ کان پوءِ متحد ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ هڪ عرصي تائين متحد رهڻ کان پوءِ وکري وينديون آهن. هر ڪمال کي زوال جو خطرو رهي ٿو ۽ هر تنزليءَ کي ترقيءَ جي تقاضا رهي ٿي، ازل کان ايئن ئي ٿيندو پيو اچي.“

مٿيان جملا چين جي چئن قديم چئن مشھور ناولن مان هڪ ناول ’ٽن سلطنتن جو داستان‘ جا شروعاتي جملا آهن، باقي ٽي ناول ’ڳاڙهي محل جو خواب‘، ’اولھه جو سفر‘ ۽ ’قذاق دريا‘ آهن.

چيني ادب جو ڪوبه تذڪرو ان ناول ’ٽن سلطنتن جي داستان‘ کان سواءِ اڻ پورو سمجهيو ويندو.

’ٽن سلطنتن جو داستان‘ حقيقت ۾ تاريخ ۽ افساني جو سھڻو ميلاپ آهي، ان جا ڪردار ۽ اهم واقعا تاريخي حقيقت تي ٻڌل آهن، پر ان جا تفصيل خيالي ۽ ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن، تنھن ڪري چيو ويندو آهي ته، ”ٽن سلطنتن جي داستان‘ جا ست حصا تاريخ ۽ ٽي حصا افساني تي ٻڌل آهن.“

اهو طويل ناول هڪ سؤ ويھن بابن ۽ چوڏهن سؤ صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو چوڏهين عيسوي صدي ۾ [جڏهن چين تي منگ گهراڻو اقتدار ۾ هو] ’لوگوان چونگ‘ لکيو.

’ٽن سلطنتن جي داستان‘ چيني، جاپاني ۽ ڪورين ادب تي گھرا اثر ڇڏيا آهن. وقت گذرڻ سان گڏ ان لافاني داستان جي مقبوليت ۾ ڪمي نه آئي، پر اهو مختلف طريقن سان عوامي ثقافت جو حصو بنايو ويو. ان ڪھاڻيءَ تي اڻ ڳڻيون فلمون، ڪتاب، وڊيو گيمز ۽ ٽي وي سيريلس جوڙيون ويون آهن. جنھن سان هر نسل ’ٽن سلطنتن جي داستان‘ کي پنھنجو ئي سمجهي ٿو.

اهو داستان/ ڪھاڻي اڄ به چين جي گهڻو پڙهيو ويندڙ ۽ مقبول ڪتابن مان هڪ آهي، چين جو هر ٻار توڙي ٻُڍو ان جي ڪھاڻي کان واقف آهي. ان داستان جو ترجمو دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ٿي چڪو آهي.

’ٽن سلطنتن جو داستان‘ جي لازوال مقبوليت جا ڪيترائي سبب آهن، انهن مان هڪ اهو ته ’ٽن سلطنتن جي داستان‘ رڳو خيالي ڪھاڻي ڪونهي، پر اهو چين جي تاريخ جي هڪ اهم دور تي ٻڌل آهي.

ٻيو سبب ان جو دلچسپ ۽ بيان جو دلفريب انداز آهي. هڪ نقاد جي چوڻ موجب ”ان ڪتاب جو پڙهڻ ايئن آهي، جيئن پھاڙن تان هوريان هوريان لنگهندڙ ڪڪرن جو نظارو ڪرڻ. يا ايئن جيئن خزان ۾ چمڪندڙ چنڊ يا بھار ۾ ٽڙيل گُل. انهن سڀني عنصرن جو وجود لافاني آهي. اهو داستان ڪرندڙ تارن، اُڀرندڙ دريائي لھرن ۽ زلزلي وانگر ڏڪائي ٿو ڇڏي.“

هڪ خيال اهو به آهي ته خيال ۾ ’ٽن سلطنتن جي داستان‘ جي مقبوليت جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته لڳ ڀڳ ٻه هزار سال گذري وڃڻ جي باوجود اڄ به اهو ناول چين جي ادب، ثقافت، رهڻي ڪھڻي ۽ سياسي منظرنامي جي سچي عڪاسي ٿو ڪري، اهو داستان چين جي سماج ۽ انهن انساني جذبن ۽ اخلاقي قدرن کي پيش ٿو ڪري، جيڪي اڄ به چين ۾ قدر جي نظرن سان ڏٺا وڃن ٿا. يعني پنھنجي ملڪ، پنھنجي ڪُٽنب، ماءُ، پيءُ ۽ دوستن سان وفاداري، بھادري، سچائي، ذهانت ۽ خلوص.

ان تاريخي داستان جو پسمنظر ٽين صدي عيسوي جو دور آهي، اهو داستان چيني تاريخ جي ان دور جو احاطو ٿو ڪري، جيڪو 165ع کان 280ع تائين جاري رهيو. جڏهن ’هان خاندان‘ جي سلطنت پوين پساهن ۾ هئي ۽ چين ۾ هر طرف افراتفري ۽ طوائف الملوڪي پکڙيل هئي. گهرو لڙائي جي شروعات ٿي چڪي هئي. جنگي سردار ۽ طالع آزما ملڪ جي مختلف حصن تي قابض ٿي چڪا هئا.

’ٽن سلطنتن جو داستان‘ فوجن لشڪرن، حڪومتن، ۽ سياستدانن جو داستان آهي. جنھن ۾ جنگ ۽ جهيڙو به آهي ته چالبازي ۽ سياست به.

”ٽن سلطنتن جي داستان“ ۾ اسان کي چين جي اهم فلسفياڻي ۽ مذهبي روايتن جو عڪس به ملي ٿو. اهي روايتون ڪنفيوشس ازم، تائو مت ۽ ٻُڌ ڌرم تي مشتمل آهن. جيئن ته اهو داستان ان زماني جو آهي، جڏهن ٻُڌ ڌرم کي چين ۾ ڪو گهڻو وقت نه گذريو هو. ان ڪري تائو ازم ۽ ڪنفيوشس ازم جي جهلڪ نمايان آهي.

تائو ازم انسان ۽ ڪائنات جي وچ ۾ توازن جي اهميت تي زور ٿو ڏي. تائو مذهب جا عالم سمجهن ٿا ته انسان کي قسمت سان جهيڙڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي. تنھنڪري هو قتاعت ۽ فقيريءَ ۾ خوش هئا، پر ان سان گڏوگڏ وٽن اهڙيون جادوئي طاقتون به هُيون، جن سان هو دوائن، ٽوڻن ڦيڻن، ڌاڳن، تعويذن ۽ دعائن جي وسيلي قدرت جي طاقتن کي پنھنجي گهيري ۾ وٺي ٿا وٺن. ناول جو اهم ڪردار ’چوگي ليانگ‘ تائو ازم جو پيروڪار هو. تنھنڪري هن گوشئه نشينيءَ جي زندگي گذارڻ ٿي گهري. ساڳئي طرح هئڊي چادر وارن جو سردار ’چنگ جوئي‘ به تائو مذهب جي هڪ جادوئي ڪتاب جي ذريعي دشمن تي قابو پائي ٿو وٺي ۽ هوائن ۽ قدرتي طاقتن جو رخ موڙي ٿو ڇڏي.

ٻيو اهم فلسفو ڪنفيوشس ازم جو آهي، جنھن جا چار بنيادي اصول آهن.

1.           ٻين سان همدردي ۽ ڪُٽنب سان محبت

2.          نيڪي، يعني شرمناڪ عملن کان پاسو ڪرڻ

3.          دانائي يعني اها صلاحيت، جنھن سان سُٺن ماڻهن جو قدر ڪيو وڃي ۽ خراب ماڻهن ۾ فرق ڪيو وڃي ۽ پنھنجي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مناسب حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.

4.          نوڙت ۽ احترام، جيڪو سڀني روايتن ۽ رهڻي ڪھڻيءَ جو بنياد آهي، ڪنفيوشس جي نظريي موجب سماجي رشتن ناتن ۾ شھنشاهه ۽ رعيت جو رشتو نھايت اهميت وارو آهي ۽ اهو ڪُٽنب ۽ والدين جي عزت کي مٿانھون رکڻ تي زور ٿو ڏي. اهو فلسفو اڄ به چين ۾ ڪُٽنبي يونٽ جي بقا ۽ سماجي استحڪام جي ضمانت آهي، جيڪو شخص مائٽن جو خذمت گذار هوندو آهي، ان کي عزت جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي.

هن ناول ۾ انهن ٻنهي فلسفن جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.

هن ناول ۾ مختلف اتحادن جي ٺھڻ ۽ ڊهڻ، وفادارين ۽ بي وفائين شخصيتن جي عروج ۽ زوال ۽ هڪ لڳاتار جدوجھد جي ڪھاڻي آهي. اهو پڙهندڙ چيني تھذيبي روايتن، قرباني، بھادري حڪمت عملي، مذهبي عقيدن، تقدير تي ايمان، حڪمت ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون، ڏند ڪٿائي داستانن جي سونھن، علائقائي وهم ۽ عقيدا، انساني ۽ آفاقي اٽل حقيقتون، انساني گُڻ ۽ ڪمزورين سڀني جو هڪ گھرو جائزو مھيا ٿو ڪري، ڪنفيوشس جي نظرين، چيني قدرتي مذهبن، ڍارن ڪڍڻ ۽ زندگيءَ جي انهن سڀني مسئلن ۽ مامرن کان متاثر ٿيڻ هن ناول ۾ ڀرپور انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

________________

يوسف سنڌي نالي وارو ليکڪ، ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق، ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button