سنڌڙي توکي جندڙيءَ لائي، ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳاتم ڙي!
تُنهنجِي طاقت خوابُ، آمر، اچڻا وڃڻا! مون وٽ نَشو نينهن جو، تو وٽ جام شرابُ
تاج جويو جديد شاعر، ٻوليءَ جو ماهر اديب هُئڻ سان گڏ، ڪلاسيڪل توڙي جديد سنڌي شاعريءَ جو سگهارو نقاد آهي، پر هن ڀٽائي ۽ اياز جي هر ڪردار کي اندر ۾ اوتيو آهي. ڀٽائي ۽ اياز جي آدرش کي رُوح ۾ سمائي، زندگيءَ کي سنڌ سان عشق جو نالو ڏنو آهي.

ڀارومل امراڻي سوٽھڙ
تاج جويي جو جيون ’جل جل مشعل جل‘ آهي، يا اُن تي مڙندڙ پتنگ آهي. آپا عينيءَ جي لکڻين ۾ ’همين چراغ، همين پرواني‘ جهڙو عنوان به آهي، پر مقامي پسمنظر ۾ سگهاري ناول لکڻ لاءِ سرڪش ناول نگار جو تاج جويو هڪ لاجواب کاهوڙي ڪردار به آهي. اهڙي ناول جي اُڻت ڪرڻ لاءِ هاڻي سراج ميمڻ ۽ آغا سليم کان پوءِ علي بابا به نه رهيو آهي. ڪاش! ڪوئي ايندڙ ٽهيءَ مان نوجوان اديب، جڳ مشهور ليکڪ، ڪازانت زاڪس جي لفظن: ”ڪي ماڻهو ڌرتيءَ جون ٿوڻيون ۽ آسمان جا ٿنڀا هوندا آهن،“ کي پڙهي، پنهنجي ڌرتيءَ جي کاهوڙي ڪارڪن، پورهيت اديب، وطن دوست شاعر، سگهاري نقاد ۽ محنتي محقق تاج تي ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ناول تخليق ڪري! پر اسان وٽ اِيئن ٿيو تمام گهٽ آهي. اسين بي حسيءَ جي بارش ۾ پُسي ويل دَور ۾ زنده آهيون. روايتي رنگ مان نِڪري، مثبت ريت واري نواڻ اختيار ڪرڻ جي روايت جوڙي نه سگهيا آهيون. اسان وٽ ڪوڙ جي ڪٿائن ۾ لفظن جو ايترو غيرمناسب استعمال ٿيو آهي، جو سچ جي ساکَ واريندي، لفظ پنهنجي مناسب اهميت حاصل نٿا ڪن.
تاج وٽ عالمي ادب، فڪر ۽ اتهاس لاءِ احترام آهي، پر رُوح ۾ رقص، صرف پنهنجي ٻوليءَ جي ادب، فڪر ۽ اتهاس تي محسوس ڪري ٿو. هن ڌرتيءَ جي هر عاشق ۽ علم ۽ ادب جي راهه جي هر پانڌيئڙي کي پنهنجي دل جي جهوپڙيءَ ۾ ٻرندڙ اُميد جو ڏيئو ڀانئيو آهي:
سنڌڙي توکي جندڙيءَ لائي،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳاتم ڙي!
ٻاٻاڻن جي ٻانهڙي آهيان!
رومي، تُلسي سُهڻا شاعر،
لنوءَ لطيف سان لاتم ڙي!
ٻاٻاڻن جي ٻانهڙي آهيان!
هن جو روح فقيري رمزن سان اهڙو ريجهيل آهي، جو جمال احسانيءَ جي لفظن ۾: ”بادشاهن کي به رشڪ ايندو آهي، مون جنهن شانَ سان فقيري ڪئي.“ هن جي ذات ۾ ڪٿي به ٺٺ ٺانگر ۽ پاڻ پڏائڻ جو رويو موجود نه آهي. سنڌ جي هر واهڻ وستيءَ جي هِن سان حُجت واري محبت رهي آهي، جنهن جو سدائين هن مانُ رکيو آهي. پيارَ هن جي اکين ۾ سُرمي سرائيءَ جيان ڦِرڻ ٿي چاهيو، پر هي مٽيءَ جي محبت ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو. هُرمچ جي ڀرت ڀريل چولن وارين چنچل نارين سان گڏ، هن جون شامون گهٽ گذريون آهن، پر وطن جي عاشقن، علم، ادب جي عالمن ۽ پورهيتن سان گڏ، هن سالن جا سال گذاريا آهن. وطن کي علم ۽ ادب جي اوساريءَ سان اڏيندي، جڏهن به هن ڪنهن راڳيءَ جي راڳ ۾ ٿري لوڪ دوهن جو داستان ٻڌو:
رات ڪونجڙيان ڪريڙيو، ٽولي ٽولي ٽيس،
مين سُتي ساجن ساريو، اُر لي ڀاگي اِيس.
(رات ڪونجون ڪُرلائينديون ويون، ٽوليءَ ٽوليءَ ۾ويهه هُيون، مون سُتي ساجن ساريو ۽ اُرهَه سان کَٽَ جي اِيس ڀڄي پئي)
رات سارس ٻوليا، دريا، پيهلي دنگ،
مين سُتي ساجن ساريو، ارگت بهه گئي انگ.
(رات سارس (پکي) درياهه جي ڪنڌيءَ تي اچي ٻوليو،
سارس جي مٺي ٻوليءَ تي، مُون کي سُتي ساجن ياد پيو،
منهنجي جسم تي ڄڻ ارگت (ڪارائي) وهي وئي.)
تڏهن هن جي من ۾ محسوس ٿيو ته ڪوئي پيارَ جي پُڪارن ۾ سڏ ي رهيو آهي. پيارَ جي ميارن ۽ مِهڻن ۾ مڙي، هن جيڪي پل پيارَ کي ارپيا آهن، اُنهن ۾ پيارُ هن جي روح جي هندوري ۾ ائين لُڏيو آهي، جيئن اُتر جي هوائن تي ڪينجهر جي پاڻيءَ ۾ تماچيءَ جي ٻيڙي لُڏندي هئي. سُونهن جي صورتَ هن کي ائين وڪوڙي رکيوآهي، جيئن ٿر جي ڀِٽن تي گولاڙي جون وليون کٻڙن کي وڪوڙينديون آهن. فارسيءَ جي ڪنهن شاعرچيو آهي ته: ”سفر اُهو نه آهي ته مصر کان بغداد وڃين، جان جي رستي تان جو سفر جانان ڏانهن وڃي ٿو، اُهو ئي مَردن جو سفر آهي.“ اُن وانگيان وقت جي ٻوڏن ۾، اُميد جي گهرڙن ۽ سپنن جي سامان جي ٻُڏڻ جي منظرن کي اکين سان ڏسندي، به هن جو ڏيلُ ڪڏهن ڏڪيو نه آهي. اڏولتا ۾ ڪارونجهر جو سڳو ڀاءُ لڳندڙ، جاد وَنس جو هي جويو، مثالي مڙس ماڻهوءَ جو بي مثالي رُوپ به آهي. ڀاٽي راجپوتن جي ونساوليءَ ۾ ’جويا‘ قبيلي جي شاخ ڪٿان شروع ٿئي ٿي؟ جويا قبيلي جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ هڪ هزار صفحن وارو ڪتاب ڇپجي چُڪو آهي، انهيءَ جي آڌار پيڙهين جو پُراڻو پوتاميل ڪنهن ٻئي ٽاڻي کولبو. هن مضمون جي تاڻيل ننڍڙي تنبوءَ هيٺ ويهي، اِها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته پير ڪولاچي [ڳوٺ] جي هاريءَ حاجي جويي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ تاج محمد المعروف ’تاج جويو،‘ سنڌ جو سُرخ سويرن جهڙو سورمو قلمڪار آهي. سموريءَ سنڌ جا ماڳ، هن جي رُوح ۾ رَچيل آهن، سنڌ جي ماضيءَ جا منظر ڪاريءَ رات جي ڪنهن پَھر ۾ جڏهن هن جي من ۾ جاڳندا آهن، تڏهن آڌيءَ رات جو اروڙ ٿڌا ساهه ڀري، هن سان مخاطب ٿيندو آهي ته ’ڇا سنڌ جو باغي رُوح، رات جي وِلهه ۾ ٺار ٺرندي سُمهي پيو آهي؟‘ روهڙي، بيدل ۽ بيڪس جي شاعريءَ جو سُرور ميڙي، هن جي رُوح ۾ اچي راماڻا ڪندي آهي ته سنڌ، تصوف جي مورچي تان تعصب جي هر حرڪت کي رد ڏيئي ڇڏيو هو، پوءِ ’نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو‘ جي صدا هڻندڙ راڳي رتو رت ڪيئن ٿيو؟‘ مڪليءَ جي ماٺ کي ٽوڙي، دولهه دريا خان جي للڪار جو آواز هن جي اندر کي اچي گرمائيندو آهي ته ’ڄام نندي جي روايتن کي ڇو وساريو ويو آهي؟‘ ڪارونجهر جي پهاڙن ۾هڪ پيرَ تي بيهي تپسيا ڪندڙ پاراسر رِشي اچي کانئس پُڇندو آهي ته ’سنڌ جي تاريخ جا ڪوي! تون اُهو ٻڌائي سگهين ٿو ته مون مڇندرا جي ڪجلين اکين ڏانهن گهورَ سان نهاري، سنهڙي چيلهه تي هٿڙو ڦيريندي، ڇِرڪ ڇو ڀريو هو؟ ڪارونجهر کي پاراتو ڏيڻ مهاپاپ آهي يا ڪامديو کي من مان تڙي ڪڍڻ؟‘ پاريءَ نگر جي پڊ تان سڏونت جي صدا گونجندي آهي ته ’ڇا ڪڏهن ڪوئي محبوبا کي چُمندي بيزار ٿيو آهي؟ ڪجلاسر جي ڪجلي سارنگا تون ڇو رُني آهين؟ تنهنجي اکين جي ڪجل هاڻن لُڙڪن، ڪارونجهر ۾ ڪاريون جَهريون وجهي ڇڏيون آهن!‘

اهڙن اوراڻن کي اندر ۾ اُتاري، تاجُ، ماضيءَ جي منظرن مان نڪري، حال جي حقيقتن ۾ اچي، سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ رَگ ويد جي رَشين جي پوئواري ڪندي، روز ’سنڌوءَ جا سُوتر‘ لکڻ ويهندو آهي. هن جي لکڻ توڙي لوچڻ، سوچن توڙي سپنن جو محور سنڌ، سُونهن ۽ سچ آهي. هن احتجاج جا انوکا رُوپ، سنڌ، سُونهن ۽ سچ جي لاءِ اختيار ڪيا آهن. هن سرچاءَ جا سانگ به سنڌ، سُونهن ۽ سچ جي لاءِ سجايا آهن. ڀٽائيءَ چيو آهي ته: ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“ تاج سان ملي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ماڻهوءَ مان بهار جي بُوءِ ڪيئن ايندي آهي ۽ ڀُونءِ جي ڀاڪُرجو ساءُ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ تاج ڪڏهن به اهڙي اميراڻي محفل جو مان مٿانهون نه ڪيو آهي، جنهن ۾ سگريٽ جي دونهين ۽ شراب جي بدبوءِ ۾ ويڙهجي، ناچڻيءَ جا گهنگهرو گونجندا آهن. هن نينهن جي نشي ۾ اهڙن اميرن ۽ آمرن کي للڪار ڪندي چيو آهي ته:
تُنهنجِي طاقت خوابُ،
آمر، اچڻا وڃڻا!
مون وٽ نَشو نينهن جو،تو وٽ جام شرابُ؛
آمر اچڻا وڃڻا!
هن اَهنسا ۽ پريم جي قومي علامت کي اُڀاريو آهي، عوامي زندگيءَ جون علامتون، جيڪي ڀٽائيءَ ڳولي ڳاتيون، هن اُنهن جي عظمت کي آديس ڪري، زندگيءَ کي نئين سانچي ۾ پلٽڻ لاءِ پنڌ ڪيو آهي. مون هن کي مڇي ڇٽ وارن مهاڻن ۽ مياڻين وٽ ڏٺو آهي ته اُجهامي ٻرندڙ اڱارن ۽ ڌنوڻين جي ڌڻين وٽ زندگيءَ جا داستان ميڙيندي به پَسيو آهي. هن پُسيءَ ۽ پيرون، مانڌاڻي ۽ مَڪ تي مهڪندڙ ماروئڙن جو گهرَ ڀاتي ٿي گذاريو آهي، هن جو انسانيت تي ايمانُ رهيو آهي، هن جي انسان سان محبت رهي آهي. هن جي دل جهالت سان ويڙهه وڙهندي، ڪڏهن اَگهي ۽ اُداس نه ٿي آهي. ڀٽائي سائينءَ جي لفظن ۾: ’اڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارن وسري!‘ جهڙي ڪيفيت ۾ به هن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ديس واسين جي لاءِ گس گهڙيو آهي، ظلم ۽ جبر جي خلاف عام کي اُڪسايو آهي، ماحول جي مونجهه ۾ ويڙهيل انسان کي فرحت جي واٽ ڏيکاري آهي. هن درازن جي دز چُمي، ’ساميءَ ويس سلوڪڙن‘ جي چادر اوڍي، انسان ذات جي گوناگون اُمنگن ۽ آدرشن کي ميڙي، ڀِٽ ڌڻيءَ جي ڀِٽَ تي نئون سِج اُڀارڻ لاءِ جُستجو ڪئي آهي. هن سدائين مايوس دلين کي محبت جو انتظار ڪرڻ لاءِ همٿايو آهي. هن جو ويساهه رهيو آهي ته: ’آدرشن جو تماچي، جُهونجهڪڙيءَ جو جهومر ٿي اچڻو آهي، ۽ ڪينجهر جي لهرن تي نئين جُڳ جي نوريءَ سان نورا پائي نچڻوآهي.‘
تاجَ ڪڏهن به پنهنجن بنيادي اُصولن تي ڪمپرومائيز نه ڪيو آهي، تاج بنيادي طور تي شاعر آهي، پر مجموعي طور هن نقاد ۽ محقق جي حيثيت ۾ پاڻ کي وڌيڪ نروار ڪيوآهي. هن جون لکڻيون ڪنچن آهن، جن ۾ ڦيٽَ جو ماسو به نه آهي. تاج کي ٻه ڪم آسانيءَ سان ڪرڻ اچن ٿا: هڪ لکڻ جو ڪم ۽ ٻيو دوستن وٽ پهچڻ. هن جي نثر ۾ سنڌوءَ جي ڇولين جي مَستي آهي، ته ٺٽي جي گُلن جي نزاڪت آهي، ۽ ڪارونجهر تي وسندڙ بادلن جي گهرائي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ هن ڏُک ڏڌي جوانيءَ جا گيت آهن؛ پورهيت جي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ مُنهن جي اُڻتڻ آهي؛ صبح جي سيتل ڪرڻن جي تمنا آهي ته ظلم جي ڪاريءَ رات جي لاءِ ڌِڪار آهي. سنڌي ادب جي پورڻتا ۾ هن جي پورهيي کي ڪير به نظرانداز نٿو ڪري سگهي.
ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنا ٿانءُ،
آهي تنهنجي ٻاجهه سان، ميان منهنجو نانءُ،
ڪٿي هُجان آنءُ، جي نه هجين تون جُوءِ ۾.
(شيخ اياز)
تاجَ ڪڏهن پنهنجي نيڻن کي ننڊ تي نه هيرايو آهي، ڪيترو به اوجاڳو هجيس، ڀلي رات جي اَويلي پَھر ۾ سُمهي، پر تاج اَسُر جو اُٿي ويٺو هوندو آهي.
ڄاڻان جاڳَ، سڀاڳُ،
نيڻ نه ننڊُن هيرئان!
سچَ سمائي ساھَ ۾، رَڳ رڳ ڳاتو راڳُ،
نيڻ نه ننڊُن هيرئان!
تاج جويو نه صرف جديد سنڌي ادب جو ڀاٽُ آهي، پر ساڳئي وقت ’کرڙي کائي رَتُ، ڀَت نه وِجهي وات ۾‘ واري پسمنظر ۾ سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ جي تاريخ جو وڏو ڄاڻو آهي. سنڌ جو نئون نسل تاجَ کان اهاتوقع ڪري ٿو ته هُو اُنهن ٻنهي موضوعن کي اڃا وڌيڪ اُپٽار ۾ آڻيندو. شيخ اياز چوندو هو ته: ”سائين جي. ايم سيد جي سوانح عمري آءٌ (اياز) تاجُ ۽ آريسر گڏجي لکنداسين“، پر افسوس، اها لِکجي نه سگهي! آريسرُ، تاج کي ’استاد‘ سڏيندو هو. تاج نه رُڳو آريسر جي ڪتابن جي سَنوار سڌارَ جو پورهيو ڪيو، پر سنڌي ادب جي ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن جي ڪتابن کي ايڊٽ ڪندي، هن اُنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ته ري رائيٽ ڪيو آهي، پر حق ۽ واسطا پاڻ وٽ نه رکيا آهن.
تارا تنهائيءَ ۾طنزيه مُرڪ مُرڪندي، هن کي چوندا آهن ته: تُنهنجي پيار جي ديوي، روشنيءَ جي سهيلي آهي، پوءِ تُنهنجي ڀاڳ ۾ ڪاريون راتيون ڇو آيون آهن؟ پر هن ڪويءَ ”ڪڏهن ٿيندين سَچُ؟سپنا مُنهنجي ساهه جا.“ جهڙي وائي لکڻ باوجود، ڪڏهن ڪنهن کان اهو نه پُڇيو ته اُهو صبح ڪٿي آهي، جنهن صبح جي آسَ ۾ پنڌ ڪندي، پاڻ کي ڪڏهن اُڃ نه لڳي آهي، ۽ جنهن صُبح جي لاءِ پاڻ ڪارين راتين سان اُلجهيا آهيون.
تاجُ سرڪاري نوڪري ڪرڻ دوران ڪڏهن فائيلن ۾ وڃائجي نه ويو آهي، نه وري ڪڏهن رٽائرمينٽ کان پوءِ سُک جي سامروٽيءَ ۾ چنڊ هيٺيان رِلي پائي سُمهڻ جو سوچيو آهي! هن سدائين پنڌ ۽ پورهيو ڪيو آهي. هن ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ، شهر جي گُهٽيل راتين ۾ به ڪتاب پڙهيا آهن.
تاج جو حافظو به ڪمال جو آهي. جڏهن حيدرآباد جي شام ويراڳيءَ جي اکين جهڙي لڳندي آهي، تڏهن تاج جي تخليقي شخصيت ۾ نکار اچي ويندو آهي. اُن گهڙيءَ پوپٽ جي نيڻن ۾ نهاري، اوجاڳن جا ٿڪ لاهيندو آهي. تاج جي جيون جي ڪمائيءَ جو ڪُل تت حُسن، محبت، اخوت ۽ انسانيت جي پرچار آهي. هن سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعريءَ ۾ ڀائپي، عوام دوستي، وطن دوستي ۽ انسان دوستيءَ جي سوچن ۽ سپنن تي ڪشمور کان ڪارونجهر تائين ليڪچر ڏنا آهن. پروگرامن ۾ تحريرون پڙهيون آهن، تقريرون ڪيون آهن. شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ نثر ۾ ڀٽائيءَ، سچل ۽ ساميءَ جي مڃتا ۾ آيل سِٽ سِٽ کي چُونڊي: ”جر ۾ ٿو جَرڪان“ ”آءُ درازا هل“ ۽ ”سامي ويس سلوڪڙا“ جهڙا ڪتاب تيار ڪرڻ، هر هڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ شخصيت تي لکيل تاجَ جو ڪتاب ”مان ورڻو هان، مان ورڻو هان“ پڙ هڻ وٽان آهي. هن ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٿر“موضوع تي به سگهارو ڪم ڪيو آهي. ثقافت کاتي پاران ڇپايل شيخ اياز جي نظم توڙي نثر جي سمورن ڪتابن جا گڏيل مجموعا، تاج جويي جي محنتن جو رُوپ سروپ آهن.
تاجَ، ڪڏهن به آرٽ کي ’نظرياتي فريم ورڪ‘ ۾ نه ڏٺو آهي. هر وڏي آرٽسٽ جي جيون ۾ تضاد ۽ تڪرار هوندا آهن. تاج جويي تي ڪيتري ئي تنقيد ٿي آهي، تبصرا ۽ تبرا ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، پر هن اُنهن تي ناراض ٿي، پنهنجي سفر جون وِکون نه روڪيون آهن. تاجُ، ڪڏهن حيدرآباد ۾ هُجوم جو حصو ٿي رهيو آهي ته ڪڏهن گهڻو پري جهمپير جي پوڙهي شخص رسول بخش درس کي ساڻ وٺي وڃي، نوجوان شاعر ايوب کوسي جي موجودگيءَ ۾، ساڙڌري جي مندر جو گهنڊ وڄائي هوڪو پيو ڏيندو آهي ته: ’ساٿيو! ساٿيو ! اچوته هڪ ٻئي جو هٿ جهلي، اڳتي وڌون، اسان جي رُوح جي پرواز باز جهڙي آهي، پر دل جو دستور پاريهر جهڙو آهي. ڌرتي، اسان سڀني جي ماءُ آهي. جيجل جي جهولي، موتين، مُگرن ۽ روهيڙن جي گلن سان ڀري، آرٽ کي زندگي، ۽ زندگيءَ کي آرٽ بڻايون.‘
تاجُ، سنڌ جي مهان ڏاهي ابراهيم جويي جي حڪم تي ٽيهارو نوجوان شاعرن جي شاعري، تعارف سان گڏ شيخ اياز کي ڏئي آيو هو، جنهن تي اياز کي ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ جيان مهاڳ لکڻو هو، پرڪو دوست اُهو مسودو ئي اياز وٽان تِڳائي ويو، پر منهنجي خيال ۾ اُنهيءَ تي اياز مهاڳ لکي ها ته اهو جديد سنڌي شاعريءَ جي اڀياس جو سگهارو وچور هجي ها.
مون جڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ جو ٿري ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، تڏهن تاجَ مون کي تمام گهڻو اُتساهيو هو. منهنجي انهيءَ ترجمي واري ڪتاب تي ايوب کوسي ’زندان جي ديوارن‘ مان مهاڳ لکي موڪليو هو. اُهو ڪتاب منهنجي وکريل زندگيءَ جي ور چڙهي وڃائجي ويو. مون جڏهن ’چتر ٻولي چارڻان‘ ۽ ’همروٽ ڇتيسيءَ‘ جو تحقيقي ڪم ڪيو ته تاج انهيءَ ڪم تي به اڳي جيان حوصلو ڏنو، ۽ منهنجي ڀرپور رهنمائي ڪئي.
تاجُ، مٺيءَ ايندو آهي ته پوءِ ڪڏهن گُل گوماڻيءَ جي گهر پِرهه ٽاڻي تائين سنگت سان گڏ، ته ڪڏهن دليپ ڪوٺاريءَ جي اوطاق تي ميڙو رهندو آهي، ڪڏهن وجئه شرما وٽ وِسرام ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪرشن شرما جي آفيس تي آڌي رات ٿيندي آهي. مون، تاج جويي، احمد سولنگي، رکيل مورائي، گل گوماڻي، دليپ ڪوٺاري، ناشاد سمي، شهاب نهڙي ۽ وجئه شرما، سياري جي سرد راتين ۾ برهه جي باهه ۾ ٻري، راڻاسر تي آڌي تائين هٿن ۾ ڇلڪندڙ اکين جهڙا جام جهليا آهن. اُتي ڪڏهن احمد سولنگيءَ ’مون پڪاريو تون ڪٿي آن؟‘جهڙو راڻاسر تي نظم سرجيو آهي ته ڪڏهن تاج جويي ’راڻاسر تي رات، چوڏهينءَ چنڊ چوٽ تي‘ جهڙي وائي لکي آهي. ڪڏهن گُل گوماڻيءَ جي بيتن، راڻاسر تي رُوح کي راحت ڏني آهي ته ڪڏهن ناشاد سمي جي غزل غم گهٽايا آهن!
تاج منهنجي هر ڏُک سُک ۾ شامل رهيو آهي. منهنجي لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته مٺيءَ جا دوست مون کي تاج جويي جو ’روحاني ڀاءُ‘ سڏيندا آهن. تاجُ منهنجي شاديءَ جي دعوت تي آيو ته منهنجي لاءِ تحفي طور شيخ اياز جا ڪتابَ کڻي آيو. دعوت ۾ تاج جويو، سائينداد ساند، صادق فقير، ڪامريڊ نند لال مالهي، نندلال لوهاڻو، کاٽائو جاني، نوراحمد جنجهي، مشتاق قاسماڻي، شنڪرباغي، گل گوماڻي، دليپ ڪوٺاري، نرسنگهه سوڍو، پيارو شواڻي، ممتاز سميجو، غازي نهڙي، امير حمزو سارو ڏينهن چرچا ڪري، ٽهڪن ۾ ٽڙيا هئا. اُنهيءَ يادگار محفل جو اڄ به ذڪر ٿيندو رهندو آهي. منهنجي اَمان جي وڇوڙي تي، تاج مون سان گڏ ويهي، ٻين ماڻهن کان تعزيت وصول ڪئي. منهنجي چاچن سگهڙ هيمراج، ڀانومل، ماڻڪ لال، وينجهراج ۽ بابا جي سئوٽ ڀڳت سترام داس جي موڪلاڻيءَ مهل پٿر تي مون جيان ملول ٿي ويٺو. چاچو ڀڳت سترام داس سُگهڙ ۽ ڀڳتي رنگ جو گائڪ هو، پر من موجي طبيعت جي ڪري تمام گهٽ ماڻهن سان هُن جي لڳندي هئي، پر تاج سان خاص اُنس هئس. تاج جو ٻُڌي، گيڏيو کڻي اوطاق تي پهچي ويندو هو؛ پوءِ ڪبير، ميران، ڀٽائي، ڏونگرپوري، روحل فقير، مراد فقير، لکمي مالهي ۽ ٻين جي شاعريءَ تي ڪچهري مچي پوندي هئي. تاجُ چاچي کان روحل ٻڌڻ جي فرمائش اڪثر ڪندو هو. هڪ دفعي تاج، گل گوماڻي، دليپ ڪوٺاري، ۽ ٻيا دوست چيلهار آيا، اسان گڏجي اَمرڪوٽ ڏانهن وياسين. واپسيءَ ۾ وري منهنجي اوطاق ۾ ٿڪ ڀڃڻ مهل چاچي سترام جي ڪچهري شروع ٿي. اُن ڏينهن چاچي اعلان ڪيو ته ’اڄ لِکو ته آءٌ اوهان کي ناياب شيون لِکايان.‘ اسان جي دوست دليپ ڪوٺاري، ’لکمي مالهيءَ‘ جي شاعريءَ جون انمول سٽون لِکي چيو ته سفر سجايو هاڻي ٿيو آهي. تاج به روحل جي شاعريءَ جا رتن ميڙيا. هڪ ڀيري تاج حڪم صادر ڪيو ته چيلهار ۾ ’سُگهڙن جي ڪچهري‘ رکڻي آهي، جنهن کي اسان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران رڪارڊ ڪنداسين. مون سُگهڙن کي سڏ ڏنو، مصري مينگهواڙ، منٺار نهڙي، ارباب نيڪ محمد، راڻو ريگستاني، نرسو مل سُرتاڻي، ڀڳت سترام داس، ٿهارو ڀڳت، ڪريم فقير ۽ ٻيا اچي گڏ ٿيا. ناشاد سمون، دليپ ڪوٺاري، زاهد اوٺو، گل گوماڻي، شهاب نهڙي، هرجي سوٽهڙ، منهنجا ’سُگهڙ ڪچهري‘ منقعد ڪرائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. لوڪ ادب جا اهڙا رنگ رَچي پيا، جو ڪچهريءَ جا ڪوڏيا سج اُڀاري پوءِ سُتا.
مٺيءَ ۾ پڙهڻ دوران چاچي راڻي مل ريگستانيءَ جي ڪتابن ۾ مون کي تاج جويي جو ڪتاب ’سنڌي گيت‘ هٿ چڙهي ويو، ستين يا اٺين ۾ پڙهندو هئس، گيت جي هندي ماترائن جو علم ’ڇند وديا‘ رَٽڻ شروع ڪيم، پوءِ ڇند وديا جي حساب تي ڪچا ڦِڪا گيت لکڻ شروع ڪيم. منهنجي پهرين لکڻي ٽالسٽاءِ جي ترجمو ڪيل ڪهاڻي: ’خوشبوءِ جو موت‘ عبرت مئگزين ۾ڇپي، اُن وقت تاج جويو، عبرت مئگزين جي ادارتي سٿ ۾ شامل هو. انٽر جو امتحان ڏيڻ کان پوءِ مون تاج جويي کي خط لکيو ته ”آءٌ ڪاليج جي پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ رهڻ ٿو چاهيان. مون کي جيڪڏهن ڪنهن اخباري آفيس يا ٻئي ڪنهن هنڌ پارٽ ٽائيم نوڪري ملي وڃي ته منهنجو گذارو ٿي ويندو.“ تاج همٿ ٻڌائيندي چيو ته ”ڪو مسئلو نه آهي. هليو اچ ڏسي ٿا وٺون.“ آءٌ ڪپڙن جي هڙوٽڙي ٻڌي حيدرآباد پهتس. جيستائين روزي روٽيءَ جو بندوبست ٿيو، تيستائين تاج جي گهر رهيس. مون تاج جي لائبريريءَ ۾ ويهي راتين جون راتيون ڪتاب پڙهيا. تاج جويي سان گڏجي ساهتي پرڳڻي کي گُهميو. تاج سان گڏجي سڪرنڊ ويس، جتي سائين ميرمحمد پيرزادي جي ڪتاب ’ڦُٽا لَيار نيڻن ۾‘ جو مهورت رکيل هو. اُنهيءَ پروگرام ۾ سائين عبدالحڪيم ارشد، گدا خاصخيلي، وسيم سومري، ماڻڪ ملاح، سائل پيزادي ۽ ٻين دوستن ۽ محسنن سان مُکاميلو ٿيو. ٻئي ڏينهن مجيد ڪيريي ۽ پير ڪولاچي [ڳوٺن] ڏانهن پنڌ پياسين. رستي ۾ تاجُ، پنهنجي جيون ڪهاڻيءَ جا ورق اُٿلائيندو رهيو. هن جون ڳالهيون جديد سنڌي ادب جي تاريخ جو حصو هجڻ سان گڏ اُتساهه جو ذريعو هيون. پيرڪولاچيءَ ۾ تاجَ جي اباڻي پڊ ۽ مجيد ڪيريي ۾ سندن پراڻي گهر کي ڏٺو سون. تاجَ ٻڌايو هو ته بابا سائين خودداريءَ جي ڪري اسان پيرڪولاچي، مجيد ڪيريي ۽ سن جي ڳوٺن ۾ پڊ ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا رهياسين. ڪڏهن پير ڪولاچي ته ڪڏهن سن يا مجيد ڪيريي جي سفر ۾ پڙهائي جاري رکڻ جي مون ڪوشش ڪئي.خاڪي ڍوري ۾ مال چاريندو هو، آءٌ اسڪول ويندو هئس. خاڪيءَ به چوريءَ مال ڍوري ۾ ڇڏي پڙهڻ ويندو هو، پوءِ جڏهن مال ڍڪ ۾ پيو ته خاڪيءَ جي پڙهائي ختم. تاج ٻُڌايو ته سائين منير احمد ميمڻ (ماڻڪ)، منهنجو پرائمريءَ جو اُستاد هو. مون 1966ع ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران شاعري شروع ڪئي هئي، جڏهن هن جي همعصردوست پير واحدبخش جيلانيءَ عرف ڏاڏي پير چيو هو ته ’خاڪي شاعري ٿو ڪري، پاڻ ڇو نٿا ڪري سگهون.‘ خاڪي جويي راشد مورائيءَ کان سکيل بحر رمل جو وزن ’فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن فاعلات‘ مون کي سيکاريو ته اُنهيءَ ڏينهن اسان ٻنهي ڀائرن نئين سکيل وزن تي شعر لکيو. ٻئي ڏينهن راشد کي ڏيکارڻ تي معلوم ٿيو ته خاڪيءَ جي شعر ۾ ڪجهه ڪچايون هيون، جڏهن ته منهنجو شعر وزن تي پورو هو. اسان 1966ع ڌاري پير ڪولاچيءَ ۾ سائين راشد مورائيءَ جي سرپرستي ۾ ’آئينه ادب موري،‘جي شاخ قائم ڪئي. اڳتي هلي خاڪيءَ هارپو ۽ مال ڇڏي منيارڪي سامان جي مانڊڻي هلائي، ۽ مون کي هر حال ۾ پڙهائيءَ ۾ مدد ڪندو رهيو. منهنجي مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ خاڪيءَ مون کي ڊاڪٽربنائڻ ٿي چاهيو، پر وسيلا ساٿ ڏئي نه سگهيا. مون ۽ خاڪيءَ پاڻ سِرون وجهي، 1970ع ڌاري، مجيد ڪيريي ڳوٺ ۾ لائبريريءَ جو ڪمرو تيار ڪيو هو.
اسان مجيد ڪيريي ۾ هڪ رات رهي، قاضي احمد آياسين، جتان پوءِ نوابشاه اچي نڪتاسين.نوابشاهه ۾ پروفيسر قريشي حامد علي خانائيءَ سان ڪچهري ڪرڻ ۽ بشير هيسباڻيءَ جي لائبريري ۽ ايڇ. ايم خواجه اسڪول کي ڏسڻو هو. پروفيسر حامد علي خانائيءَ سان ملندي، مون کي ڀٽائي ياد آيو: ’هي جي ويا هنگلور ته ڪرمين ملندا ڪاپڙي.‘
تاج، ساهتي پرڳڻي مان واپس اچي مون سان اخباري دفترن ڏانهن به منهنجي پارٽ ٽائيم نوڪريءَ واسطي گڏ هليو. هڪ روزاني اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ملي وئي. انهيءَ ۾ پياري دوست الياس ٿريءَ به مدد ڪئي. مون ۽ الياس ٿريءَ جي. او. آر ڪالونيءَ ۾ هڪ جاءِ مسواڙ تي ورتي. صبح جو يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ جي تياري ۽ شام جو صحافت جي نالي مزدوري، بهرحال هڪڙو پير ٽڪاءُ ٿيو.
تاجَ جي آفيس به ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيندو رهيو، جتي منهنجو ٻن عظيم شخصيتن سان تعارف ٿيو: هڪ سائين ابراهيم ۽ ٻيو علي بابا سان. علي بابا، پروفيسر سائينداد ساند جي شاديءَ جي دعوت تي مِٺيءَ آيو هو، تڏهن هُن سان پهرين ملاقات ٿي هئي، پر هتي ٺاهي جوڙي رهاڻ ڪئيسون؛ پوءِ اسان جو اهو رهاڻ جو سلسلو ا ڳتي وڌندو ويو. علي بابا ڪڏهن ڪڏهن منهنجي جي. او. آر ڪالونيءَ واري جاءِ تي به هليو ايندو هو، جتي تيز پتيءَ واري چانهه هن جي پهرين فرمائش هوندي هئي. ڇا ته هُو شخص هو! مون سان هن جي گهڻي ڪچهري ويدن، پِراڻن، سُوترن، اُپشندن، رامائڻ، ٿري لوڪ ادب متعلق هوندي هئي. هُو مون کي ’موهن جي دڙي‘ ناول جا ڊائلاگ ٻڌائيندو هو. سنجوڳَ جي روايت مون پهرين علي بابا کان ٻُڌي، پوءِ ويدن جي ٽيڪا ٽپڻيءَ وارن ڪتابن ۾ پڙهي. تاج جويي جي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ واري آفيس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي مرتئي تي، آءٌ ۽ علي بابا، تاج سان گڏجي سڄو ڏينهن رُنا هُئاسين. انهيءَ ڏينهن جي ڪيفيتن کي ڪاغذ تي ميڙي، هڪ وڏو ڪالم لِکيو هئم، جيڪو روزاني ’دُعا‘ ۾ ڇپيو هو. تاجَ وٽ اڄ به اُهو ڪالم سنڀالي رکيل هوندو. آءٌ ته پنهنجي رولاڪ طبيعت سبب وڃائي چڪو آهيان. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ تي تاجَ ۽ ٻين دوستن گڏجي، هڪ بهترين پروگرام رکرايو هو، جنهن ۾ سائين مير محمد پيرزادي جامع مقالو پڙهيو هو.
علم ۽ ادب جي ونڊَ جي حوالي سان هن جي دل سخيءَ جي دل وانگر کليل رهي آهي، هن وٽ علم آهي، ادب آهي، سُڃاڻپ ۽ سنيهو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي اسان جو تعلق ’تاج جويي سٿ‘ سان رهيو. عبدالحڪيم ارشد، راشد مورائي، اياز گل، ادل سومري، مختيار ملڪ، ادريس جتوئي، مدد علي سنڌي، آزاد انور ڪانڌڙي،
ساگر ڏهراج، گل حسن لاکي، وفا مولابخش قمبراڻي، معشوق ڌاريجي کان وٺي ميرمحمد پيرزادي، سائل پيرزادي، رياضت ٻرڙي، احمد سولنگي، رکيل مورائيءَ تائين ڪيترن ئي داناءَ دوستن ۽ محسنن سان، منهنجي پهرينءَ ملاقات جو ذريعو تاج جويو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو پليٽ فارم رهيا آهن. هڪ دفعي حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن جي موقعي تي آءٌ، ايوب کوسو ۽ ڪجهه ٻيا دوست گڏجي ويٺا هئاسين. تاج جي مخالف پئنل جي هڪ سينئر شاعر، ايوب کوسي سان مخاطب ٿيندي کيس ڪُجهه ٿورا جتايا، ۽ پوءِ چيو ته: ’تون تاج کي ووٽ نه ڏي.‘ جنهن جي جواب ۾ ايوب کوسي جذباتي ٿيندي کيس چيو ته: ”تاج، سنڌ سان محبتِ اظهار جو نالو آهي، تاج کي ڇڏي ٻئي کي ڪيئن ووٽ ڏئي سگهجي ٿو!“ انهيءَ چونڊ جي موقعي تي تاج پئنل کٽي ويو هو. جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سيڪريٽري جنرل ٿيو، آءٌ انهي ٽرم ۾ ضلعي ٿرپارڪر لاءِ سنڌي ادبي سنگت جو رابطه سيڪريٽري ٿيو هئس، سنڌي ادبي سنگت جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ اسان هم خيال دوستن پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪيو، ۽ غير آئيني فيصلن جي تنظيم اندر مخالفت ڪئي ته اسان جون مختلف شاخون بهانا بڻائي رد ڪيون ويون، جيڪي اڃا تائين ٻيهر بحال نه ٿي سگهيون آهن.
تاجُ، ڪنهن ڳالهه تي وڏي ڀاءِ جي حيثيت ۾ وڙهي به پوندو آهي ته آءٌ اڪثر خاموشي اختيار ڪندو آهيان، پر جيڪڏهن ڪا گستاخي ڪري ويهندو آهيان، ته به تاج دل تي نه وٺندو آهي. هڪ دفعي ڇا ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران مٺيءَ ۾ ٿر جي سنڌي ٻوليءَ جي لهجن بابت ڪانفرنس رکائي وئي، مون انهي ءَ پروگرام ۾ تاج سان ڪنهن ڳالهه تان ناراضگيءَ جو معمولي تاثر جوڙيندي، گڏيل لفظن ۾ ٿورو ذڪر ڪيو، پنڊال ۾ حيرت پيدا ٿي وئي ته ڀاروءَ ائين ڪيئن ڳالهايو، پر تاج مُرڪندو رهيو. جيئن پروگرام ختم ٿيو، حُڪم ڪيائين: ”ادا اسين سڀ دوست تو وٽ ماني کائينداسين ۽ سُڀاڻي سڀ گڏجي ننگر به هلنداسين، مٺي توڙي ننگرپارڪر ۾ سڀ بندوبست تو کي ڪرڻو آهي”. صادق ففير گڏ هجي، مون فقير کي وچ ۾ آڻي عرض ڪيو ته منهنجي ناراضگي ختم آهي، پر اڳيان تاج ڪٿي ٿو مڃي. ننگر پارڪر جي سفر دوران صادق فقير ساڙڌري ۾ تنبوري تي خوبصورت ڳايو. تاجَ جانجَهه سنڀالي. سنگت تاج کي ’ڀڳت تاجو‘ سڏيو، صادق فقير جي ٽهڪن جا ٽاڙيا هئا!
تاج جويو پهريون دفعو ٿر، مانواري استاد سائين هيمن داس چنداڻيءَ جي شاديءَ جي موقعي تي آيو هو. هيمن داس جي ڄڃ ۾ آمريي جي ڳوٺ ويو. ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڳالهه هُلي وئي ته هڪ پڙهيل لکيل جويو [مسلمان] هڪ مينگهواڙ جي ڄڃ ۾ آيو آهي ۽ هن کاڌو پيتو به مينگهواڙن جو آهي. سائين هيمن داس منهنجو هاءِ اسڪول جي زماني ۾ اُستاد رهيو آهي. هن جو پُٽ راجندر منهنجو ڪلاسي دوست هجڻ ڪري، سائين هيمن مون کي به پنهنجي اولاد وانگر ڀانيو آهي. تاج جڏهن به مٺيءَ آيو ته سائين هيمن داس جي گهر گڏجي ويا آهيون. سائين سنڀومل هميراڻي، سترام داس هميراڻي، هرچند راءِ، ڌنجي مل، کيئنري مل ۽ ٻين سان گڏ، تاج ۽ راشد مورائي ٽرينگ ڪاليج سڪرنڊ ۾ پي. ٽي. سي ۽ ايس. وي جو ڪورس ڪيو. راشد ۽ سنڀوءَ جي ڪمرن تي مشاعرا ٿيندا هئا.
تاج جڏهن مٺي ڪاليج جو ليڪچرار ٿي آيو ته هن ادبي سرگرمين کي اتساه ڏنو. پراڻن ساٿين سان ملاقاتون ٿيون. نئين ادبي ادبي کيپ تيار ٿي، سائين حاجي محمد دل ۽ تاراچند راٺيءَ جا لکيل اسٽيج ڊراما پلي ٿيڻ شروع ٿيا.. تاج هڪ ڊرامي لاءِ ترت بنيادن تي گيت ’تصور ۾ تڪي تارا، گذر ٿي رات ويندي آ‘ لکيو، جنهن گيت کي صادق فقير، خوبصورت انداز ۾ ڳايو. هو مٺيءَ جي محفلن ۾جديد سنڌي شاعريءَ جا ستارا چمڪڻ لڳا. نوجوان شاعر گل گوماڻيءَ کي انهيءَ دَور ۾ ايازگل جي شاعري تمام گهڻي ياد هوندي هئي. ٿر جي راڳين، راشد مورائي، اياز گل ۽ ادل سومري جي شاعريءَ کي ڳائڻ لاءِ چونڊيو. نون ڇپجندڙ ڪتابن تي ٽيڪا ٽپڻي شروع ٿي. اهڙو ماحول جوڙڻ ۾ تاج جويي جو وڏو ڪردار رهيو. ٻن سالن بعد تاج مٺي ڪاليج مان بدلي ٿي ويو، پر ٿر سان تاج جو تعلق جُڙيل رهيو. منهنجا ڪيترائي دوست، تاج جويي جا شاگرد آهن. تاج مٺيءَ جي پروگرامن جو تاج ٿي رهيو آهي. هڪ دفعي ڪجهه دوستن نئين ڪوٽ ۾ مائي ڀاڳيءَ جي ورسيءَ جو پروگرام رکيو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪري رهيو هو. تاج الانا صاحب سان گڏجي حيدرآباد مان آيو هو، اسان ڪجهه دوست مٺيءَ مان پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ ويا هُئاسين. اوچتو ڪن شرپسندن پروگرام ۾ جهيڙو ڪري وڌو، تاجُ اُنهيءَ پروگرام جي پڙ ۾ پهلوان ٿي کين مُنهن ڏنو. سنگت ساٿ کي ڌڪن وغيره لڳڻ کان بچايو.
’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘جو ڪم شروع ڪرائڻ ۾ تاج جو اهم ڪردار آهي. تاج سنڌ جي ٻين ضلعن جيان مٺيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي هُئي. پريس ڪلب ۾ ٿر جي دوستن جي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ سنڀو هميراڻيءَ کي ضلعي رهبر مقرر ڪيو ويو هو. ٿر بابت مواد ميڙڻ لاءِ سمورن دوستن کي پابند بڻايو ويو. مون، سنڀوءَ ۽ ڪجهه دوستن باقاعدي ڪم ڪيو.
ڪنهن ساڙ سڙيي سماجي ميڊيا ۾ ڪنهن جي ونگار وهندي، ڪوڙي آءِ ڊي تان تاج جويي تي ’گوسڙو ماستر‘ هُجڻ جا الزام پڻ ڌريا، اُن وقت تاج سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري ۾ سيڪريٽري هو، ڪافي دوستن اهڙي حرڪت جي مذمت ڪئي، مون به سماجي ميڊيا جي صفحي تي لکيو: ”تاج جويو سنڌ جو اهڙو متحرڪ شخص آهي جنهن جو پنهنجي ڏات، پنهجي ڪِرت، پنهنجي جدوجهد سان گهرو سٻنڌ رهيو آهي. هن جون محبتون پنهنجي ماروئڙن لاءِ آهن، پنهنجي شاگردن لاءِ آهن. هن سڪرنڊ جي پرائمري اسڪول کان وٺي، مٺي ۽ قاسم آباد جي ڪاليجن تائين باقائدي هڪ فرض شناس استاد طور پڙهايو آهي. ڪشمور کان ويندي ننگرپارڪر تائين سموري سنڌ ڌرتيءَ جا ڏهر، مڙها، ڍورا، واهه، واهڻ وَستيون، هن جي سفر ۾ رهيا، پر هن ڪڏهن به اسڪول کان ڪاليج تائين، پنهنجو پيرڊ خالي نه ڇڏيو آهي. تاج جويي جڏهن مٺي ڪاليج ۾ نوڪري شروع ڪئي هئي، تڏهن هن شهر تائين پڪو رستو به نه هو، تڏهن اٺ يا ڇڪڙي (کيکڙي) ۾ چڙهي اچي به هن پڙهائڻ جو فرض پورو ڪرڻ جي وچ ۾ ولهو ڏينهن نه آندو. مجيد ڪيريي مان آندل هڙوٽڙيءَ کي ساڻ ڪري، ڪڏهن پرشوتم واسواڻيءَ جي گهر رهيو ته ڪڏهن هيمن چنداڻيءَ جي گهر وقت ڪاٽيائين، زندگيءَ جي اها تلخ گهڙي هوندي آهي، جنهن گهڙيءَ ۾ پورهيي باوجود پنهنجا لوئڻ شروع ڪندا آهن، زمانو الزامن جون آڱريون اُڀيون ڪندو آهي، اهڙي ڪيفيت ۾ شيخ اياز چيو هو؛ ”اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا.“
تاج جويو جديد شاعر، ٻوليءَ جو ماهر اديب هُئڻ سان گڏ، ڪلاسيڪل توڙي جديد سنڌي شاعريءَ جو سگهارو نقاد آهي، پر هن ڀٽائي ۽ اياز جي هر ڪردار کي اندر ۾ اوتيو آهي. ڀٽائي ۽ اياز جي آدرش کي رُوح ۾ سمائي، زندگيءَ کي سنڌ سان عشق جو نالو ڏنو آهي. ماياڪووسڪيءَ چيو آهي: ”جڏهن عشق جي ڪشتي حالات جي لهرن سان ٽڪرائجي ٽُٽي وڃي، تڏهن اهو احساس نه ڪجان ته ڪنهن ڪيتري بيوفائي ڪئي.“ پر تاج جويي جي عشق جي ڪشتي، اهڙين حالتن باوجود ڪڏهن ٽُٽي نه آهي. هن سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي قافلي جي پهرينءَ صف جو ڪارڪن ٿي، هڪ استاد جي حيثيت ۾، هڪ شاعر جي حيثيت ۾، هڪ نقاد جي حيثيت ۾، هڪ اديب جي حيثيت ۾ پورهيو ڪيو آهي،نڪولا واپستاروف جي انهيءَ شعر جيان ته:
انهيءَ دُک جي پيڙا جي قيمت نٿا گهرون،
عيوضي ۾ ڪنهن اُجوري يا شهرت جي گهرج ناهي،
نه ئي ڪئلينڊر جي تصوير بڻجڻو اٿئون،
بس اسان کان پوءِ جيڪي اچن،
تن کي ايترو چئجو،
هڪ زندگي، هڪ مورت، هڪ ڪلپنا گهڙيندا رهياسين،
روشنيءَ جي لاءِ اونداهيءَ سان وڙهندا رهياسين.
هي اهو دَور آهي، جنهن دور ۾ تاريخ جا اُڊڙيل بکيا وري هڪ نئين سيبي لاءِ ساهه کڻي رهيا آهن، انهيءَ دَور ۾ اوڻٽهين اونداهيءَ سان اٽڪي، چانڊوڪيءَ کي چاهڻ وارو هڪ محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن کي سندس رَتَ جا رشتا ڪٽهڙي ۾ آڻي رهيا آهن، ٻيو تاج جويو، جنهن کي رُوح جا رشتا الزامن جي آرسي آڇي رهيا آهن. اي سنڌ! منهنجي دَور جي محسنن سان هي ڇا ٿي رهيو آهي ؟
ڪنهن پرڏيهي شاعر چيو ته: ”عظيم انسان نه رُڳو پوري قوم کي مانائتو بڻائي ڇڏين ٿا، پر انهن سڀني کي سرفراز ڪن ٿا، جي سندن دَور ۾ رهن ٿا.“
ڀوري ڀيل جي واقعي تي احساسن سان ڀريل تاج جويي جو ليک، سنڌ جي تصوف ۽ ويدانت جي ويچارن سان گڏ ’بلاولي بحرين‘ مان جام پيئندڙ جوڌن جي للڪار هو. ساڳيءَ ريت ٿر جي مورن، هرڻن ۽ ڪونجڙين جي شڪار تي تاج جو لکيل ڪالم ڪارونجهر جي ڪرب ڪهاڻي هو. تاج پنهنجي اولاد جا نالا به ثقافتي ۽ قومي ڪردارن مان چونڊي رکيا آهن روپلو جويو، سارنگ جويو، هوشو جويو ۽ هڪڙي پُٽ جو نالو حمير هو، جيڪو ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. سنڌ جو ناليوارو ڪلاڪار صادق فقير، تاج جويي جو ڪاليج جي پڙهائيءَ دوران شاگرد رهيو. صادق فقير، ٻن شخصيتن: تاج ۽ آريسر لاءِ سدائين نالي کان اڳ ’سائين‘ لفظ ڪتب آڻيندو هو. سنڀو هميراڻي ۽ صادق فقير جي مرتئي تي تاج جون اکيون اوهيرا ٿي وٺيون.
’سَنڀو‘هڪ هُيو، ’سَنڀو‘ٿيندو ڪينڪي،
’ڍاڻي‘آءُ’هميرَ جي‘، مون سان گڏجي رو،
مُنهنجو ساجن تو، ڪيئن لِڪايو لوڪَ کان!
–
ٿيڻو ناهي ٿَر ۾، ڪڏهن نِينهُن نِراسُ،
مِٺيءَ مٿان چيٽَ جو، هِي ڇو چند اُداس؟
اوجاڳيل آڪاسُ، سارا تارا مُونجههَ ۾!
مٺيءَ مان جڏهن موهن ڀڳت کي بي گهر ڪيو ويو، تڏهن تاج واڪا ڪندي چيو ته:
هيڏو سارو ٿر،
پوءِ به؟
موهن ڀڳت ڇو،
مٺيءَ مان بي گهر؟
هن جي پرلوڪ پڌارڻ تي لکيائين:
لوڪ ساگر جي ڪنهن ڪويءَ چيو آهي:
هينئين هيت گهڻو، ڪاگر ۾ سمائي نهين!
آءٌ اقرار ٿو ڪريان ته رَنڊا روڙيل هي منهنجا لفظ، تاج جي قلم، ڪردار، پورهيي ۽ پنڌ جي پوري عڪاسي نٿا ڪري سگهن. مون جڏهن به تاج تي لکڻ جو سوچيو ته منهنجي تصور ۾ فارسيءَ جو شعر تري آيو آهي ته:
”منهنجي نظر جو پاندُ سوڙهو آهي
۽ تُنهنجي سُونهن جا گُل سوين آهن.
(منهنجي) نظر تُنهنجي سُونهن جا گُل پَٽي ٿي ته
اُن کي پاند جي سوڙهي هُجڻ تي چِڙ اچي ٿي.“
_____________
ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



