اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!جنھن رات ۾ تو ٿي بيت چيا، سا رات اڃان ڀي جاري آ
انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سگا گهوٽڪي ءَ پاران ترقي پسند دانشور, اديب, شاعر, صحافي، محقق ۽ ڀٽائي جي عاشق انور پيرزادي جي ارڙهين ورسيءَ جي تقريب
گھوٽڪي
سنڌ جي ناليواري ترقي پسند دانشور, اديب, شاعر, صحافي، محقق ۽ ڀٽائي جي عاشق انور پيرزادي جي ارڙهين ورسيءَ جي سلسلي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سگا گهوٽڪي پاران سگا آفيس گهوٽڪيءَ ۾ ھڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن گهوٽڪيءَ جي صدر ايڊووڪيٽ شاهنواز وسير ڪئي. خاص مهمان سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي گهوٽڪي جو جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ خالد لاکو هو ۽ اعزازي مهمانن ۾ ڊسٽرڪٽ بار گهوٽڪيءَ جو جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ پرديپ ڪمار،شاه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ڊاڪٽر ﷲ بخش لکڻ، سنڌي ادبي سنگت ضلعي گهوٽڪيءَ جو رابطا سيڪريٽري سڪندر اوڳاهي ۽ عبدالحئي ڀٽو هئا. تقريب جي ڪارروائي سگا گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف دايي هلائي، جڏهن تہ انجمن ترقي پسند مصنفين گهوٽڪي ضلعي جي صدر پروفيسر وجيش ڪمار ھلائي ۽ جنرل سيڪريٽري سارنگ ڪلاديءَ آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو.

ان موقعي تي سگا گهوٽڪي جي فنانس سيڪريٽري رئوف پارس دايو،اطلاعات سيڪريٽري الهورايو بوزدار،عبدالحئي ڀٽو،پرفيسر وجيش ڪمار,خالد حسين لاکو ۽ ايڊووڪيٽ شاهنواز وسير پاران انور پيرزادي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ انور پيرزادي جهڙا ڪردار صدين کان پوءِ جنم وٺندا آهن، اهوئي سبب آهي جو موجوده دور ۾ ڪو به انور پيرزادو جنم وٺي ناهي سگهيو، هن ڀٽائي، سنڌ ۽ موهن جي دڙي کي انگريزي ٻوليءَ جي ذريعي سموري دنيا تائين متعارف ڪرايو، لطيف کي انور جي اک سان جن بہ ڏٺو آهي، انهن کي ڀٽائي جو فڪر، فلسفو ۽ شخصيت چڱي طرح سمجهه ۾ آئي آهي، انور پيرزادي جا ڪتاب اسان جي لاءِ عظمت جو اهڃاڻ آهن، انهن مان سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت کي ايڪسپلور ڪري سگهجي ٿو، هن جي هر سوچ اسان جي لاءِ مشعل راهہ آهي، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن گهوٽڪي جي صدر شاهنواز وسير سگا گهوٽڪي جي ڊاڪٽر بشير احمد گهوٽو لائبريري ۾ انور پيرزادو ڪارنر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو تہ هو پنهنجي طرفان انور پيرزادو ڪارنر لاءِ ڪتاب خريد ڪري ڪارنر ۾ رکندو .هن تقريب ۾ اٻاوڙو مان ايڊووڪيٽ امتياز ڪولاچي، ايڊووڪيٽ محفل علي ڪلوڙ, عبدالحمید رند،شير گل مهر، ارشاد احمد مهر، طالب حسين گهوٽو، عوام دوست اتحاد جي اڳواڻ غفار گڏاڻي،وي ڊي او جي ڊائريڪٽر علي حسن مهر، ايڊووڪيٽ راڻا عرفان، سيد عارف شاهہ, سگا سخي عبدالله جي اڳواڻن علي بهار شاهاڻي,امتياز علي شاهاڻي ۽ سانول خان لولائي, ڊگري ڪاليج گهوٽڪي جي پرنسيپال پروفيسر عبدالحفيظ دايو ۽ پروفيسر عبدالرزاق چاچڙ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن تہ مشهور راڳين سارنگ ڪلاديءَ پنهنجي نامياري انقلابي شاعر جمن دربدر جي شاعري ۽ سيد صفدر علي شاه خوبصورت آواز ۾ سنڌ جي انقلابي ڪردار انور پيرزادي جي ھيٺئين نظم کي جهونگاري محفل کي مهڪائي ڇڏيو:

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!جنھن رات ۾ تو ٿي بيت چيا,سا رات اڃان ڀي جاري آ،
۽ سج ڏنگايون ڪو نه ڇڏيون, ھي پنڌ پري جو واري آ, مان ڪنھن سان پنھنجا سور سليان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اڄ رات رنو آ رت ڦڙو,۽ تارا سور پيئن ٿا پيا،
ھوءَ سانجھي سڏڪي روئي ٿي ۽ سوريءَ گيت چڙھن ٿا پيا, توکي نه چوان ٻيوڪنھن کي چوان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
مون تنھنجي راڳن جي سرن ۾, جان سنھڙي سينڍ وڄائي آ، ھر ماڻھوءَ ڀينڊ ھنئي آھي، ھر گھر گھٽي ڄڻ ڦاھي آھي، ات ڪرڻن جي ڪا ڪوڪ ڪجان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
مون تنھنجي ڏات ڏيا مان اڄ,جان ھڪڙو چڪڙو چاھ چکيو، ھر ماڻھوءَ کي مون ڀاءُ ڪيو، ٿي تنھنجون وايون آءُ وڙھان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ھي ماڻھو تنھنجي بيتن کي ڌرتي کان ڌار ڇني ٿا ڪن، ٿيون وايون تنھنجيون وار پٽن ۽ سرڙا تنھنجا اوسارن
ھي ارھي سرھي دانھن ڏجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
ڪنھن انڌوڪار انڌا ڪيا ھن، ٿا ماڻھو توکي شاھ چون ۽ تنھنجي راڳ رسالي کي ٿا آيتون سمجھي ڪنڌ ھڻن، تون ڪيڏو ڏور ھليو ويو آن
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
___________________



