Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

مُراد شاھ چوي ٿو: ڀارت طرفان چناب درياھ ۾ پاڻي ڇڏڻ سان سنڌ کي خطرو آھي

5 سيپٽمبر تائين گڊو بئراج وٽ 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪرو اچي سگهي ٿو۔ 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کي سپر فلڊ قرار ڏنو وڃي ٿو، ڪراچيءَ ۾ وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس

ڪراچي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته ڀارت طرفان درياءِ چناب ۾ وڏي پيماني تي پاڻي ڇڏڻ بعد سنڌ کي “سپر فلڊ” جو خطرو آهي.

هن وفاقي حڪومت کي زور ڏنو ته هو جامع موسمياتي تبديلي (ڪلائميٽ چينج) پاليسي تيار ڪري ته جيئن پاڪستان هر سال ايندڙ قدرتي آفتن سان بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهي.

هن اها ڳالهه نئين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي جتي صوبائي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه پڻ موجود هئا۔

وڏي وزير ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ 10 لک 77 هزار ڪيوسڪ پاڻي قادرآباد بئراج تي پهتو هو. هن وضاحت ڪئي ته درياءَ جهلم، چناب، راوي ۽ ستلج جو پاڻي پنجند تي گڏجي پوءِ ڪوٽ مٺن وٽ درياءِ سنڌ ۾ شامل ٿئي ٿو۔

مراد شاهه ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي موجب 5 سيپٽمبر تائين گڊو بئراج وٽ 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪرو اچي سگهي ٿو۔ هن چيو تہ 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کي سپر فلڊ قرار ڏنو وڃي ٿو.

هن ٻڌايو ته 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ بندن کي لڳ ڀڳ ڇهه فوٽ مٿي ڪيو ويو هو۔ هن چيو ته 2010 جي سپر فلڊ ۾ گڊو بئراج وٽ 11 لک 48 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذريو هو جڏهن ته 2014 ۾ 5 لک 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي ٽريمو بئراج مان محفوظ طريقي سان گذري ويو۔ ھن چيو تازو 24 آگسٽ تي 5 لک 50 هزار ڪيوسڪ وهڪرو گڊو بئراج مان بغير ڪنهن خطري جي گذريو۔ اڄ اسان 9 لک 10 هزار ڪيوسڪ تائين جي وهڪري لاءِ تيار آهيون. هن ٻڌايو ته هر چوٿين ميل تي هڪ چوڪي قائم ڪئي وئي آهي، جتي 16 اهلڪار چوويھ ڪلاڪ نگراني ڪن ٿا ۽ ايمرجنسي ۾ فوري ڪارروائي لاءِ تربيت يافته آهن۔ حساس هنڌن تي مشينري ۽ ٻيا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته “ڪي ڪي بند” جي خاص حفاظت ڪئي وئي آهي۔

سوالن جوابن دوران مراد شاهه موسمياتي تبديلي جي سنگيني بابت ڳالهائيندي چيو اسان کي مڃڻو پوندو ته ڪلائميٽ چينج جا اثر انتهائي خطرناڪ آهن۔ هن چيو في الحال منهنجو سڄو ڌيان سنڌ کي ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن محفوظ رکڻ تي آهي، پر قومي سطح تي هڪ جامع پاليسي لازمي آهي۔ هن ياد ڏياريو ته 2022 جي سيلاب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا هئا جڏهن ته هن ڀيري پنجاب کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي۔

هن وضاحت ڪئي ته پنجاب ۾ موجوده وڏا وهڪرا چناب، راوي ۽ ستلج دريائن سبب آهن ۽ اهو پاڻي ڪالاباغ ڏانهن نٿو موڙي سگهجي۔ آخر ۾ وڏي وزير وري چيو سنڌ حڪومت 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي۔

انٽرويو

سيد مراد علي شاهه هڪ خانگي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت سپر فلڊ جي امڪاني صورتحال لاءِ مڪمل تياري ڪري چڪي آهي ۽ نَو لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گذرڻ جا سڀ انتظام مڪمل ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڀارت پاران اَٺ کان ڏهه لک ۽ اڃا ته ٻارهن کان ارڙهن لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج تائين پهچڻ جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن پر سنڌ حڪومت هر امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي جامع حڪمتِ عملي تي عمل ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته درياهه چناب ۽ جهلم جو سڀ کان وڏو وهڪرو ٽريمون بئراج تي گهٽتائي کان پوءِ اچي چڪو آهي ۽ اهو پاڻي پنجند تائين پهچڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳندا. پنجند تي صورتحال واضح ٿيندي ۽ اتان کان خبر پوندي ته ڪيترو وڏو وھڪرو گڊو بئراج تائين پهچندو. اهو پاڻي وڌيڪ ٻه ڏينهن بعد گڊو بئراج پهچندو يعني 6 سيپٽمبر تي سڀ کان وڏو وھڪرو اچڻ جي اميد آهي.

هن چيو تہ هر هڪ لک ڪيوسڪ جي واڌ سان درياهه ۾ لڳ ڀڳ هڪ فُٽ پاڻي وڌي ٿو پر سنڌ جا بئراج ڏهه لک ڪيوسڪ جي وهڪري کي برداشت ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا.

سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته درياهن ۾ امڪاني سپر فلڊ جي اڳواٽ تياري طور متاثر ضلعن جي ڳوٺاڻن علائقن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ مقامي آبادي کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جا انتظام مڪمل ٿي ويا آهن. جيتوڻيڪ وڏي پيماني تي ماڻهن کي اڃا منتقل نه ڪيو ويو آهي پر ضلعي انتظاميه ۽ آبپاشي کاتي جي عملي هيٺاهين علائقن جي رهاڪن کي صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو ڪنهن به وقت لڏپلاڻ لاءِ تيار رهن. وڏي وزير چيو ته اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن جو وقت هوندو جنهن ۾ لڏپلاڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته لڏپلاڻ لاءِ ٻيڙين ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست ڪري ڇڏيو ويو آهي. اسان وٽ پنهنجون ٻيڙيون موجود آهن، نيوي مدد فراهم ڪئي آهي، آرمي پنهنجا وسيلا ڏنا آهن ۽ مقامي پرائيويٽ ٻيڙيون به حاصل ڪيون پيون وڃن ته جيئن بروقت ماڻھن کي ڪڍڻ ممڪن بڻجي سگهي. (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button