سنڌي ادب: فوٽ پاٿ تي رکيل ماڻهو (نظماڻو نثر)
نثارٻانڀڻ
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رھندڙ نثار ٻانڀڻ اصل خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواھ جي ڳوٺ مير محمد ٻانڀڻ جوآھي. کيس مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو پنجويھ ورھين جو تجربو آھي. حُن ٽي سال صحافت بہ ڪئي ۽ ٻن ڏھاڪن کان ھڪ سرڪاري اداري سان لاڳاپيل آھي. انگريزي، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ اسڪرپٽ رائيٽنگ، اسڪرين رائيٽنگ، شاعري، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ جي حوالي سان کيس ڄاتو وڃي ٿو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن رسالن ۾ ڇپجندا رھن ٿا.

فوٽ پاٿ تي رکيل ماڻهو (نظماڻو نثر)
ماٺ جي فوٽ پاٿ تي رات هڪ ٿيلهو رکيو آهي
زِپ بند آهي، پر اندر کان هڪڙي گهنٽيءَ جو آواز اچي رهيو آهي.
مان جهڪي ڏسان ٿو، اندر ڪو سامان ڪونهي، رڳو اهي رستا آهن
جن تي اسين وڃي پئي سگهياسين، پر وڃي ڪونه سگهياسين!
ٿيلهي جي هڪ کيسي ۾ ڪجهه چهرا ويڙهيل پيا آهن.
کولڻ سان چهرا نٿا نڪرن، اهي لمحا بڻجي ٿا نڪرن
شايد ان ڪري جو اسين ڪنهن کي سڃاڻي به
اڻڄاڻ ٿيڻ جو فيصلو ٻڌائي چڪا هياسين!
ٻئي کيسي ۾ ننڍڙا ننڍڙا آئينا رکيا آهن.
پهرئين ۾ منهنجو چهرو آهي.
ٻئي ۾ اهو چهرو جيڪو مان ماڻهن کي
ڏيکاريندو رهيو آهيان.
ٽئين ۾ ڪجهه به ڪونهي.
تڏهن سمجهه ۾ اچي ٿو آئينو خالي ڪونه هو،
مان ئي ان ۾ پنهنجي جاءِ تان غائب هئس.
هيٺ ڪجھ ڦڪا ٿي ويل پنا پڻ پيل آهن.
انهن تي خواب ناهن،
خوابن جون تاريخون لکيل آهن.
هر خواب جي اڳيان هڪ ئي لفظ لکيل آهي
“پوءِ ڪڏهن.”
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي اسين خوابن کي دفن نٿا ڪريون،
بس انهن کي ڪئلينڊر جي حوالي ڪري ٿا ڇڏيون .
هڪ پني جي وچ ۾ ٻه هٿ ٺهيل آهن
ٻئي جيئرا ۽ ٻئي گرم،
ٻئي هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو ٿيل!
پر وچ ۾ هڪ ننڍڙي اسڪرين آهي،
جنهن تي سالن کان لکيل آهي
“ٽائيپنگ…”
شايد ڪجھ محبتون ختم نٿيون ٿين،
رڳو جواب تائين پهچندي پهچندي
پنهنجي عمر وڃائي ويهن ٿيون.
رات وڌيڪ اونداهي ۽ اونهي ٿيندي پئي وڃي
پڻ ٿيلهي جو وزن وڌندو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ مون ان ۾ ٻيو ڪجهه به ناهي رکيو.
تڏهن خبر ٿي پوي اُن ۾ سڀ کان ڳري شيءِ
اها ڳالهه رکيل آهي جيڪا وقت سر چئي ڇڏجي ها،
ته شايد هيءَ ڪهاڻي ايتري ڊگهي نه ٿئي ها.
فوٽ پاٿ تان ماڻهو لنگهن ٿا.
هڪ ماڻهو پنهنجي کيسي ۾
پراڻو جهريل گهر کڻي وڃي رهيو آهي
ٻيو ڪنهن جو آخري لهجو،
ٽيون هڪ اهڙو انتظار جنهن کي هو
کير جي ڀريل آخري گلاس وانگر
ٻنهي هٿن سان سنڀالي رهيو آهي!
جي ٿورڙو به جهڪيو ته سمورو هارجي ويندو.
هو هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا، رڳو هڪ نظر
ڄڻ ٻه اڻ سڃاتل هڪڙي ئي غلط ڏس پتي تي
پنهنجو نالو لکيل ڏسي وٺن ۽ پوءِ اڳتي وڌي وڃن ٿا.
رات جي آخري پهر ۾ ٿيلهو پاڻ کلي ٿو
اندر هڪ خالي ڪرسي پڻ رکيل آهي
جنهن تي نه دزَ مٽي پيل آهي
۽ نه ئي مٿس ويهڻ جو ڪو نشان
مان ان کي گهڻي دير تائين ڏسان ٿو،
پوءِ ان جي پٺ تي لکيل پنهنجو نالو ڏسي وٺان ٿو
تڏهن سمجهه ۾ ايو هي ڪنهن جي انتظار جي ڪرسي ڪونهي،
هيءَ اها جاءِ آهي جتان مان پنهنجي ئي زندگيءَ مان اٿي هليو ويو هئس.
مان ڪرسيءَ ڀرسان ويهان ٿو.
ڪجهه دير کان پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو
ڄڻ منهنجي اندر ڪو ويٺي مون کي ڏسي رهيو آهي.!
اهو منهنجو قديمي وجود “مان” آهي
جنهن اڃا تائين مون کي معاف ناهي ڪيو.!
صبح ٿيڻ لڳي ٿي ٿيلهي جي آخري خاني مان
هڪ پراڻي چاٻي ملي ٿي.
مان ان کي سالن کان ڪنهن دروازي جي چاٻي سمجهندو رهيو هئس.
چاٻي سان ٻڌل ڪاغذ کوليم رڳو هڪ جملو لکيل هو
“دروازو ٻاهر ڪٿي ڪونه هو.”
مان چاٻي کي مٺ ۾ بند ڪري بيهي رهيس.
ان پل محسوس ٿيو دروازو ته ڪڏهن بند ئي نه ٿيو هو،
مان ئي پنهنجي اندر ٻاهر بيٺو رهيو هئس!
شهر جاڳي چڪو هو، ماڻهو پنهنجين منزلن ڏانهن وڃي رهيا هئا.
مان به هلي پيس، پر هن ڀيري ڪنهن رستي تي نه
پنهنجي اندر جي ان جاءِ ڏانهن، جتان منهنجو نالو سالن کان غائب هو.
پوئتي ڏٺم فوٽ پاٿ خالي هو،
نه ٿيلهو، نه ڪرسي، نه ئي رات، رڳو منهنجو پاڇو اتي بيٺو هو.
مون کيس سڏيو، هو نه آيو.
تڏهن سمجهيم پاڇو به ڪڏهن ڪڏهن اسان کان اڳ اسان کي ڇڏي ويندو آهي.
مان اڳتي وڌيس ۽ ان صبح مون فاصلو طئي نه ڪيو،
رڳو پنهنجي اندر رکيل هڪ پراڻي خالي جاءِ ۾ پاڻ کي ٻيهر رکي ڇڏيو.
شايد ماڻهو گهر ڏانهن واپس نٿا اچن؛
ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي ئي اندر وڇڙيل ڪمري جو در کولي ڇڏين ٿا
۽ پوءِ سڄي عمر ان کليل دروازي مان پنهنجو وڃايل آواز ايندي ٻڌندا رهن ٿا.

________
نثارٻانڀڻ



