فهميده آپگھات ڪيس: تعليمي ادارن ۾ ويٺل بگھڙ ۽ هيسيل هرڻيون
تعليمي ادارن ۾ هراسائڻ، بليڪ ميلنگ ۽ نفسياتي دٻاءُ جهڙا عمل رڳو اخلاقي بگاڙ نه، پر انساني قدرن جي مڪمل ناڪاميءَ جا ثبوت آهن. جڏهن ڪنهن نياڻيءَ جي عزت، اعتماد ۽ ذهن سان کيڏيو وڃي ٿو ته اهو رڳو هڪ زندگيءَ کي نه پر پوري خاندان کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.

مُشتاق ٽانوري
تعليمي ادارا ڪنهن به سماج جي روح، سڃاڻپ ۽ مستقبل جا بنيادي ٿنڀا هوندا آهن. اُهي ھنڌ، جتي علم سان گڏ شعور، اخلاق ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو، پر افسوس ڪيتريون ئي نياڻيون انهن ئي ادارن ۾ خوف، اذيت ۽ بي وسيءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. جتي روشني هجڻ گهرجي اُتي اونداهي آهي، جتي تحفظ هجڻ گهرجي اُتي خطرو آهي ۽ جتي خوابن کي اُڏام ملڻ گهرجي اُتي اهي خواب ٽٽندي نظر اچن ٿا.
هڪ نياڻي جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري علم حاصل ڪرڻ جي سفر تي رواني ٿئي ٿي پر جڏهن اُهو ئي سفر خوف ۽ اذيت ۾ تبديل ٿي وڃي ته اها رڳو هڪ فرد جي نه پر پوري سماج جي ناڪامي هوندي آهي. هر دير سان واپس اچڻ تي والدين جي دلين ۾ پيدا ٿيندڙ ڊپ، هر فون ڪال تي ڌڙڪندڙ دل ۽ هر دروازي جي کڙڪڻ تي جاڳندڙ اُميد، اهي سڀ احساس انهيءَ سماجي بي چينيءَ جو عڪس آهن، جنهن ۾ اڄ جي زندگي هلي پئي.
تعليمي ادارن ۾ هراسائڻ، بليڪ ميلنگ ۽ نفسياتي دٻاءُ جهڙا عمل رڳو اخلاقي بگاڙ نه، پر انساني قدرن جي مڪمل ناڪاميءَ جا ثبوت آهن. جڏهن ڪنهن نياڻيءَ جي عزت، اعتماد ۽ ذهن سان کيڏيو وڃي ٿو ته اهو رڳو هڪ زندگيءَ کي نه پر پوري خاندان کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. ڪيترين ئي حالتن ۾ متاثر نياڻيون خاموشي اختيار ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ تہ کين بدنامي، الزام ۽ اڪيلا رهجي وڃڻ جو خوف هوندو آهي. اها خاموشي آهستي آهستي هڪ اهڙو زهر بڻجي وڃي ٿي، جيڪو اندر ئي اندر سندن وجود کي ختم ڪندو رهي ٿو. جڏهن ڪا نياڻي زندگيءَ کان مايوس ٿي انتهائي قدم کڻي ٿي، ته ان کي صرف ”آپگھات“ چئي ڇڏڻ وڏي ناانصافي آهي. حقيقت ۾ اهو سماج، ادارن ۽ نظام جي گڏيل ناڪاميءَ جو نتيجو هوندو آهي. اهو هڪ خاموش قتل هوندو آهي. اهڙو قتل، جنهن ۾ هٿيار لفظ نه پر بي ڌياني، بي حسي ۽ ناانصافي هوندا آهن.
ميرپورخاص جي محمدي ميديڪل ڪاليج جي ٽئين سال جي شاگردياڻي فهميده لغاريءَ جو واقعو به اهڙي ئي دردناڪ حقيقت کي سامهون آڻي ٿو. هوشيار، محنتي ۽ خوابن سان ڀرپور نياڻي، جيڪا مستقبل ۾ ڊاڪٽر بڻجڻ چاهيندي هئي، آخر اهڙي حالت تائين ڇو پهتي؟ جيڪڏهن سندس شڪايتن کي وقت سر ٻڌو وڃي ها، جيڪڏهن ادارا پنهنجي ذميواري نڀائين ها، ته شايد اڄ هڪ زندگي بچي سگهي ها. هن واقعي نه صرف هڪ خاندان کي ويران ڪيو آهي، پر پوري سماج جي ضمير کي به لوڏي ڇڏيو آهي. هي هڪ اهڙو سانحو آهي، جيڪو سماج جي بي وسيءَ کي ننگو ڪري ڇڏي ٿو.
واقعي کان پوءِ وارثن پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ محمدي ميڊيڪل ڪاليج جي ڪجهه استادن، شاگردن ۽ انتظاميا تي سنگين الزام هنيا ويا آهن. فريادي موجب فهميده لغاري ڪاليج اندر هراسمنٽ، بليڪ ميلنگ ۽ دٻاءُ جو شڪار هئي. الزام اهو به آهي ته کيس مارڪن ۽ ٻين معاملن ۾ فائدو ڏيڻ جي آڙ ۾ ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ مجبور ڪيو پئي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته فهميده پنهنجي والدين، ڀيڻ ۽ ٻين مائٽن سان گڏوگڏ ڪاليج جي انتظاميا کي به ان بابت شڪايتون ڪيون هيون، پر افسوس جو انهن شڪايتن کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو. جيڪڏهن وقت سر مناسب قدم کنيا وڃن ها ته شايد هڪ نوجوان شاگردياڻي اهڙو انتهائي قدم نه کڻي ها. جڏهن هڪ نياڻي جي دانهن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، ته پوءِ اُها دانهن اندر ئي اندر طوفان بڻجي وڃي ٿي، ۽ اُهو طوفان سندس زندگي کي لوڏي ختم ڪري ڇڏي ٿو.
هن سماج ۾ اُھو الميو بار بار ورجائجي رهيو آهي جڏهن هڪ نياڻي ڳالهائي ٿي، ته ان تي شڪ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن هوءَ خاموش رهي ٿي، ته اُن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ جڏهن هوءَ دُنيا ڇڏي وڃي ٿي، ته پوءِ افسوس جا لفظ ڳولهجن ٿا. پر اُهو افسوس ڪنهن ڪم جو ناهي، جڏهن هڪ زندگي وڃائجي وڃي ٿي پوءِ ٻيھر زندگي واپس نٿي اچي سگهي.
اها رڳو هڪ ڪهاڻي ناهي، پر اهڙيون ڪيترين ئي ڪهاڻيون هِن سماج ۾ دفن ٿي چڪيون آهن. نائلا رند، ڊاڪٽر نمرتا ڪماري، ڊاڪٽر سنيھا ڪيسواڻي، فاطمه سومرو، حنا بلوچ ۽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جهڙا نالا صرف ڪردار ناهن، پر اُهي زندھه درد جا باب آهن. اُهي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جتي سوال اڄ به زندھه آهن، پر جواب اَڃا تائين گم آهن. سماج سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نائلا رند کان ويندي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي نمرتا ڪماريءَ ۽ نمرتا ڪماريءَ کان فهميده لغاري تائين سمورا سور سامهون هوندي به وقتي طور غم جو اظهار ڪري ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه“ واري پاليسيءَ کي اکين تي رکي وڌندو رهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ وري ٻي نياڻي نانگن هٿان ڏنگجي وڃي ٿي۔ ميرپور خاص جي فھميدہ لغاري به انهيءَ ساڳئي زهريلي نانگ جي ڏنگ جو شڪار بڻجي ويئي۽ ڳوڙها ڳاڙي نئون تڏو وڇايو ويو۔ آخر اهڙا المناڪ واقعا ڪيستائين ڏسبا رهبا.
اهو مڃڻو پوندو ته تعليمي ادارا صرف ڊگريون ڏيڻ جا مرڪز ناهن، پر اهي انساني تحفظ، اعتماد ۽ وقار جا نگهبان پڻ آهن. جيڪڏهن انهن ادارن اندر ئي شاگردياڻيون پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ته پوءِ اهو نظام بنيادن کان ڪمزور ٿي چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ صرف افسوس ڪرڻ ڪافي ناهي، پر عملي قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته خاموشي ٽوڙي وڃي. هر شڪايت کي سنجيدگي سان ورتو وڃي، هر آواز کي ٻڌو وڃي ۽ هر متاثر کي انصاف ڏنو وڃي. تعليمي ادارن ۾ شفاف ۽ بااختيار نظام قائم ڪيو وڃي، جتي هراسمنٽ جي شڪايتن تي فوري ڪارروائي ٿي سگهي.
استادن کي به پنهنجو اصل ڪردار سمجهڻو پوندو. هو صرف علم جا ورهائيندڙ نه، پر شاگردن جي عزت ۽ تحفظ جا محافظ آهن. والدين کي به پنهنجي ٻارن سان اهڙو مضبوط رشتو قائم ڪرڻو پوندو، جتي نياڻيون بي خوف ٿي پنهنجا مسئلا بيان ڪري سگهن. سماج کي به پنهنجو رويو بدلائڻو پوندو. متاثر کي الزام ڏيڻ بدران سندس ساٿ ڏيڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به لاپرواهي ڏيکارينداسين ته سڀاڻي وڌيڪ زندگيون وڃائبيون، وڌيڪ گهر ويران ٿيندا ۽ وڌيڪ خواب هميشه لاءِ دفن ٿي ويندا. ڀلي اسيمبلين مان عورتن جي حقن لاءَ هزارين بل پاس ٿين پر انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ ڇوته اهڙن وحشين پٺيان ڪنهن نه ڪنهن وڏيري سرمائيدار يا سياسي ماڻهوءَ جو هٿ ضرور هوندو۔ اسان وٽ ظلم اهو آهي ظالم جي لاءَ هزارين ماڻهو اڳيان ايندا آهن پر مظلوم لاءِ ڪوبه اڳتي ناهي ايندو. نياڻين جو تحفظ رڳو هڪ سماجي ذميواري نه، پر هڪ اخلاقي فرض آهي. جڏهن نياڻيون محفوظ هونديون، تڏهن ئي سماج محفوظ هوندو، ۽ جڏهن سماج محفوظ هوندو، تڏهن ئي مستقبل روشن ٿيندو.
____________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



