شهنشاهه کان شهريءَ تائين
ڦُو اي، چين تي حڪمراني ڪندڙ ’ڇنگ‘ گهراڻي جو آخري بادشاهه هو. جيڪو چين جي بادشاهه ’ڪئانگ شيو‘ جي چالاڻي کان پوءِ 1908ع ۾ ٽن سالن جي وهيءَ ۾ تخت تي ويٺو.
ٽن سالن کان پوءِ 1911ع ۾ انقلاب آيو ۽ چين ۾ رعيتي راڄ قائم ٿيو. بادشاهه تخت تان دستبردار ٿيو ۽ ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ رعيتي راڄ جو صدر مقرر ٿيو. پر هو 1924ع تائين پنھنجي گهراڻي جي اصلي شاهي محلات يعني ’محل ممنوع‘ [forbidden city] اندر رهندو آيو.
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
گهڻا سال اڳ منھنجي هڪ دوست جي چوڻ تي مون اهڙن ڏهن پرڏيھي ڪتابن جي فھرست ترتيب ڏني، جن مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو. انهن ڏهن ڪتابن ۾ مون چين جي آخري شھنشاهه ڦواي (Pu-yi) جي آتم ڪھاڻي، جنھن جو انگريزي ترجمو From Emperor to citizen جي نالي سان ڇپيو هو ۽ منھنجو اردو ۾ پڙهيل هو، اٺين نمبر تي رکيو هو. هن سال جي شروع ۾ مون ان ڪتاب جي پھرين ڀاڱي جو سنڌي ۾ ترجمو شروع ڪيو، جيڪو اڌ هتي ۽ باقي اڌ جو ترجمو چين ۾ پورو ڪيم.
هڪ ڏينھن نئننگ جي مشھور ۽ مرڪزي هنڌ ’ڇائو يانگ‘ اسڪوائر ۾ ڪتابن جي دڪانن ۾ ڪتاب ڏسندي منھنجي نظر ان ڪتاب جي پھرين ڀاڱي تي پئي. جيڪو ڏسي خوشي جي حد ئي نه رهيم ۽ اندازو ٿيم ته اهو ڪتاب اڃا به چين ۾ پڙهيو وڃي ٿو. ڪتاب جي بئڪ ڪور تي ڪتاب جي تعارف ۾ لکيل آهي. ’ڦو اي هڪ اهڙي شخصيت آهي، جنھن کي چين جي جديد تاريخ ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن ڪتاب ۾ ويجهڙائيءَ واري چيني تاريخ جا ڪيترائي اهم واقعا بيان ڪيا ويا آهن.‘
حقيقت ۾ ڪتاب ايترو ته دلچسپ آهي، جو منھنجي خيال ۾ ان ڪتاب جي تذڪري کان سواءِ پنھنجو هي سفرنامو ’اڻ پورو‘ ٿو سمجهان.
عام طور تي غريبيءَ کان اميريءَ تائين جو سفر پيو ٻُڌبو آهي، پر هن همراهه جي ڪھاڻي اميريءَ کان غريبيءَ جو سفر آهي، جنھن کي ڪيترائي ماڻهو ’اونداهيءَ کان روشنيءَ جو سفر‘ به سڏين ٿا. ڦو اي، چين تي حڪمراني ڪندڙ ’ڇنگ‘ گهراڻي جو آخري بادشاهه هو. جيڪو چين جي بادشاهه ’ڪئانگ شيو‘ جي چالاڻي کان پوءِ 1908ع ۾ ٽن سالن جي وهيءَ ۾ تخت تي ويٺو. ٽن سالن کان پوءِ 1911ع ۾ انقلاب آيو ۽ چين ۾ رعيتي راڄ قائم ٿيو. بادشاهه تخت تان دستبردار ٿيو ۽ ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ رعيتي راڄ جو صدر مقرر ٿيو. پر هو 1924ع تائين پنھنجي گهراڻي جي اصلي شاهي محلات يعني ’محل ممنوع‘ [forbidden city] اندر رهندو آيو. اُن وچ ۾ کيس هڪ ڀيرو بادشاهه بنائڻ جي ڪوشش ٿي ۽ ٻارهن ڏينھن تائين سندس نئين بادشاهي هلي. ان کان پوءِ وري انقلاب سبب نه رڳو تخت تان لھڻو پيس، پر 1924ع ۾ محلات مان به تڙي ڪڍيائونس ، جتان پھرين هو پنھنجي پيءُ جي گهر آيو، پوءِ ڀڄي وڃي جاپاني سفارتخاني ۾ پناهه ورتائين. 1931ع ۾ جاپانين، چين جي علائقي ’منچوريا‘ تي قبضو ڪيو ۽ 1932ع ۾ کيس ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاهه بنايو ويو [جاپاني ’منچوريا‘ کي مانچوڪو چوندا هئا] 1932ع کان 1945ع تائين هو ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاهه رهيو. پر ٻي مھاڀاري جنگ ۾ جاپان جي شڪست کانپوءِ، نه رڳو ’ڦو اي‘ جي ڪٺ پتلي بادشاهي پوري ٿي، پر کيس جنگي ڏوهاريءَ جي حيثيت سان گرفتار ڪيو ويو. هاڻ هو روسين جو قيدي بنجي ويو. پنجن سالن کان پوءِ چين تي ڪميونسٽ پارٽي ۽ مائوزي تنگ جي حڪومت قائم ٿي ته هن کي به ٻين جنگي قيدين سان گڏ چين موڪليو ويو. هن کي پڪ هئي ته چين پھچڻ کان پوءِ کيس ماريو ويندو، پر ائين نه ٿيو. هن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ کيس پاڻ سُڌارڻ جي پروگرام تحت، تبديل ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو. هن اُتي ڏهه سال وڌيڪ قيديءَ جي حيثيت سان گذاريا. اُن وقت چين ۾ اها ڳالهه عام طور تي ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي ته (جڏهن شھنشاهه ڦو اي چين ۾ هو) ڪڏهن ڪڏهن مائوزي تنگ چرچي ۾ چوندو هو، ”مون کان پوءِ منھنجي تخت جو وارث ’ڦو اي‘ ٿيندو.“
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ کيس عام زندگي گذارڻ جي موڪل ڏني وئي ۽ حڪومت پاران کيس مالهيءَ جي نوڪري ڏني ويئي ته ويٺو گُلن کي پاڻي ڏي. اهڙيءَ طرح چين کي سُھڻو بنائڻ ۽ ڪجهه سندس به خذمت ڳڻي ويندي. پاڻ ڏيڍ سال تائين اها نوڪري ڪيائين، تنھن کان پوءِ کيس پنھنجي سرگذشت لکڻ جو ڪم ڏنو ويو.
جڏهن 1959ع ۾ کيس عام معافي ڏيئي جيل مان ڪڍيو ويو ته سندس چواڻي ’هو پاڻ ۾ تبديلي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هڪ نئين ماڻهوءَ جي روپ ۾ بدلجي چڪو هو.‘ سندس زندگيءَ جا اهي آخري سال هئا، جن ۾ هن صحيح طرح هڪ نارمل زندگيءَ جو مزو ماڻيو، نه ته ان کان اڳ هن آزاديءَ بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو. هاڻ هو عام ماڻهن وانگر ڪم ڪار ڪندي ۽ گهٽين ۾ سائيڪل هلائيندي نظر اچڻ لڳو. پنجاهه سال اڳ هو چين جي شھنشاهيت جو ڌڻي هو. هزارين ڪمرن واري محل ۾ رهندو هو. جنھن ۾ هزارين مرد، زالون ۽ کدڙا خدمتگار هونداهئا. هاڻ هو هڪ سادڙي گهر ۾ رهڻ لڳو. سستين ۽ عام هوٽلن ۾ چانھه ۾ ڊبل روٽي پُسائي کائڻ لڳو ۽ سرڪاري بسين ۾ عام ماڻهن جيان ٽڪيٽ وٺي سفر ڪرڻ لڳو.
اهڙي ئي هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”مون جڏهن پھريون ڀيرو بس ۾ سفر ڪيو ته پنھنجي ماسات کي صفا ڊيڄاري ڇڏيم. آءٌ قطار ۾ بيٺو بس جو اوسيئڙو ڪري رهيو هوس. مون ڏٺو ته ٻيا ماڻهو پوڙهن ۽ ٻارن کي بس ۾ پھرين چڙهڻ جي لاءِ جاءِ ڏيڻ خاطر هڪ پاسي هٽي ٿي ويا ۽ هڪ عورت جيڪا منھنجي پويان بيٺي هئي، مون تنھن کي پھرين بس ۾ چڙهڻ جو موقعو ڏيڻ خاطر هٽي پويان ٿيس، مون کي ڪھڙي خبر ته اها بس جي ڪنڊيڪٽر هئي. هن جڏهن ڏٺو ته آءٌ بس ۾ نه پيو چڙهان ته هوءَ چڙهي ويئي ۽ بس جو دروازو بند ٿيو ۽ بس رواني ٿي ويئي. ٿوري دير کان پوءِ منھنجو ماسات ٻي بس اسٽاپ تان بس مان لھي ڊوڙندو آيو ۽ اسان پري کان هڪ ٻي کي ڏسي کلڻ شروع ڪيو.“

اهڙي ئي هڪ ٻي واقعي جو ذڪر ڪندي ’ڦو اي‘ لکي ٿو:
”آءٌ جڏهن پھريون ڀيرو حجام جي دوڪان تي چڙهيس، پر سچ اهو آهي ته اهو ٻيو ڀيرو هو، جو آءٌ حجام جي دوڪان تي ويو هوس، ڇو ته پھريون ڀيرو آءٌ ٽيھه سال اڳ ”ٿيئن چن“ ۾ هڪ ڀيرو ”چوانگ يون ان ڪمپني“ وارن وٽ وار لھرائڻ ويو هوس. پر هن ڀيري مون سان جيڪو واقعو پيش آيو، اهو پھريون واقعو هو. آءٌ ڪرسيءَ تي ويٺس ته منھنجي نظر هڪ عجيب ۽ غريب شئي تي پيئي. ان جھڙي شئي مون اڳ ”هاربن“ جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڏٺي هئي. مون حجام کان پڇيو ته ”هيءَ جيڪا منھنجي ڀر ۾ شئي پيئي آهي ۽ ’زون زون‘ جا آواز پيئي ڪڍي اها ڇا آهي؟“ هُن ٻڌايو ته اها وارن کي سُڪائڻ جي مشين آهي. مون پڇيس ته ”تون پھرين وارن کي سُڪائيندو آهين يا ڪٽيندو آهين؟“ منھنجي ان سوال تي هو حيران ٿي ويو ۽ چيائين، ”ڇا تو اڳ ۾ ڪڏهن وار نه لھرايا آهن؟“ سندس خيال هو ته آءٌ ساڻس چرچا پيو ڪريان. جڏهن ڳالهه کيس سمجهه ۾ آئي ته اسين ٻيئي ڏاڍو کلياسين ۽ مون جڏهن وارن کي سُڪائڻ واري مشين جي ’زون زون‘ جو آواز پنھنجي مٿي تي ٻُڌو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.“
جيل مان نڪرڻ ۽ نارمل زندگي گذارڻ دوران ”ڦو اي“ چين ۾ تبديل ٿيل سماج کي ڪيئن ڏٺو. اُن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”آءٌ ريل ۾ سفر ڪري رهيو هوس. ٻاهر برف سان ڍڪيل سُھائو ۽ وشال علائقو منھنجي آئيندي جيان پکڙيو پيو هو. گاڏيءَ ۾ آءٌ عام مزدورن سان گڏ ويٺو هوس. منھنجي زندگيءَ ۾ اهو پھريون ڀيرو هو، جو آءٌ هنن سان گڏ ويٺو هوس. يا ساڻن گڏ سفر ڪري رهيو هوس. مون کي هنن سان گڏجي پنھنجي وطن جي اڏاوت ڪرڻي هئي. انهن سان هڪ جسم ٿيڻو هو.نه، پر آءٌ ته اڳ ۾ ئي هنن سان هڪ جسم ٻه دليون بنجي چڪو هوس.
… ٽرين ۾ سوار ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنھن مون کي اُن معاشري جو مقام ڏيکاري ڇڏيو. جنھن ۾ آءٌ شامل ٿي رهيو هوس ۽ مون کي اُنهن ماڻهن کي گُڻن کان به واقف ڪري ڇڏيو، جن جي وچ ۾ آءٌ ويٺو هوس. گاڏيءَ جو هڪ ملازم ۽ هڪ مسافر عورت هڪ ننڍڙي ٻارڙي لاءِ جڳهه ڳولهيندا اچي اسان جي بوگيءَ ۾ نڪتا، جيڪا هنن جي ٻانھن ۾ هئي. منھنجي پويان ويٺلن هڪ سيٽ خالي ڪري ڇڏي. عورت ٻارڙيءَ کي سيٽ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ مٿس جُهڪي ويئي. هوءَ ڏاڍي فڪرمند نظر پئي آئي. هڪ مسافر پُڇيس، ”ٻارڙي بيمار ته ڪونهي، جي بيمار آهي ته کيس گهر کان ٻاهر ڇو آندو اٿئي؟“ عورت جي جواب اسان کي حيران ڪري ڇڏيو ته هو اسٽيشن جي ڀرسان هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي آهي. ڪلاس هلندي اوچتو ٻارڙيءَ جي پيٽ ۾ سور شروع ٿي ويو. اسڪول جي طبي عملي جي ڪارڪنن کي ’اپينڊڪس‘ جو شڪ ٿيو ۽ هن چيو ته کيس هڪدم اسپتال پھچايو وڃي. جيئن ته ٻارڙيءَ جا والدين هڪ ڏورانھين هنڌ تي کاڻ ۾ ڪم ڪندا هئا، تنھنڪري ايترو وقت نه هو، جو انهن کي چئي سگهجي ته اچي کيس اسپتال وٺي وڃو. آپريشن جي لاءِ کيس کاڻ جي اسپتال پھچائڻ لاءِ به ڪافي وقت لڳي ها. تنھنڪري ماسترياڻيءَ کيس بنا دير جي سڌو ٽرين ۾ ’شي يانگ‘ نيئڻ جو فيصلو ڪيو.پليٽ فارم جي عملي کيس اها موڪلي ڏني ته هوءَ ڀلي ٽڪيٽ جي قيمت ٽرين ۾ ئي ادا ڪري ۽ کيس اهو به ٻُڌاين ته هو ”شن يانگ“ وارن کي چئي ڇڏيندا ته هنن جي سار سنڀال لھن. اهو سڀ ڪجهه ٻُڌي ۽ ڏسي مون کي خيال آيو ته آءٌ جنھن سماج ۾ شامل ٿيڻ وارو آهيان، اهو ته منھنجي تصور کان به سُٺو آهي.“
پير علي محمد راشدي 62-1961ع ۾ چين ۾ پاڪستان جو سفير هو. ان دوران هن چيني حڪومت جي اجازت سان ’ڦو اي‘ سان ملاقات ڪئي، جنھن جو ذڪر هو پنھنجي ڪتاب ’چين جي ڊائري‘ ۾ ڪندي لکي ٿو:
”دروازو کُلندي ئي چين جو آخرين تاجدار سامھون بيٺل نظر آيو. ترجمان تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي مسٽر (Pu-Yi) آهي.“ مون سان ۽ اسان جي ترجمان سان مصافحو ڪرڻ بعد اسان کي وٺي وڃي ڪونچن تي ويھاريائين. ويھڻ کان پوءِ گفتگو شروع ٿي. ڳالهين ڪندي ٻڌايائين ته ”آءٌ اڄڪلهه پنھنجي سوانح لکي رهيو آهيان. جنھن جو عنوان آهي ”منھنجي زندگيءَ جو پھريون اڌ.“ في الحقيقت ڪتاب تيار ٿي چڪو آهي ۽ هينئر ان تي نظرثاني پئي ٿئي.
منھنجي زندگيءَ جو اهو حصو سچ پڇو ته نھايت ئي حقير هو. اهو عرصو مون عوامي مقاصد جي خلاف هلندي بسر ڪيو. فيوڊل ازم، سامراجيت ۽ نوڪر شاهيءَ جي نقش قدم تي هلندي. آءٌ گويا هڪ ڀُوت هوس. ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيئرمين مائو مون کي نئين زندگي عطا ڪئي آهي. اصلوڪو ’ڦو اي‘ مري چڪو آهي، هيءَ نئين زندگي عوام جي خذمت ڪندي پوري ڪندس. ابتدائي دور اندر منھنجي روح تي ’فيوڊل‘ خيالات جو قبضو هو. بطور دشمنن جي هڪ هٿ ٺوڪئي بادشاهه جي، مان پنھنجي ملڪي ڀائرن سان بي وفائي ڪري چڪو هوس. منھنجي هٿان ڪڏهن به پنھنجي ملڪي ڀائرن جي خذمت ٿي نه سگهي هئي. منھنجي زندگي شرمناڪ هئي، جيڪا Exploitation صرف ٿي ٿي. اهو نتيجو هو تعليم ۽ پرورش جو، جيڪا مون کي پنھنجي خاندان ذريعي ملي هئي ۽ جنھن پٽاندڙ مون ۾ آرزو هئي ته آءٌ بادشاهه ٿي رهان. اها آرزو تخت تان لھڻ ۽ رعيتي راڄ قائم ٿيڻ کان پوءِ به بدستور قائم رهي. ان آرزوءَ پوري ڪرڻ خاطر مون کي پنھنجي ماڻهن ۽ عوام جو باغي بڻجي، امپريلسٽ ۽ وار لارڊس جي هٿن ۾ کيڏڻون پيو.
… چيئرمين مائو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذريعي مون کي نئون سبق مليو آهي ۽ آءٌ ٻيھر ڄائو آهيان ۽ اُن سبق جي دوران ئي مون کي پروڙ پيئي ته هڪ انسان کي ٻي انسان جي Exploitation نه ڪرڻ گهرجي. هينئر آءٌ عوام جو هڪ جزو آهيان ۽ پنھنجي گذريل زندگيءَ کي شرمناڪ پيو سمجهان.“
مون موٽائي سندس ڪتاب جو ذڪر ڇيڙيو. مون چيس ته جيڪڏهن اوهين اجازت ڏيو ته اوهان جي ڪتاب جي سلسلي ۾ ڪجهه مشورا عرض ڪريان، ڇو ته اوهان جو ڪتاب سڄي دنيا پڙهندي ۽ آءٌ ضروري ٿو سمجهان ته ان ۾ ٻاهرين دنيا جي نقطه نگاهه موجب ڪجهه ڳالهيون شامل هجن. جھڙوڪ: اوهان جو ڪتاب محض هڪ اقبالي مجرم جي ڪٿا يا عدالتي بيان طور دنيا جي اڳيان نه اچڻ گهرجي. ٻاهرين دنيا تي اُن جو خراب اثر پوندو، هرڪو چوندو ته اوهان مجبوريءَ جي حالت ۾، پاڻ کي ذليل ڪرڻ ۽ ڪميونسٽ حڪمرانن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اوهان ڪتاب ۾ ڪجهه مرچ مصالحا وجهي، کيس دلچسپ بنايو ۽ پنھنجي خانگي زندگيءَ جا ڪجهه واقعا بيان ڪريو. محلات جي زندگيءَ تي روشني وجهو. پنھنجي دلچسپين ۽ مشغولين جو ذڪر ڪريو (ته) اوهان کي ڪھڙا شوق هئا. ڪڏهن عشق عاشقيءَ جو معاملو به رهيو يا نه غرض ته ان قسم جون ڳالهيون ڪتاب ۾ اچڻ گهرجن، جيئن اهو ڪتاب هڪ دلچسپ Human Document بڻجي پيئي. ٿي سگهي ته ان کي باتصوير به بڻايو.
پاڻ کيسي مان نوٽ بوڪ ڪڍي، خيال سان اهي پوائنٽ لکندو ويو. گفتگو هلندي، سندس هڪ پير ۽ هٿ متحرڪ ٿي رهيو. جيئن نروس ماڻهن جو حال هوندو آهي ۽ غير شعوري طور تي ڄنگهه يا ٻانھن هلندي رهندي اٿن.
سوا ڪلاڪ گذري چڪو هو. سندس وڌيڪ وقت وٺڻ مناسب نه سمجهي آءٌ اُٿس، پر اُٿڻ کان اڳ سندس تصوير ڪڍڻ جي اجازت ورتم، جيڪا خوشيءَ سان ڏنائين ۽ پاڻ ڪپڙا سڌا ڪري پوز ڪرڻ لڳو. مون ٻه ٽي ايڪسپوز ڪڍي ورتا. ان کان پوءِ اسان کي ٻاهر موٽر تائين وٺي آيو. ايستائين بيٺو سلام ڪندو رهيو، جيستائين اسان جي موٽر احاطي کان ٻاهر نڪري ويئي.“
پنھنجي ڪتاب جي حوالي سان ساڻس پرڏيھين جي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ’ڦو اي‘ لکي ٿو:
”ڪيترن ئي غير ملڪي دوستن کي منھنجي ڪتاب سان دلچسپي پيدا ٿي. غير ملڪي مزمان ۽ اخبار نويس مون سان ملڻ ۽ منھنجي تجربن، خاص ڪري گذريل سالن ۾ منھنجي اصلاح جي باري ۾ پُڇندا آهن. هڪ لاطيني آمريڪي دوست چوڻ لڳو: اُن مان هڪ ڀيرو ٻيھر اها ڳالهه چٽي ٿي ويئي ته ’فڪر مائوزي تنگ ڪيڏو نه عظيم آهي.‘ هن مون کي چيو ته جلدي پنھنجو ڪتاب لکي پورو ڪريان. هڪ ايشيائي دوست چوڻ لڳو، ’مون کي اميد آهي ته جيئن ئي تنھنجي ڪتاب جو انگريزي ڇاپو ڇپجندو، تون مون کي ان جي هڪڙي ڪاپي موڪليندين، ته جيئن اهو آءٌ پنھنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهان ۽ منھنجي ملڪ جو عوام به تنھنجو حيران ڪندڙ داستان پڙهي سگهي.“
’ڦو اي‘ جو اهو ڪتاب چين ۾ سرڪاري سطح تي ڇاپيو ويو ۽ چين جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ ان جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ڪرائي، چين مان ئي شايع ڪرايو. سڄو ڪتاب ايترو ته دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي جو هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهڻ تي دل ٿي چوي. ڪتاب جو اسلوب به نھايت سادو، پر دل کي ڇُھندڙ آهي.
ڦو اي 1967ع ۾ ڪئنسر وگهي وفات ڪئي.
چين جي هن آخري شھنشاهه جي زندگيءَ تي مشھور ڊائريڪٽر ’برٽولسي‘ The Last Emperor جي نالي سان فلم به ٺاهي، جيڪا ممڪن آهي ته گهڻن ڏٺي به هجي.
_______________
يوسف سنڌي نالي وارو ليکڪ، ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق، ھن وقت چين ۾ آھي
تصويرون وِڪي پيڊيا جي ٿورن سان






