سنڌ، جتي ھٿ ٺوڪين پيرن جون درگاھون روشن ۽ دِلين جون درگاھون اونداھه ۾ ٻُڏل آھن
اسان ڪھڙي آڌار دعوى ڪريون ته ھن قوم وڏي ترقي ڪئي آھي ؟ اسان ته پنھنجي من مندر ۽ دلين جي درگاھن کي روشن ڪرڻ بدران پاڻ لُٽائي ھٿ ٺوڪين پيرن فقيرن جي درگاھن کي روشن ڪيو آھي ۽ ڪندا رھون ٿا
سنڌ تي ٿيل حملن ۾ مارجي ويل عرب توڙي عرب دنيا مان ڀاڄ کائي سنڌ ۾ پناھه وٺندڙ عربن توڙي وچ ايشيا مان حملن کان اڳ موڪليل مُلن جي شڪل ۾ جاسوسن کي به مرڻ کانپوءِ ھتي اسان پنھنجي روحاني مُرشد جي حيثيت ڏئي دفنائي وڏيون مزارون ٺاھي ڇڏيون
ھڪ انگريز ٿامس پوسٽنس ٻہ سئو سال اڳ پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو: پِير، سيد ۽ اھڙا ٻيا مقدس مُسلم ھجڻ جي دعوى ڪندڙ ڪردار، جيڪي سنڌ ۾ ڪنھن وبا جيان پکڙيل آھن، تِن کي ھتان جي رھواسين منجھه وڏي حيثيت حاصل آھي. خراسان، ڪابل، پِشين، سينٽرل ايشيا، پرشيا ۽ سموري ھندستان جا اھي رت پياڪ ڄڻ ته ڪوٽا طور شامل آھن جن کي پڪ آھي ته سنڌ ۾ کين چڱو خاصو مال ملندو ـ انھن مان اڪثر ته تمام گھڻو مالدار ٿي ويا آھن
نصير اعجاز
ننڍي ھوندي وڏي ڀاءُ ۽ سندس دوستن سان گڏ مورو شھر کان ڇھه ميل پري شاھپور جھانيان جي ميلي تي وڃڻ ٿيو ھو ـ اھو 1960 ۽ 1965 جي وچ وارو ڪو سال ھو ـ ريلوي اسٽيشن تان بنا ٽڪيٽ ھڪ مال گاڏيءَ ۾ چڙھي وڃي شاھپور لٿا ھئاسين ـ ميلو ڇا ھو بس جيڪو ڪجھه ڏٺم تنھن منھنجي ذھن تي اھڙو ته اثر ڇڏيو جو سڄي ڄمار وري ڪنھن مزار ۽ ميلي تي وڃڻ تان دل کڄي وئي ـ اھڙو ماحول ھيو جو ڏسندي ئي ڪِرڀ ۽ ڪاوڙ چڙھي وئي ـ مزار اندر ماڻھو قبر تي پِڙَ چاڙھي ٻاھر ٿي نڪتا ته سامھون ئي کاڌي پيتي ۽ ٻين شين شڪلين جا اسٽال ۽ انھن جي ڀرسان ئي ڪجھه تنبو لڳل ھئا جن جي در تي لڳل ڪپڙو ھٽائي ڪي ماڻھو اندر ٿي ويا ۽ ڪي ٻاھر ٿي نڪتا ـ در جو پردو ھٽڻ تي اندر جو ڏيک بلڪل واضح ٿي نظر آيو جتي جسم فروشيءَ جو ڌنڌو ھلي رھيو ھو ـ انھيءَ ڏينھن مزارن کان چِڙ وٺي وئي ۽ مون فيصلو ڪيو ته وري ڪڏھن ڪنھن مزار يا ميلي تي نه ويندس ـ

حياتيءَ جي ڇھن (ھاڻ ست ڏھاڪا ٿي ويا) ڏھاڪن دوران ميلي تي ته ڪونه ويس پر صرف ھڪ ھڪ ڀيرو جاتيءَ ۾ مُغلڀين جي درگاھه، سيوھڻ ۾ قلندر جي مزار، ٻه ڀيرا ڪراچيءَ ۾ عبدالله شاھه غازيءَ جي مزار ۽ ٻه ڀيرا ڀٽ شاھه وڃڻ ٿيو جنھن مان به فقط ھڪ ڀيرو ڀٽائيءَ جي درگاھه تي ويس ۽ ٻيو ڀيرو ٻاھران ئي موٽي آيس ـ شاھه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو عظيم شاعر آھي پر ماڻھن کيس شاعر کان وڌيڪ مُرادون پُوريون ڪندڙ پير فقير سمجھي درگاھه جو ماحول ئي مٽائي ڇڏيو آھي ـ
سنڌ ۾ سوين درگاھون آھن ۽ شايد ئي ڪو شھر يا علائقو بچيل ھوندو جتي ڪا درگاھه نه ھجي ۽ انھيءَ حقيقت کان به ڪير انڪار نه ڪندو ته درگاھن تي نشي جي وڪري ۽ واھپي کان وٺي ٻيون سڀ بُرايون ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ موجود آھن ـ انھن ئي درگاھن غريب ماڻھن کي پينو فقير به بنائي ڇڏيو آھي جيڪي ولرن جي شڪل ۾ زيارت لاءِ ايندڙن کي ورائي وڃن ٿا ـ
پنھنجي مشاھدي ۽ معلومات جي آڌار منھنجو يقين پڪو ٿيندو ويو آھي ته ديس واسين جي برباديءَ ۾ ھنن درگاھن جو به وڏو ڪردار رھيو آھي ـ منھنجي اھا سوچ رُڳو شاھپور واري ميلي ۾ جسم فروشيءَ جي ڪري پيدا ڪانه ٿي پر انھيءَ جو وڏو ڪارڻ ھٿ ٺوڪين پيرن فقيرن جي مزارن ۾ ماڻھن جو انڌو عقيدو آھي، جنھن کين عملي دنيا کان ڌِڪي پري ڪري ڇڏيو آھي ـ مزارن تي پِڙ چاڙھڻ ۽ درگاھن تي ڌمالون ھڻڻ سان جيڪڏھن سنڌ ترقي ڪري ھا ته اڄ باقي دنيا سنڌ کان گھڻو پوئتي ھجي ھا ۽ سنڌ سموري دنيا لاءِ ترقيءَ جو وڏو مثال ھجي ھا ـ
سنڌ ۾ درگاھون ڪيئن ٿيون جنم وٺن، تنھن جو مثال به اکين سان ڏسي چُڪو آھيان ـ جڏھن ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ سُپرھاءِ وي ٺھيو ته اتي ڪا به قبر يا درگاھه ڪانه ھئي ـ اسان جي ڏسندي ئي ڏسندي ھڪ ڏينھن ڪنھن ماڻُھوءَ پٿرن جي ڍيري ٺاھي ڇڏي ۽ ڪجھه ڏينھن کانپوءِ ان کي چُونو ھڻي ڇڏيو ـ ٿورن ئي ڏينھن اندر پٿرن جو اھو ڍير ڪنھن قبر جو ڏيک ڏيڻ لڳو ۽ پوءِ ان کي سيمينٽ جو پلستر ڪري پڪي قبر ٺاھي وئي جنھن تي سائي رنگ جو پِڙُ چڙھيل ھو ۽ ھڪ مجاور به نظر اچڻ لڳو ـ ايئن ھڪ مزار وجود ۾ اچي وئي جنھن وٽان لنگھندي عقيدي جا انڌا ٽرڪن ۽ بسن جا ڊرائيور بيھي مجاور کي ڏوڪڙ ڏئي پوءِ روانا ٿيندا ھئا ـ ڪجھه مھينن اندر مقبرو به ٺھي ويو ۽ ھاڻي ڪير به اھو نٿو چئي سگھي ته اھا ڪنھن پير فقير جو مقبرو ناھي ـ ھاڻي ته اھڙي قسم جي ھڪ اڌ ٻي مزار به وجود ۾ اچي چُڪي آھي ـ
ھوڏانھن ٺٽي ويندڙ قومي شاھراھه تي به اھڙيون مزارون نظر اينديون ـ مرحوم علي احمد بروھي ٻڌائيندو ھو ته ڪنھن ٽرڪ جو ڪلينر حادثي ۾ فوت ٿي ويو ۽ لاوارث لاش رستي جي ڀر ۾ ئي دفنايو ويو ته انھيءَ کي به ڪن پنھنجي ڪمائيءَ جو ذريعو بنائڻ لاءِ سائو پِڙُ چاڙھي مزار جو منظر پيدا ڪري ڇڏيو ۽ پيرن فقيرن جي ويساھه جا ماريل ماڻھو اُتي حاضريون ڀرڻ ۽ دان ڏيڻ ۾ لڳي ويا ـ
سنڌ ۾اھڙيون سوين مزارون ھونديون ـ رُڳو ڪراچيءَ ۾ ئي سمندري بابا ۽ اَباجيءَ جھڙيون ڪيتريون ئي مزارون اسان جي ڏسندي ڏسندي وجود ۾ آيون آھن جتي ھر قسم جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ ۽ ھر قسم جون بُرايون پکڙيل نظر اينديون ـ مَتِ جا ماريل ماڻھو انھن کي الله جا پھتل ٻانھا سمجھي حاضريون ڀري پاڻ لُٽائن ٿا ـ
ماضيءَ جي تاريخ جو جائزو وٺجي ته سنڌ تي ٿيل حملن ۾ مارجي ويل عرب توڙي عرب دنيا مان ڀاڄ کائي سنڌ ۾ پناھه وٺندڙ عربن توڙي وچ ايشيا مان حملن کان اڳ موڪليل مُلن جي شڪل ۾ جاسوسن کي به مرڻ کانپوءِ ھتي اسان پنھنجي روحاني مُرشد جي حيثيت ڏئي دفنائي وڏيون مزارون ٺاھي ڇڏيون ۽ سندن شجره نبي سڳوري ۽ اصحابين سان ملائي ڇڏيا ـ اڄ ڪير به انھن مزارن ۾ دفن شخصن جي اصليت بابت لکڻ لاءِ تيار ڪونھي بلڪ وڏي فخر سان چيو وڃي ٿو ته سنڌ صوفين ۽ پِيرن فقيرن جي ڌرتي آھي ۽ ان کي انھن پِيرن فقيرن جي دُعا حاصل آھي ـ
درگاھن تي ڇاٿو ٿئي انھيءَ جو وڏو مثال ته سيوھڻ جي درگاھه جو آھي ـ سال 1988 ڌاري اطلاع مليا ھئا ته سنڌ ۾ منشيات جي فراھميءَ جو وڏو مرڪز سيوھڻ ۾ آھي جتي اڳوڻي سرحد صوبي (خيبر پختونخواه) مان منشيات جون ٽرڪون ڀرجي اتي اچن ٿيون ۽ مزار ڀرسان ئي وڏي تھخاني ۾ مال لھي ٿو ـ ان حد تائين به ڳالھيون عام ھيون ته رات جي وقت ٿيندڙ ان سرگرميءَ کي جنھن به ڏسي ورتو ته ان جو لاش به ڪونه لڀندو آھي ـ ان سموري ڪُڌي ڪاروبار پٺيان چيو ٿي ويو ته مزار جي پٺاڻ گادي نشين جو ھٿ ھو ـ مون ان تي تڏھن ھلالِ پاڪستان اخبار جي ھفتيوار ميگزين ۾ تفصيلي رپورٽ به ڇاپي ھئي جنھن جي ترديد سواءِ مرحوم علي احمد بروھيءَ جي ٻئي ڪنھن به ڪانه ڪئي جڏھن ته تڏھوڪي وڏي وزير سيد غوث علي شاھه مونکي اخبار جي ميگزين لاءِ ڏنل ھڪ خاص انٽرويوءَ ۾ مڃيو ھو ته کين به اھڙا اطلاع آھن ۽ ھن فيصلو ڪيو آھي ته ان خلاف آپريشن ڪبو ۽ پھرين قدم طور سندن سپلاءِ لائينون بند ڪبيون ـ پر ايئن ٿيو ڪونه ڇوته گادي نشين جي پھچ تمام مٿي تائين ھئي ـ
ان مزار ڀرسان ٺھيل ڪافيءَ ۾ اھو گادي نشين دفن آھي ۽ سندس جاءِ انھيءَ وقت ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھندڙ پٽ والاري ھئي ـ چون ٿا ته ڪُڌي ڪاروبار مان ٿيندڙ ڪمائيءَ مان مزار تي روزانو مفت لنگر ھلي ٿو ۽ سوين غريب ماڻھو ۽ پينو فقيرپيٽ جي باھه اُجھائين ٿا، پر صديون گذرڻ کانپوءِ به ان مزار ۾ دفن ٿيل قلندر ڪنھن جي قسمت بدلائي نه سگھيو آھي ـ
سنڌ جي ھر درگاھه تي عطين جون پيتيون به ڄڻ ته گادي نشينن ۽ اوقاف کاتي جي عملدارن جي ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو آھن ـ سڄي سال ۾ انھن پيتين ۾ گڏ ٿيندڙ رقمون ڪاڏي ٿيون وڃن، اھو به ھرڪو سمجھي سگھي ٿو ـ
اھي ڳالھيون اسان ھاڻي ٿا سمجھون، پر انگريزن صديون اڳ ئي سنڌ جي ماڻھن کي صحيح سڃاتو ھو ـ سنڌ ۾ ميرن، پِيرن ۽ سيدن جا ڪلُور انھيءَ وقت به ھئا، درگاھون تڏھن به ھيون ۽ سنڌين منجھه انڌو عقيدو انھيءَ وقت به ھو ـ
ذري گھٽ ٻن سئو ورھين جو عرصو گذري چُڪو آھي جڏھن بمبئي واري انگريز فوج جي ھڪ ڪپتان ٿامس پوسٽنس Thomas Postans ، جيڪو اُتر سنڌ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ به ٿي رھيو، سنڌ ۽ ھتي رھندڙ ماڻھن بابت پنھنجا مشاھدا لکڻ شروع ڪيا ھئا ـ سندس اھي مشاھدا “پرسنل آبزرويشنس آن سنڌ” جي نالي سان ڪتاب جي شڪل ۾ 1843 ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، جنھن کي پڻ 174 ورھيه گذري ويا ـ ايڏو وڏو عرصو قومن جي زندگيءَ ۾ تمام گھڻي اھميت رکي ٿو ـ انھيءَ عرصي ۾ ڪيتريون ئي قومون ڪٿان کان ڪٿي پھچي ويون؛ سندن سماج ۾ وڏيون تبديليون اچي ويون، پر اسان ان عرصي ۾ ڇا ڪيو؟ اسان جي سماج ۾ ڪيتري تبديلي آئي؟ اسان ٻه سئو ورھين کان پوءِ به ڪٿي بيٺا آھيون ؟ انھيءَ جو اندازو ڪرڻ لاءِ پوسٽنس جي مشاھدن کي ٿورو غور سان پڙھڻو پوندو ـ مان ھتي پوسٽنس جي ڪتاب جي صفحي نمبر 50 کان 52 تائين لکيل ڪجھه مشاھدن جو حوالو ڏيندس ـ
پوسٽنس لکي ٿو : “پِير، سيد ۽ اھڙا ٻيا مقدس مُسلم ھجڻ جي دعوى ڪندڙ ڪردار، جيڪي سنڌ ۾ ڪنھن وبا جيان پکڙيل آھن، تِن کي ھتان جي رھواسين منجھه وڏي حيثيت حاصل آھي ـ اميرن (ٽالپر امير) کان ويندي عام ماڻھو پنھنجي مذھب جي حوالي سان گھڻي ڄاڻ نٿا رکن، پر کين ھنن روحاني پيشوائن جي مقدس ھجڻ ۽ سندن آفاقي صلاحيتن ۾ وڏو اعتقاد آھي ـ انھيءَ جو نتيجو اھو نڪتو آھي ته سنڌ ۾ اھڙن ڪاھل سيدن ۽ مذھب جي فضول تبليغ ڪندڙن جي سرپرستيءَ جو مثال ٻئي ڪنھن ھنڌ نٿو ملي ـ اھي مڪمل طور پادرين (مُلن) ھٿان استحصال جو شڪار ٿيل ماڻھو آھن ـ مون کان اڳ جو ھڪ ليکڪ لکي ٿو ته سنڌين انھن ڪاھل سيدن کي کارائڻ پيارڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي آھي؛ منجھن پنھنجي عقيدي جي پرچار کان سواءِ ٻيو ڪوبه جوش نه اٿن؛ عيدون ملھائڻ کانسواءِ ڪوبه جذبو نه اٿن ۽ پراڻن مقبرن کي سينگارڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه ذوق نه اٿن ـ ”
پوسٽنس وڌيڪ لکي ٿو : “ملڪ جا بھترين علائقا انھن (پِيرن ۽ سيدن) کي انعام ۽ سُوکڙيءَ طور مليل آھن ـ ھر بلوچي سردار ۽ قبيلي جو پِير مُرشد يا روحاني پيشوا آھي جيڪو پنھنجي لاءِ ھنن کان وصوليون ڪري ٿو ـ انھن ۾ خراسان، ڪابل، پِشين، سينٽرل ايشيا، پرشيا ۽ سموري ھندستان جا اھي رت پياڪ ڄڻ ته ڪوٽا طور شامل آھن جن کي پڪ آھي ته سنڌ ۾ کين چڱو خاصو مال ملندو ـ انھن مان اڪثر ته تمام گھڻو مالدار ٿي ويا آھن ۽ ايترا ته بااثر ٿي ويا آھن جو کين اميرن (ٽالپرن) جي حرم ۾ داخل ٿيڻ جو به حق حاصل آھي، جيڪو حق، جيڪڏھن اطلاع صحيح آھن، شايد خود انھن سردارن کي به ھر وقت حاصل نه ٿيندو آھي ـ ساڳي وقت ھن ملڪ ۾ گھمندڙ ڦرندڙ ھر قسم جي مذھبي پينو فقيرن جي به ڀرمار آھي، جن ۾ لُولن لنگڙن کان ويندي جانٺن ۽ ھٿياربند فقيرن تائين سڀ شامل آھن ـ ھتي اھا معمول جي ڳالھه آھي ته اھڙن پينو فقيرن منجھان جيڪي ھٿياربند ۽ سوار (گھوڙن، اُٺن يا خچرن تي) ھوندا آھن، اھي ھارين کان سندن محنت جي ڪمائيءَ مان حصي جي گھُر ڪندا آھن ۽ سندن گھُرڻ جي انداز مان لڳندو آھي ته مزاحمت اجائي ٿيندي ـ ”
“ھن ملڪ ۾ ذڪر جوڳيون عمارتون صرف اھي مقبرا ۽ درگاھون آھن، جيڪي پڪي اڏاوتي سامان سان تعمير ٿيل آھن ۽ جتي سندن مڃيل پِير مرشد دفن آھن ۽ سچن عقيدتمندن لاءِ زيارت جو مرڪز آھن ـ ملتان لاءِ جيئن فارسي چوڻي مشھور آھي، تيئن سنڌ لاءِ به اھو ئي چئي سگھجي ٿو ته: گرمي، ڌُوڙ، پينو فقير ۽ مقبرا سنڌ جي سڃاڻپ آھن،” پوسٽنس لکي ٿو ـ
ٻه صديون اڳ انگريز فوجيءَ جي مشاھدن ۾ آيل ھنن ڳالھين مان اسان ڪھڙين ڳالھين کي ڪُوڙ ۽ وڌاءُ سڏي رد ڪنداسين؟ ٻه صديون اڳ سنڌ جي آبادي ڏھه لک کن ھئي ۽ شھرن جو تعداد به ٿورو ھو ـ ملڪ جو وڏو علائقو ته ٽالپر حڪمرانن جي شڪارگاھن تي مشتمل ھو، تڏھن به ھتي ايترا مقبرا يا درگاھون ھيون جو پوسٽنس کي پنھنجي ڪتاب ۾ اھو سڀ ڪجھه لکڻو پيو ـ اڄ سنڌ جي آبادي پنج ڪروڙ آھي ۽ شھرن جو انگ به تمام گھڻو آھي ته مقبرن، مزارن ۽ درگاھن جو تعداد به سَوَن ۾ پھچي چُڪو آھي جنھن کي پوسٽنس ڏسي ھا ته شايد چڪرائجي وڃي ھا ـ
اسان ڪھڙي آڌار دعوى ڪريون ته ھن قوم وڏي ترقي ڪئي آھي ؟ اسان ته پنھنجي من مندر ۽ دلين جي درگاھن کي روشن ڪرڻ بدران پاڻ لُٽائي ھٿ ٺوڪين پيرن فقيرن جي درگاھن کي روشن ڪيو آھي ۽ ڪندا رھون ٿا ـ ھڪ برطانوي صحافڻ ڪرسٽينا لئمب جو ڪتاب “ويٽنگ فار الله” Waiting for Allah سال 1991 ۾ ڇپيو ھو جنھن ۾ ھن جنرل ضياءَ واري آمريت جي زماني ۾ پاڪستان جي صورتحال بابت لکندي خيال ڏيکاريو ھو ته پاڪستاني قوم الله جي آسري ويٺل آھي ـ پر اسان ته شايد سڌو سنئون الله جو آسرو ڪرڻ بدران درگاھن جي آسري ھلي رھيا آھيون ـ ڏسئون ته اھي درگاھون سنڌي قوم کي ڪٿي ٿيون پھچائن ـ
گھڻن کي ھِي ڳالھيون ڏُکيون ته لڳنديون، پر ڇا ڪجي تاريخي حقيقت کان مُنھن موڙي به نٿو سگھجي ـ
__________________
ڏھ سال اڳ افيئر ميگزين ۾ ڇپيل