نفرت جو ٻج: چيني ادب مان دِل کي ڇُھندڙ ھڪ ڪھاڻي
جڏهن کان هن جي ڌيءَ تانيل سپاهين جي هوس جو نشانو بڻي، تڏهن کان هو ائين ئي روئندو ٿو رهي. پاڙيوارا سندس ڌيءُ جو لاش سپاھين جي خيمن وٽان کڻي آيا ھئا. انھن مان ڪيترن کي پنھنجون زالون ياد آيون، جيڪي کانئن سدائين جي لاءِ ڦُرجي ويون هيون
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ مان کنيل، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
چيني ڪھاڻيءَ جو ليکڪ: چينگ تين زي
هڪ ننڍڙو قافلو هوريان هوريان هلي رهيو هو، مرد اڳيان هئا، ٻار ۽ زائفائون پويان هيون، سڀني جون اکيون سامھون رستي تي کُتل هيون، رستو جيڪو ختم ئي نه پي ٿيو، هو ڪيترن ئي ڏينھن کان لڳاتار هلي رهيا هئا، ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ڪنھن شخص جھڙوڪر پنھنجو پاڻ کان سوال ٿي ڪيو.
”آخر اسين ليو جي شھر ڪڏهن پُڄنداسين؟“
”شايد سڀاڻي يا پرينءَ پُڄون، پڪ سان ڪجهه نه نٿو چئي سگهجي.“ ڀرسان هلندڙ ڪنھن ٻئي ورندي ٿي ڏني ۽ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ختم ٿي ويو ٿي. سج هنن جي مٿان چمڪي رهيو هو، مٽي ۽ ڌوڙ جي ڪري هنن جا جسم ڀڀوت ٿي چڪا هئا ۽ منجهائن پگهر جي ڌپ اچي رهي هئي، لڳاتار خاموشيءَ مان بيزار ٿي ڪنھن چيو ٿي.
”ڇا شھر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه ملندو؟“
”شايد ملي وڃي…. ٿي سگهي ٿو ته نه به ملي… ڀلا پاڻ کي کاڌو ڪير ڏيندو؟“
”ڪاش! آءٌ جلدي مري وڃان زندگيءَ ۾ ڏکن کان سواءِ ٻيو رکيو ئي ڇا آهي؟“ هڪ پوڙهي روئندي چيو.
ڪجهه دير کان پوءِ ٻڍڙو هاني وري روئڻ لڳو ته هڪ ڏکاري عورت چيو:

”جڏهن کان هن جي ڌيءَ تانيل سپاهين جي هوس جو نشانو بڻي آهي، تڏهن کان هي ائين ئي روئندو ٿو رهي. گذريل هفتي جو ذڪر آهي ته ويچاري تانيل کي پاڙيوارا سپاهين جي خيمن کان کڻي آيا هئا، هن جو نيرو لاش سُڄي ڪپھه ٿي ويو هو، جسم رت سان ڀريل هئس ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون…. ائين پي لڳو ته ڏاڍي خراب حالت ۾ هن تڙپي تڙپي جان ڏني هئي.“ اهو سُڻي مردن جا منھن لھي ويا، انهن مان ڪيترن کي پنھنجون زالون ياد آيون، جيڪي کانئن سدائين جي لاءِ ڦرجي ويون هيون. واري گرم ٿي رهي هئي ۽ پير سڙڻ لڳا ته هنن مان ڪيترن وٽ ته پير ۾ پائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، سو انهن ڪپڙن جا ٽڪرا پيرن کي ويڙهيا هئا، اوچتو ڪنھن جي روئڻ جو آواز ٻڌائون. آواز ٻڌي عورتون ڊڄي ويون هنن سمجهيو ته جن کين ڊيڄارڻ آيا آهن. ڪجهه جوانن همت ڪئي ۽ هوريان هوريان ڳالهائيندا هڪ ٻئي جي همت وڌائيندا آواز ڏانھن وڌڻ لڳا، مٽيءَ جي هڪ دڙي جي ٻئي پاسي هڪ شخص وڻ جي ٿڙ هيٺان پيو ڪنجهي رهيو هو. هن جو مٿيون حصو اگهاڙو هو ۽ پاجامون پاتل هئس ۽ سڄو بدن ڪارو هئس، ايئن پي لڳو ڄڻ مٿائنس ڪنھن ڏامر هاري ڇڏيو هجي. هنن ماڻهن کي ڏسي هن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چيو:
”ڀائرو! خداجي واسطي مون کي ماري ڇڏيو، آءٌ هي عذاب سھي نٿو سگهان.“
جوانن جهُڪي ڏٺو ته هو سمجهي ويا ته هن جو بدن ڪارو ڇو آهي، هو ڏڪي ويا، عورتون جيڪي ويجهو هيون، سي ڊڄي پري هٽي ويون. وڻ جي هيٺان دٻيل همراهه جي سيني ۽ پٺ تي تلوار جا گهاءُ هئا ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڪوڙيون هن جي زخمن سان چهٽيون پنھنجي تيز ڏندن سان هن جو گوشت پٽي رهيون هيون. هو اڃا تائين مئو نه هو، پر ماڪوڙين جو هن جي مرڻ سان ڪھڙو واسطو. تازو رت چٽ ڪرڻ ۾ هنن کي وڌيڪ مزو ٿي آيو.
”مون تي رحم ڪريو… مون کي ماري ڇڏيو.“ هن وري چيو، آواز هن جي نڙيءَ مان مس ٿي نڪتو، ڪجهه نوجوانن وڌي هن جي جسم تي زور زور سان ڦوڪون ڏيڻ شروع ڪيون، ڪيتريون ماڪوڙيون ڀڄي ويون ۽ ڪيتريون ئي زخمن اندر گهڙي ويون ۽ ڪجهه رت سان چنبڙي ويون. جوانن زور لڳائي وڻ جو ٿڙ هڪ پاسي ڪيو. عورتون ۽ ٻار ڀڄندڙ ماڪوڙين کي پيرن سان چپڻ لڳا، مرد جلدي هن جا زخم ڌوئڻ لڳا.
”تون ڪير آهين؟“ هڪ عورت اوچتو سوال ڪيو.
”آءٌ هڪ مزدور آهيان…. زوري ڀرتي ڪيل مزدور، جيستائين جسم ۾ جان رهي مون کان ڪم وٺندا رهيا، پر جڏهن صفا ڪمزور ٿي ويس ته به موڪل نه ملي. ڪوشش جي باوجود به ڪم ڪري نه سگهيس ته هنن تلوار سان گهايل ڪري هتي ڇڏي ڏنو.“ زخمي مزدور اٽڪندي اٽڪندي ورندي ڏني. اوچتو هن جي زخمن ۾ وري به سور ٿيڻ لڳو.
”منھنجا ڀائرو! آءٌ اوهان کي منٿ ڪريان ٿو ته مون کي ماري ڇڏيو.“ ڪنھن به شخص هن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڌريو، مرد هن کي کڻي هيٺ رستي تي آيا. ان کان وڌيڪ هو ڪري به ڇا ٿي سگهيا. وري به اهو ساڳيو اڻ کٽ رستو، نيرو آسمان، چمڪندڙ سج ۽ تپندڙ زمين، ڪو پکي به اُڏرندي ڏسڻ ۾ نه پي آيو. پري پري تائين هنن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ساهوارو ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو. گهايل مزدور هر هر اهو ٿي چيو، ’مون کي ماري ڇڏيو، خدا جي واسطي مون کي ماري ڇڏيو.‘
پر ماڻهو ماٺ ۾ هئا، آخر هڪ پوڙهي چيو، ”تون اسان جو ڀاءُ آهين، اسين توتي هٿ به نٿا کڻي سگهون، هاڻ اسان جو جيئڻ به گڏ آهي ته مرڻ به گڏ.“
”پر منھنجي تڪليف….“
هڪ شخص پنھنجي قميص لاٿي ۽ مزدور جي اگهاڙي جسم تي وڌي، پگهر مان پسيل قميص هن جي تڪليف ۾ اڃا به واڌارو ڪري ڇڏيو. هن قميص وجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن کي ڏسي ڪجهه عورتن کي پنھنجا مڙس ياد اچي رهيا هئا، جيڪي هن مزدور وانگر زوري ڀرتي ڪيا ويا هئا ۽ جن جي باري ۾ ڪابه خبر نه هئي ته هو ڪٿي آهن، جيئرا به آهن يا مري کپي ويا آهن. اهو سوچي عورتون روئڻ لڳيون ۽ مرد ڪاوڙ مان مُٺيون کولڻ ۽ بند ڪرڻ لڳا، ان مھل جيڪڏهن ڪو سپاهي بندوق يا تلوار کڻي هنن جي سامھون اچي وڃي ها ته هو ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين ها… سج لھي رهيو هو، ڪاري رات پنھنجا پَر پکيڙي رهي هئي ۽ هي سڀئي هڪ ڀڳل ٽٽل کنڊر ٿيل عمارت جي ويجهو ترسي پيا. مزدور سخت تڪليف ۾ مبتلا هو، ماڻهو هن جي چوڌاري بيٺا هئا، ايتري ۾ پوڙهو هاني وري رڙيون ڪرڻ لڳو، ”تانيل منھنجي ٻچڙي…. خدا ڪري هو ڪوڙهيا ٿي مرن جن توتي ظلم ڪيا آهن…. اڙي آهي ڪو جيڪو هنن سپاهين کي جهلي! هو منھنجي ڌيءَ کي ڪيڏانھن کڻي پيا وڃن…. پُڄو…. ڊوڙو! اڙي افسوس ڪوبه منھنجي فرياد تي ڌيان نٿو ڌري.“
ماڻهن چئني پاسن ڏٺو، پر کين سپاهي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه آيا ته هڪ نوجوان چيو، ”سپاهي هتي ڪٿي… ڏک جي ڪري پوڙهي جو دماغ خراب ٿي ويو آهي.“ ”ڪاش! مون کي ڪو سپاهي ملي وڃي…. قسم سان ان جو ڪچو گوشت چٻاڙي کائي وڃان.“
جيڪڏهن هنن سڀني جون اکيون ڌوڙ سان ڀريل نه هجن ها ته هو ڏسي وٺن ها ته ڪجهه پرڀرو ٽي سپاهي هنن ڏانھن اچي رهيا هئا، ڦاٽل ورديون پھريل، ٽئي ڪمزور ۽ گهايل سپاهي، منجهائن جيڪو وچ ۾ هو تنھن جي هڪ ٽنگ گهايل هئي ۽ هو ٻن سپاهين جي سھاري هلي رهيو هو، ٻيو بلڪل سنھڙو ۽ ڪمزور هو، جنھن جون هڏيون به ڏسڻ ۾ پي آيون، ٽي جو مُنھن سڄيل هو، هو ٿڙندا ٿاٻڙندا هلي رهيا هئا، اوچتو سُڄيل منھن واري ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏٺو ۽ هو ڇرڪي بيھي رهيا ۽ اکيون ڦاڙي سامھون ڏسڻ لڳا. ”ڇا ڳالهه آهي؟“ سنھڙي سپاهيءَ پڇيو.
”ڳوٺاڻا…. هو ڏس سامھون ڳوٺاڻا اچي رهيا آهن.“ اهو ٻڌي ٻنهي مٿان ڄڻ وڄ ڪري پيئي، کين خبر هئي ته ڳوٺاڻا هنن جو ڪھڙي شان سان آڌر ڀاءُ ڪندا، هو هڪ عرصي کان انهن هٿين خالي ڳوٺاڻن تي ظلم ڪري رهيا هئا، هنن ڳوٺاڻن جا گهر ساڙي ڇڏيا هئا. انهن جون ڌيئرون، ننھرون ۽ زالون پنھنجي هوس جو نشانو بنايون هئائون ۽ هر ان شخص کي ماريو هئائون جيڪو سندن چوڻ مڃڻ کان انڪار ڪندو هو. پر هاڻ هيترن سارن ڳوٺاڻن کي ڏسي ٽنهي کي پنھنجي موت جو پختو يقين ٿي ويو.
”هلو ڀڄي هلون!“ هڪڙي چيو.
”پر ڀڄي به ڪيڏانھن هلون…. هو ته سوين آهن منٽن ۾ پاڻ کي ڳولي وٺندا… هاڻ ته هنن ڏسي به ورتو هوندو.“ سُڄيل منھن واري چيو ۽ واريءَ تي ويھي رهيو، باقي ٻن به هن جو ساٿ ڏنو. ٽن ڏينھن کان هنن ڪابه شئي نه کاڌي هئي ۽ بُکيا اُڃيا هئا، اُڃ کان مجبور ٿي ڪيترائي ڀيرا هنن پگهر چٽڻ جي ڪوشش ڪئي پر پگهر بدبودار ۽ ڪڙو هو.
”اسان وٽ بندوق هجي ها ته ڪر هنن سان پُڄي پئون ها.“ گهايل سپاهيءَ چيو، پر هو هارايل هئا، هنن جو دستو ٽڙي پکڙي ويو هو، دشمنن سڀ هٿيار ڦري ورتا هئا ۽ هي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا. ”اسين به ڪھڙا نه بدنصيب آهيون جو پنھنجا به نفرت ڪن ٿا ته پرايا به.“ سنھڙي سپاهيءَ ڪنبندڙ آواز ۾ چيو. سُڄيل منھن واري به ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو ته اوچتو هن جي نظر ڳوٺاڻن تي پئي جيڪي تيزيءَ سان هنن ڏانھن اچي رهيا هئا، ڏسندي ئي ڏسندي هو هنن وٽ پھچي ويا، پھچندي شرط ڪنھن ڳوٺاڻي زخمي سپاهيءَ کي ٻه مُڪون هڻي ڪڍيون، پوءِ ته چوڌاري هنن تي لتن، مُڪن ۽ ٺونشن جو مينھن وسي ويو.
”ماري ماري قيمو بنائي ڇڏيو!“
”کل لاهي ڇڏيو!“
”هنن ظالم سپاهين اسان جو الھه تلھه تباهه ڪري ڇڏيو آهي…. هنن جون هڏيون ڀڃي ڇڏيو.“
اوچتو هڪ شخص بلند آواز ۾ چيو، ”ڀائرو! بک ۽ اُڃ ۾ اڳ ۾ ئي اسان جو حال هيڻو آهي، جيڪڏهن هنن کي ماري ماري ٿڪجي پياسين ته شھر ڪيئن پُڄنداسين…. ڇو نه هنن کي واريءَ ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيون.“
”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي!“ چئني پاسن کان آواز اچڻ لڳا، سپاهي پٽ تي منھن ڀَر پيا هئا. زخمي ٽنگ واري پنھنجو منھن مٿي ڪري ڳوٺاڻن کي ڏٺو، جيڪي هنن جي ٻن ساٿين کي جيئري پورڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا.
هن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چيو، ”ڀائرو پھرين مون کي دفن ڪجو آءٌ ڏاڍي تڪليف ۾ آهيان.“
”تڪليف ۾ آهين ته اسين ڇا ڪريون هاڻي ته پاڻ اسين توکي پڇاڙيءَ ۾ دفن ڪنداسين ته جيئن اڃا به گهڻي تڪليف اچيئي، تون روئندي ته اسان جي هيئين تي ڇنڊو پوندو.“ هڪ نوجوان خارن مان چيو ۽ واريءَ جو ٻُڪ ڀري زخمي سپاهي جي وات ۾ وڌو. ”هنن جي جَڙتي وٺو هنن ڪيترائي ڳوٺ ڦريا هوندا.“ هڪ مائيءَ چيو، سڀني ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي، ڪجهه نوجوانن اڳيان وڌي ٽنهي سپاهين جي جڙتي ورتي، پر کين ڪجهه به نه مليو، هڪڙي جي کيسي مان کيڏڻ جا پتا مليا.
”هنن جا جوراب لاهي ڏسو متان انهن ۾ ڪجهه هجي.“ هڪ شخص چيو.
جوراب رت سان چنبڙي ويا هئا، ماڻهن ڏاڍي بي رحميءَ سان لاٿا جو کل ئي لھي آئي. سڄيل منھن واري سور کان رڙيون ڪندي چيو، ”هاڻي ته اوهان کي پڪ ٿي ته اسان وٽ ڪجهه به نه آهي.“
ٻار واريءَ جون مُٺيون ڀري سپاهين تي اُڇلڻ لڳا، جلدي هنن جا نڪ، وات ۽ ڪن واريءَ سان ڀرجي ويا. ٻار کلڻ لڳا ۽ مردن جي چھرن تي طنزيه مُرڪ پکڙجي ويئي حرامزادو! ”هاڻ ڪيئن ٿا ڀانيو…. ڪيڏانھن ويئي اوهان جي ٺڳَ ۽ آڪڙ.“ هڪ پوڙهيءَ چيو.
”ذليل ڪتؤ! اوهين پنھنجو پاڻ کي سمجهو ڇا ٿا، هاڻي مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو.“
”هنن کي گهيري عمارت وٽ کڻي هلو ته جيئن مايون به پنھنجي ڪاوڙ لاهي سگهن.“
ڀانت ڀانت جي ٻولين ۾ ڪجهه جوانن اڌ مئل سپاهين کي ٽنگا ٽولي ڪري عمارت ڏانھن کڻي ويا. سپاهين جا وات کليل هئا ۽ اکيون سُڄيل هيون، هنن پنھنجو پاڻ کي ڳوٺاڻن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هر هر هڪ ٻئي ڏانھن ٿي ڏٺئون، شايد اهو چوڻ ٿي چاهيائون ته ڇا اسين کائڻ پيئڻ کان سواءِ ئي مري وينداسين. هنن ڪيتريون ئي سختيون سٺيون هيون، بُک جي هٿان تنگ ٿي هو جنگ جي ميدان مان ڀڳا هئا ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ رستي تي ڪيترائي ڏينھن هلندا رهيا هئا، کين ڪابه خبر نه هئي ته ڳوٺاڻن کي هنن کان ۽ هنن کي ڳوٺاڻن کان نفرت ڇو هئي. هو پاڻ به غريب هئا ۽ ڪيترائي ڏينھن بکيا گذاريندا هئا، ڪيترن ئي ورهين کان هنن پنھنجي ٻارن ٻچن جا منھن نه ڏٺا هئا. جنگ جي ميدان ۾ بندوقن جي بوڇاڙ ۽ سنگينن جي سامھون هئڻ هنن جو مقدر بنجي ويو هو. جنگ مان ڀڄڻ جي ڏوهه ۾ هنن جي ڪيترن ئي ساٿين کي گولين جو بک بڻايو ويو هو، هنن کي پنھنجون زالون ۽ ٻار ڏاڍا ياد ايندا هئا. هنن به سُک ۽ سلامتيءَ سان پنھنجن گهرن ۾ رهڻ ٿي چاهيو، پر هن جون خواهشون دل ئي دل ۾ رهجي ويون، هاڻي هو مجبور ۽ بيوس هئا. زمين تپي ٽانڊا ٿي ويئي هئي، هنن کي واريءَ تي گهيريو پئي ويو. پھرين ته عورتون ڪاوڙ مان ڦوڪارون ڏيڻ لڳيون پر جڏهن اڌ مئل حالت ۾ ئي انساني جسم هنن جي سامھون آيا ته هو روئڻ لڳيون، ”مون کي ٿورو پاڻي پياريو پوءِ ڀلي جيئرو دفن ڪري ڇڏيو.“ هڪڙي سپاهيءَ هٿ جوڙي چيو.
”پاڻي! پليت، اسين توکي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ڏينداسين.“ هڪ نوجوان لت هڻندي چيو.
”آءٌ توکي قيمون ڪري ڇڏيندس، ڪچوئي کائي ڇڏيندس… ها تون ئي منھنجي ڌيءَ تانيل جو قاتل آهين.“ پوڙهي هانيءَ ڪاوڙ مان ڪنبندي چيو. سپاهيءَ هن جا پير ڇھڻ ٿي چاهيا، پر هو ڇرڪي پويان هٽيو ۽ سپاهيءَ جي منھن تي ٿُڪي ڏنائين.
”هڙئي سپاهي ڪمينا ٿيندا آهن.“ هڪ مائيءَ لڙڪ اگهندي چيو.
”منھنجا ديس ڀائيو! مون کي ماري ڇڏيو… مون کي سڀ کان پھرين ماريو…. آءٌ وڌيڪ سور سھي نٿو سگهان.“ گهايل سپاهيءَ وري منٿ ڪئي.
”ماٺ ڪر… حرامزادا.“ هڪ نوجوان هن کي ڇڙٻيو. ”آءٌ اوهان جي پيرين ٿو پوان، مون کي ماري ڇڏيو منھنجي ٻُڍڙي ماءُ کي چئجو ته مون کي وساري ڇڏي ۽ اهو به چئجو ته پڇاڙيءَ وقت مون کيس ڏاڍو ياد ڪيو هو.“ هو وري روئڻ لڳو.
”هان! هنن ظالمن جون به مائرون هونديون آهن ڇا؟“ هڪ شخص حيران ٿي چيو. ”مون کي ماري ڇڏيو، منھنجا ڀائرو جلدي ماري ڇڏيو.“ گهايل سپاهيءَ وري منٿ ڪئي. هڪ نوجوان هن کي لت هڻندي چيو، ”ظالمو! اوهان سڄي عمر سادن سودن هٿين خالي ڳوٺاڻن تي ظلم ڪيا آهن ۽ هاڻي انهن کان ئي رحم گهري رهيا آهيو.“
”ڇا اهو اسان جو ڏوهه آهي جو لڙائي لڳي آهي… اسان کي لڙائيءَ مان ڇا ٿو ملي… اسين ته پاڻ وڙهڻ نٿا چاهيون.“ سنھڙي سپاهيءَ چيو.
”ڏاڍو سٺو تون ته ڏاڍو معصوم آهين، سوَئر ڪٿي جا.“
”يقين ڪريو، اسين صفا بي وس هوندا آهيون، جنرل اسان کي قتل ۽ ڦرلٽ جو حڪم ڏين ٿا ۽ اسين انهن جو حڪم مڃيون ٿا، جيڪڏهن اسان مان ڪو انڪار ڪندو آهي ته ان کي گوليءَ سان اڏايو ويندو آهي.“ سڄيل منھن واري چيو.
”هنن جي منٿن تي ڌيان نه ڏيو، هنن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏيو.“
ميڙ مان ڪجهه آواز آيا.
سپاهين مايوس ٿي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا، سادا سودا معصوم انسان لڳاتار بُک کان بيزار ٿي پنھنجن گهرن مان نڪري کڙا ٿيا هئا. شروع ۾ هو به سپاهين کان نفرت ڪندا هئا، پر پيٽ جي پوڄا لاءِ کين سپاهي بنجڻو پيو.
”اسين ان کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهياسين.“ سنھڙي سپاهيءَ روئندي چيو.
”اڙي ڇا سپاهي به روئندا آهن؟“ هڪ نينگر حيران ٿي چيو.
”لڙائي ڪير ٿو چاهي؟“ سُڄيل منھن واري هوريان هوريان چيو: ”آخر سپاهي به ته انسان هوندا آهن، هنن جون به مائرون، ڀينرون ۽ ڀائر هوندا آهن هو به پنھنجن ڳوٺن ۾…“
”تون اڳ ۾ ڪٿي رهندو هئين؟“
”ڳوٺ ۾…. ميرس جي ڳوٺ ۾….“ ڪمزور سپاهيءَ جلدي چيو.
”سپاهي ٿيڻ کان اڳ ۾ ڇا ڪندا هئا؟“
”هي ٻئي هاري هئا، ٻنين ۾ هر هلائيندا هئا ۽ آءٌ واڍو هئس ۽ سُٺا هر ٺاهيندو هئس.“
”پوءِ تو سپاهيءَ جو ذليل پيشو ڇو اختيار ڪيو؟“
”اسين مجبور هئاسين، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، سپاهي نه بنجون ها ته ٻيو ڇا ڪريون…. آءٌ قسم ٿو کڻان ته تون جيڪڏهن اسان جي جاءِ تي هجين ها ته ائين ئي ڪرين ها.“
ماڻهو خاموش ٿي ويا، فضا ڌنڌلي ٿي رهي هئي. محسوس ائين پي ٿيو ته طوفان اچڻ وارو آهي. مرد، عورتون ۽ ٻار حيرت مان سپاهين کي ڏسي رهيا هئا. هيستائين هو سمجهي رهيا هئا ته سپاهي عام انسانن کان مختلف ڪا ٻي مخلوق هوندا آهن، پر هنن ٽن سپاهين جون ڳالهيون ٻڌي هنن جي خيالن جا طلسم ٽٽي ويا هئا، پورهيت ۽ مزدور… ضرورت کين مجبور ڪيو هو جو پنھنجن ڀائرن تي گوليون هلائڻ لڳا هئا.
”اسان جو وقت اچي پھتو آهي، جيئرو پوريو يا ماري ڇڏيو، اسان کي ڪوبه ڏک نه ٿيندو.“ زخمي سپاهيءَ چيو. ماڻهو اڃا به خاموش بيٺا هئا، سپاهين کي ڏسي هنن فيصلو ڪيو هو ته هو پنھنجي دل جو بخار ڪڍندا، پر اهو ڄاڻي ته هو به هنن وانگر مفلس ۽ بکايل آهن ته هنن جي ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي. زخمي ٽنگ وارو سپاهي ڪنجهڻ لڳو ته سنھڙي سپاهيءَ چيو، ”ڪيئن آهين تاني!… سور گهڻو ٿي رهيو آهي ڇا؟“
”تاني به عجيب نالو آهي!“ هڪ ٻُڌي چيو ۽ سڀئي کلڻ لڳا.
”ڏاڍو سور اٿم، جيڪڏهن ڪٿان چاقو مليم ته ڪَر ٽنگ ئي وڍي ڇڏيان.“ تانيءَ وراڻيو. ماڻهو جهُڪي هن کي ڏسڻ لڳا، هن جي ٽنگ ۾ گھرو گهاءُ هو، جيڪو وڌي ناسور بنجي ويو هو، سپاهي زخم تان پٽي هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جيڪا زخم تي چھٽي ويئي هئي.
”افسوس! اسان وٽ….“ سڄيل منھن واري پاڻي گهرڻ ٿي چاهيو، پر ڊپ جي ڪري جملو پورو ڪري نه سگهيو. تانيءَ هڪ ئي جهٽڪي سان پٽي ڇڪي لاٿي. ”ڪينئان….“ ميڙ مان ڪنھن چيو.
ٽنگ تي جيڪو زخم هو، ان ۾ ڊگها ڊگها ڪينئان سُري رهيا هئا، رت ۾ ٻڏل، ڪِنا ڪينئان تانيءَ پنھنجي هٿ سان زخم مان ڪڍي زمين تي اڇلڻ لڳو. ۽ هر ڀيري تڪليف جي ڪري تڙپي ٿي اُٿيو. سنھڙي سپاهيءَ هن کي تڙپندو ڏسي بڙ بڙ ڪرڻ لڳو، ”جيڪڏهن مون وٽ بندوق هجي ها ته هن کي هميشه لاءِ ان عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ڏکيو نه هو.“
سڀئي ڪينئان چونڊي تاني سور جي ڪري زمين تي تڙپڻ لڳو، سڄيل منھن واري اها ميري گدلي پٽي کڻي ٻيھر زخم تي ٻڌڻ لڳو، اهو ڏسي ويجهو بيٺل هڪ ڊگهي شخص چيو، ”پھرين پاڻيءَ سان زخم ڌوئي وٺ.“
سڄيل منھن واري ڪنڌ مٿي کڻي حيرت مان هن ڏانھن ڏٺو، ”پاڻي! ڪٿي آهي پاڻي… اسان ٽن ڏينھن کان پاڻي نه پيتو آهي ۽ اوهين زخم ڌوئڻ جي ڳالهه ٿا ڪريو.“
”نامرادو! وٺو پاڻي پيو.“
سپاهين اکيون ڦاڙي چوڻ واري ڏانھن ڏٺو، کين پنھنجي اکين تي يقين ئي نه پي آيو. پوءِ سنھڙو سپاهي اُٿيو ۽ ڊگهي ماڻهوءَ کي ڀاڪر وڌائين. ”منھنجا ديس ڀائيو! اوهان جو ڪھڙي زبان سان ٿورو مڃان.“ هو روئي چوڻ لڳو، ”مرڻ کان پوءِ منھنجي کل جا ”جُتا“…
”چڱو چڱو وڌيڪ بڪواس نه ڪر وٺ پاڻي پي.“ ڊگهي شخص کلندي چيو.
ٽنھي سپاهين ڍؤ ڪري پاڻي پيتو، تانيءَ پنھنجي پٽي ڌوتي ۽ زخم تي پاڻي وڌو. دشمني ۽ نفرت دور ٿي چڪي هئي، هر شخص سوچي رهيو هو ته هو ڪيئن هنن بي سھارن جي مدد ڪري.

”ڀائرو! مون کي ماري ڇڏيو…. جيڪو دل ۾ اچي سو ڪريو… آءٌ اوهان جو اهو ٿورو ڪڏهن به نه وساريندس.“ زخميءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو، ٻي گهڙيءَ هو ٿاٻو کائي ڪريو ۽ هن جو مٿو هڪ ڇوڪري سان ٽڪرايو. ڇوڪري هن جو مٿو ٻنهي هٿن سان جهليو ۽ گهٻرائجي چئني پاسن ڏسڻ لڳو. هڪ شخص اڳيان وڌي تانيءَ جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ گهٻرائجي چيو، ”بخار… هن کي ته سخت بخار آهي.“
تاني پٽ تي مڇيءَ وانگر تڙپي رهيو هو، ماڻهو هن جي سري کان بيھي بي وسيءَ مان هٿ ملڻ لڳا.
”هلو! هن کي کڻي هلو!! شايد شھر ۾ ڪو هن جو علاج ڪري.“ ڊگهي شخص چيو، سڀني هن جي تائيد ڪئي. ڊگهي شخص سنھڙي سپاهيءَ سان گڏجي تانيءَ کي کنيو ۽ قافلو هڪ ڀيرو وري هلڻ لڳو، ٿورو پريان وڃي اوچتو تانيءَ چيو.
”ڀائرو! ديس واسيو! مون کي ماري ڇڏيو…. مون کي ڏاڍي تڪليف آهي… آءٌ سھي نٿو سگهان.“
ماڻهو بيھي مرندڙ سپاهيءَ ڏانھن ڏسڻ لڳا، ڪجهه همراهه رستي جي ڀرسان قبر کوٽڻ لڳا. ان دوران تاني ختم ٿي ويو. ٻار حيران ۽ پريشان بيٺا هئا، عورتون سڏڪا ڀري رهيون هيون، مردن جي چھرن تي پڻ ڏک ۽ غم جا پاڇا هئا، لاش کي قبر ۾ لاهڻ وقت سُڄيل مُنھن واري کيسي مان تاش جا پتا ڪڍي لاش جي ڀرسان رکندي چيو:
”ڪلهه تو هي مون کان گهريا هئا، پر مون نه ڏنا هئا… وٺ! هاڻي وٺ ۽ فڪر نه ڪر آءٌ تنھنجي ماءُ سان ملي کيس سڀ ڪجهه ٻڌائيندس ۽ کيس دلاسو ڏيندس… تون ناراض ته نه آهين منھنجا دوست….” اهو چئي هو روئڻ لڳو، روئندي روئندي کيس خيال آيو ته تاش جا پتا محفوظ ڪونھن، سو هن هٿ وڌائي پتا تانيءَ جي کيسي ۾ رکيا.
”افسوس صد افسوس.“ پوڙهي هاني لڙڪ وهائيندي چيو. ڊگهو شخص ۽ سنھڙو سپاهي ٻئي روئڻ لڳا، هنن جي پويان ٻيا ماڻهو به لڙڪ وهائي رهيا هئا.
”هاڻي اوهين ڪيڏانھن ويندا؟“ ڊگهي شخص ٻنهي سپاهين کان پڇيو. ”ڪھڙي خبر… اسين بي سھارا آهيون… اوهين ڪيڏانھن وڃي رهيا آهيو؟“ سڄيل منھن واري سپاهي ۽ سنھڙي سپاهيءَ هڪئي وقت چيو. ”ليو جي شھر! شايد اتي ڪجهه کائڻ لاءِ ملي.“
”اسين به اوهان سان گڏ هلنداسين.“
ٿوري دير کان پوءِ هو سفر تي روانا ٿي ويا. سُڄيل منھن وارو هڪ مائيءَ جي هڙ کڻي هلي رهيو هو ۽ سنھڙو سپاهي هڪ ٻار جي آڱر جهلي هلي رهيو هو. سپاهيءَ ۽ ڳوٺاڻي جو ويڇو ختم ٿي چڪو هو، هو انسان هئا، هڪ ٻئي جا حال ڀائي… کين ڪاوڙ ته ضرور هئي، پر انهن تي جيڪي انسان هوندي به انسان نه هئا ۽ جن هڪ ڀاءُ کي ٻئي ڀاءُ جو ويري بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن هو ليو جي شھر پھتا ته رات جي ڪاري چادر ختم ٿي رهي هئي ۽ سج اُڀري رهيو هو، آزادي، امن، محبت، ڀائيچاري ۽ برابريءَ جو سج.
___________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي



