Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

پنجاب ۾ جيڪو جمعي جي رات ڄمندو آهي، اهو سيد سڏائيندو آهي: فيروز خان نُون

پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم سر فيروز خان نون پنھنجي ڪتاب ’چشم ديد‘ ۾ اھو رمارڪ لکيو  ھو

ريسٽورانٽ لاءِ اسلام آباد کان ھڪ نئون ڪشميري شيف آيو. نالو فيضان شاهه اٿس.  سنڌين ۾ ته شاهن جي ٻڪري ويائي پئي آهي، پر پنجابين، اردو ڳالهائيندڙن ۽ ڪشميرين ۾ به شاهه سڳورا جام آهن، جنھن کان پُڇ ته چوندو سيد آهيان.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

13 نومبر 2024: چين اچي، جڏهن چين جي هوشر با ترقي ڏسي ۽ پوءِ چين جي اڳواڻن جا احوال پڙهندي، ڊينگ پيائو زينگ جي ذڪر ۾ جڏهن مون سنگاپور جي اڏيندڙ ”لي ڪوآن يو‘ جي باري ۾ ذڪر پڙهيو، جنھن جي تجربن ۽ دوستي مان چين سکيو ته الائجي ڇو ’لي ڪو آن يو‘ جا سنگاپور جي حوالي سان ڪارناما هر وقت منھنجي اڳيان اڳيان رهن ٿا. مون کي سندس ڏورس نگاهن تي حيرت ٿئي ٿي. ’جي 20‘ وڏن ملڪن جي هڪ تنظيم آهي، جيڪا واپار ۽ ٻين معاملن ۾ دنيا تي وڏا اثر رکي ٿي، ان جي گڏجاڻين ۾ اڪثر ملڪ مبصر جي حيثيت سان شريڪ ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ ٽرينڊ ٿيندا آهن. جنرل مشرف جي دور ۾ پاڪستان کي جي 20 (جي ٽوئنٽي) ۾ مبصر جي حيثيت سان شرڪت جو موقعو مليو. پاڪستان کي اهو پھريون ڀيرو اعزاز مليو هو. سنگاپور مبصر جي حيثيت سان ’جي ٽوئنٽي‘ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. پاڪستان ٻه ڀيرا اهڙين گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيو، پر پوءِ پاڪستان کي اها دعوت ملڻ بند ٿي وئي. پاڪستان کي ته هاڻ ياد به ڪونهي ته کيس ڪڏهن کان ’جي ٽوئنٽي‘ ۾ گهرائڻ بند ڪيو ويو. سنگاپور اڄ به انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿئي ٿو. ’لي ڪو آن‘ ان جو ذڪر هر پاڪستاني اڳواڻ سان ڪندو هو ۽ چوندو هو ته اسان ’جي ٽوئنٽي‘ ۾ شامل نه آهيون، پر اسان انهن ملڪن جي اجلاسن ۾ ويھون ٿا ۽ ان سان ٽرينڊ ٿي رهيا آهيون ۽ اسان کي يقين آهي ته اسان هڪ ڏينھن ضرور ان جا سرگرم ميمبر ٿينداسين. ان شخص جون دوربين نگاهون ته ڏسو. 2020ع ۾ ’جي ٽوئنٽي‘ جي گڏجاڻي سعودي عرب ۾ ٿي رهي هئي، ’لي ڪوان يو‘ 2015ع ۾ گذاري ويو. سنگاپور جا سعودي عرب سان سفارتي لاڳاپا نه هئا. ’لي ڪوان يو‘ کي وفات کان اڳ 2015ع ۾ خدشو محسوس ٿيو ته سعودي عرب اسان کي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏيندو. هو بيمار ۽ پوڙهو هو، پر هن پرڏيھي وزارت جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سفارتي ٽيم کي حڪم ڏنو ته اوهان وٽ پنج سال آهن ۽ اوهان انهن سالن ۾ سعودي عرب سان لاڳاپا ايترا ته بھتر بنايو، جو اسان کي ’رياض‘ مان ’جي ٽوئنٽي‘ ۾ شرڪت جي دعوت ملي. پرڏيھي وزارت ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ’لي ڪوان يو‘ 2015ع ۾ گذاري ويو. پر 2020ع ۾ سعودي عرب پاران سنگاپور کي شرڪت جي دعوت ملي ۽ حڪومت ان جو باقاعده جشن ملھايو. قومون ايئن ته ترقي ڪونه ٿيون ڪن.

*

ڊاڪٽر ذيشان آيو، جيڪو پشاور جو پٺاڻ آهي ۽ هتي ’او مي‘ شھر جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ڪڏهن ڪڏهن شھر ۾ ڪم ڪار هوندو اٿس ته اهو لاهي، پوءِ هِتي ھوٽل تي ماني به اچي کائيندو آهي ته ڪچھري به ڪندو آهي. اڳ ۾ به هتي ٻه ٽي ڀيرا آيو آهي ۽ ساڻس ملاقات ٿي هئي. اڄ آيو ته وشال کي چيائين شاپنگ مال هلون وشال چيو ’ڀلي مون کي هونئن به وڃڻو هو، جو ابوءَ لاءِ هڪ جيڪٽ وٺڻو هو. بيجنگ ۾ پائڻ لاءِ.‘

آءٌ، وشال ۽ ڊاڪٽر ذيشان ٽيئي ڊاڪٽر ذيشان جي ڪار ۾ شاپنگ مال پھتاسين. جيڪو هڪ وڏو ۽ مھانگو شاپنگ مال هو. جيڪو تمام وڏو ۽ ڪيترائي ماڙ هو ۽ جنھن ۾ هر شئي موجود هئي. اسان گهمندا ڦرندا هڪ جيڪٽن جي دڪان ۾ گهڙياسين جتي جا اگهه ڏسي مون کي رڦڻي چڙهي ويئي. پوءِ وري ٻئي تي وياسين، جتي مون وشال کي چيو ته يار مھانگي جيڪٽ خريدڻ جي گهرج ڪونهي. مون کي ڇائو يانگ مان ڪو سؤ سوا يوان واري جيڪٽ وٺي ڏي. وشال اها ڳالهه کلندي ڊاڪٽر ذيشان کي ٻڌائي ته هو به کلڻ لڳو ۽ کيس پاتل بنا ٻانھن جي جيڪٽ ڏيکاريندي چيائين، ”مون هيءَ اٺ سؤ يوان ۾ ورتي آهي، پر آهي ڏاڍي سٺي. وشال جيڪڏهن اوهان لاءِ هڪ هزار يوان جي جيڪٽ خريدي ته اهو به گهٽ آهي. پيءُ يا ماءُ تي جيڪو خرچ ڪري ٿو، اهو اجايو نه پر سجايو هوندو آهي، ۽ اهو خوشي ڏيندو آهي.“

دل ۾ چيم ڊاڪٽر ذيشان تنھنجي پگهار پندرهن هزار يوان آهي ۽ آهين به ڇڙو ڇانڊ…. تنھنڪري تون ڀلي وٺ…

هڪ جيڪٽ پسند آئي، جيڪا ورتيسين، وشال گهڻا پئسا ڏنا، نه ٻڌايائين. پڇيم، ”پشو گهڻي جي آهي؟“ ته وراڻيائين، ”سستي آهي…“ ٿوري دير مال جو چڪر هڻي، فوٽو گرافي ڪري واپس موٽي آياسين. ڊاڪٽر ذيشان وشال کي چيو ته ”هلو ماني گڏجي کائون.“ پر وشال چيس ته ”مون کي ڍؤ لڳو پيو آهي. ٻيو ته هوٽل تي همراهه منھنجي اوسيئڙي ۾ آهن.“ اهو ٻڌي ذيشان چيو، ”ٺيڪ آهي پوءِ ابو ۽ آءٌ ٿا وڃون.“

وشال هوٽل تي هليو ويو، ۽ آءٌ۽ ڊاڪٽر ذيشان سان پاسي واري هڪ ٻي پاڪستاني هوٽل تي ويٺاسين. ان هوچو لو (اسٽريٽ) تي اها ٻي پاڪستاني حلال کاڌي جي هوٽل آهي. جيتوڻيڪ بک مون کي به نه هئي، پر ڊاڪٽر ذيشان سان انڪار ڪري نه سگهيس ۽ ’آلو ٽنڊا‘ جي هڪ پليٽ گهرائيسين ۽ ڪجهه سموسا. ڊاڪٽر جي دل رکڻ خاطر اهي کاڌم.

*

14 نومبر 2024:  رات وشال چيو هو ته، ”ابو سڀاڻي سوير تيار ٿجو. نئننگ ايئرپورٽ هلنداسين. اسلام آباد مان نئون شيف ايندو، ان کي کڻڻ هلنداسين.“

وشال کي پنھنجي هوٽل لاءِ هڪ سٺي بورچيءَ جي ضرورت هئي. وٽس ٻه بورچي اڳ ۾ ئي آهن. رضوان ۽ شھزاد راءِ، پر شھزاد وڃان وڃان پيو ڪري، تنھنڪري ٻن سالن جي لاءِ هڪ نئون شيف جيڪو ڪشميري آهي، اڄ پھچندو. نئننگ ايئرپورٽ شھر کان ستاويھه ڪلوميٽر ٻاهر آهي، اسان به ان ئي ايئرپورٽ تان بيجنگ روانا ٿينداسين ۽ اتان پوءِ اسلام آباد ۽ اتان ڪنيڪٽ فلائٽ ذريعي ڪراچي وڃبو.

ايئرپورٽ ڏانھن ويندي ٻه ڀيرا کشين گاڏي غلط نموني هلائي، جنھن ڪري کشين جو پارو چڙهي ويو. کيس وشال بار بار آهستي هلائڻ لاءِ چوندو رهيو، پر محترمه کشين کي تيز گاڏي هلائڻ جو شوق، تنھن نقصان اهو ڪيس ته ٻارهن پوائنٽن مان ڇھه پوائنٽون ڪٽجي ويس، جنھن ڪري سڄو ڏينھن موڊ خراب رهيس.

نئون شيف اڄ آرام ڪندو. نالو فيضان شاهه اٿس، خيال آيم ته سنڌين ۾ ته شاهن جي ٻڪري ويائي پئي آهي، پر پنجابين، اردو ڳالهائيندڙن ۽ ڪشميرين ۾ به شاهه سڳورا جام آهن، جنھن کان پُڇ ته چوندو سيد آهيان. پوءِ الائجي اصلي يا نقلي، وڏي لوڌ آهن. سر فيروز خان نون، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم پنھنجي ڪتاب ’چشم ديد‘ ۾ لکيو آهي ته ”پنجاب ۾ جيڪو جمعي جي رات ڄمندو آهي، اهو سيد سڏائيندو آهي.“

ڪالهه کان هڪ نوٽ بوڪ جي گهرج هيم، اڄ واڪ ڪرڻ ويس ته اسي اسي صفحن جا سڄا سارا ٻه نوٽ بوڪ وٺي آيس. ’ستن يوانن‘ ۾ وشال ڏٺا ته چيائين توکي سٺا گهرائي ٿو ڏيان. چيومانس في الحال هڪ گهرائي ڏسان ته ڪيئن آهي، ٻيا پوءِ وٺنداسين. پاڻ ان ئي مھل هڪ نوٽ بوڪ جو آن لائين آرڊر ڏيئي ڇڏيائين.

*

چين جي معاشي ترقيءَ ۾ اُن جي پنج ساله معاشي رٿائن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چين جو پھريون پنج ساله منصوبو مائوزي تنگ جي ويجهي ساٿي ۽ چين جي هڪ اهم اڳواڻ ’ڇن يون‘ جي رهنمائي ۽ سرپرستي ۾ جوڙيو ويو. ڇن يون جي سوانح عمري جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، اها مون پڙهي آهي ۽ ڏاڍي دلچسپ آهي. ان منصوبي جي تياري واسطي ڇن يون، روس جو به دورو ڪيو. چين جو پھريون پنج سالا منصوبو 1953ع کان 1957ع تائين هو. اهو پھريون منصوبو سوويت يونين جي معاشي ماڊل موجب هو، ان جي رٿابنديءَ تحت 694 وڏا ۽ وچينءَ درجي جا صنعتي پروجيڪٽس لڳائڻا هئا، جن مان 156 سوويت يونين جي مدد سان مڪمل ٿيڻا هئا، ان پنج سالا منصوبي جا هڙئي هدف ڪاميابيءَ سان پورا ڪيا ويا. 595 وچولي درجي جي صنعتي يونٽس جو قيام ۽ انهن مان پيداواري عمل به شروع ٿي ويو. ٻي پنج سالا منصوبي بندي ۾ هيوي انڊسٽري کي فروغ ڏنو ويو. صنعت، زراعت، دستڪاري، ٽرانسپورٽيشن، سائنسي ترقي، قومي دفاع جي مضبوطي ۽ شھرين جي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بنائڻ جا هدف شامل هئا. هر پنج ساله منصوبي بنديءَ ۾ نوان هدف مقرر ڪيا ويندا هئا. تيرهين پنج ساله رٿا تحت روايتي هيوي انڊسٽري جي بدران جديد انفراسٽرڪچر، شھرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ وسيلن جي مناسب استعمال سان فرق کي گهٽائڻ، ماحولياتي صنعت کي فروغ ڏيڻ، ماحولياتي گدلاڻ ۾ ڪمي، وڌيڪ بين الاقوامي باهمي سھڪار، چيني شھرين جي معاشي ثمرن جي شيئرنگ جي حوصلي افزائي، صحت جي حوالي سان جوڙيل هيلٿ ايڪشن پلان تي عمل ڪري، زندگي جي وچولي درجي جي خوشحال سماج جو قيام شامل هو. ان کان سواءِ 2025ع Made in China چيني ساخت جي رٿا تي به ڪم هلي رهيو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي:

Everyone is an entrepreneur, creativity of the masses.

چين جي معاشي ترقي ۽ عام ماڻهوءَ تي اثرن جو مشاهدو رستن تي نت نون ماڊلن جي ڪارين ۽ ماڻهن جي طرز زندگيءَ کي ڏسي ڪري سگهجي ٿو. هتي مون اهڙن اهڙن ماڊلن جون گاڏيون ڏٺيون آهن، جن جا پاڪستان ۾ نالا به نه ٻڌا هئم. ٻي ڳالهه جيڪا ڏٺم، اها هيءَ ته پاڪستان ۾ ڊرائيونگ ساڄي پاسي ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته چين ۾ کاٻي پاسي ڪئي وڃي ٿي.

_____________

Yousif Sindhi-China-TheAsiaN

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button