Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ راج داسواڻي لاڏاڻو ڪري ويو

سائين راج داسواڻي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين جي ڀلائي جي تحفظ ۽ واڌاري ۾ اڳواڻ واري حيثيت رکندڙ هو. هن سنڌي قوم جي قومي جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ سنڌ جي قومي مقصد سان گهري وابستگي رکندو رهيو. راج هِڪُ ليکڪ  پڻ هو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو.

سڄي دنيا جي سنڌين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ متحد ڪرڻ ئي راج داسواڻي جو اصل مقصد ۽ جنون ھو

دِي ايشيا اين جي رپورٽ

لنڊن: ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو عمر ڀر جو ساٿي سائين راڄ داسواڻي، جنھن ڪنگريس جي شروعاتي ڏينهن ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ سڄي حياتي تنظيم سان جڙيل رهيو، لاڏاڻو ڪري ويو.

سائين راج داسواڻي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين جي ڀلائي جي تحفظ ۽ واڌاري ۾ اڳواڻ واري حيثيت رکندڙ هو. هن سنڌي قوم جي قومي جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ سنڌ جي قومي مقصد سان گهري وابستگي رکندو رهيو.

هو ڀارت ۾ سنڌيت جي اهم اڳواڻن سان ويجهڙائپ ۾ رهيو، جن ۾ سائين ڪيرت باباڻي، سائين اُتم، سائين رام پنجواڻي، سائين گوبند مالهي ۽ ٻيا شامل آهن.

سائين راج هِڪُ ليکڪ  پڻ هو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي لنڊن ۾ سندس ڪتاب “ٽامي جا ٽڪرا” جي مهورت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. سنڌي ادب ۽ قوم لاءِ سندس خدمتون سڄي زندگي جاري رهيون. لڳ ڀڳ ٽي سال اڳ هن ماهوار رسالو “سنڌي سماچار” پڻ جاري ڪيو.

پنهنجي هڪ نظم ۾، جيڪو هن سنڌ ڏانهن مخاطب ٿي لکيو، هن چيو:

آخرڪار مون اهو سمجهي ورتو آهي،

جلاوطني ۾ يا توکان زبردستي جدا ٿيڻ،

منهنجي ڏک ۽ اذيت جو تصور ڪر،

اسان جو گوشت ۽ رت، اسان جا پنهنجا،

مذهب جي نالي ۾ تڪليفون سهندا رهيا آهن۔

راج داسواڻيءَ جي زندگيءَ جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

راج داسواڻي 14 نومبر 1932ع تي ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي ۽ بمبئي يونيورسٽي، انڊيا مان گريجوئيشن ڪيائين.

1952ع ۾ راج، موهني واسواڻي جي سهڪار سان هڪ پبلشنگ هائوس “ميهراج ساهتيه مالها” جو بنياد وڌو. هن اداري بنيادي طور تي سنڌي ڪتاب شايع ڪيا، جيڪي اڄ به گردش ۾ آهن.

1957ع کان 1962ع دوران راج ويسٽرن ريلوي ۾ نوڪري ڪئي. ان ئي عرصي دوران هن جو واسطو گوبند مالهي سان ٿيو، جنهن “ڪلاڪار منڊل” نالي هڪ ڊراما ۽ ميوزڪ گروپ شروع ڪيو هو. راج، مالهي سان گڏجي هڪ ڊراما آرٽسٽ ۽ ناٽڪ نويس طور ڪم شروع ڪيو. هن ريڊيو ۽ اسٽيج آرٽسٽ طور ڪاميابي ماڻي ۽ ڪيترن ئي سالن تائين ريڊيو ۽ اسٽيج لاءِ ناٽڪ لکندو رهيو.

ان ئي دور ۾ راج “سنڌي ساهت منڊل” جو سيڪريٽري پڻ بڻيو، جيڪو ان وقت جي ترقي پسند سنڌي اديبن پاران قائم ڪيو ويو هو ۽ اڄ به قائم آهي.

1958ع ۾ راج جي شادي ميرُو (موهني واسواڻي) سان ٿي، جيڪا شاديءَ کانپوءِ گيتاراج جي نالي سان مشهور ٿي. گيتا پڻ ڪلاڪار منڊل ۾ اسٽيج آرٽسٽ طور شامل ٿي ۽ آل انڊيا ريڊيو ۽ فلم ڊويزن جي پروگرامن ۾ حصو ورتائين. اڳتي هلي هن ٻن سنڌي فلمن، “ھوجامالو” ۽ “نقلي شان” ۾ مکيه ڪردار پڻ ادا ڪيا.

1962ع کان 1965ع جي وچ ۾ راج داسواڻي تعميراتي شعبي ۾ قدم رکيو. هن بمبئي ۾ زمينون خريد ڪري چار ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيون جوڙيون: راج، راجشري، راج لکشمي ۽ رام ڪٽير ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي.

1966ع ۾ راج بالي ووڊ ۾ فلمساز طور آيو ۽ چار فلمون تيار ڪيون. هن جي پهرين تجرباتي فلم “اسڪي ڪهاني” هئي، جنهن بنگال جرنلسٽ ايسوسيئيشن پاران “بهترين فلم” جو ايوارڊ ماڻيو. هن جي ٻي فلم سنڌي هئي، جنهن جو نالو “ھوجامالو” هو، اها پهرين فلم هئي جنهن کي انٽرٽينمنٽ ٽيڪس کان ڇوٽ ملي. ان کان علاوه هن “تياڳ” ۽ “بدنام فرشتے” جهڙيون فلمون پڻ ٺاهيون، جن ۾ بالي ووڊ جي وڏن اسٽارن راجيش کنا ۽ شرميلا ٽيگور ڪم ڪيو.

راج 1970ع ۾ فن ۽ ڪلا جي مڃتا لاءِ “انڊس آرٽس” نالي هڪ ثقافتي تنظيم قائم ڪئي. ان تنظيم پاران بمبئي جي شنمکانند آڊيٽوريم ۾ هڪ وڏي ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ فلم “آرڌنا”، راجيش کهنا، شرميلا ٽيگور، ڊائريڪٽر شڪتي سامنت، ايس.ڊي برمن ۽ گيتا دت جهڙن فنڪارن کي نوازيو ويو. سنڌي فنڪارن ۾ فلم “ھوجامالو”، ماسٽر چندر، ايس. پي مينگهڻي، گيتاراج ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر سي. ارجن کي پڻ مانُ ڏنو ويو.

1971ع ۾ راجيش کنا ۽ شرميلا ٽيگور جي حوصلا افزائيءَ سان راج کي يش چوپڙا سان شراڪت ۾ هاڻوڪي مشهور پروڊڪشن هائوس “يش راج فلمز” ٺاهڻ جي آڇ ٿي. پر افسوس ته ان شراڪت جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي راج کي انڊيا ڇڏڻي پئي.

راج اولهه آفريڪا جي ملڪ سيرياليون (Sierra Leone) هليو ويو، جتي هن ڪجهه وقت ڪاروبار ڪيو، جنهن کانپوءِ هو لنڊن منتقل ٿي ويو. لنڊن ۾ هن هڪ سنڌي ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو، جنهن جا 1200 ميمبر هئا.

ان کان پوءِ جلد ئي راج “سنڌ ٽائمز” جي نالي سان هڪ ماهوار نيوز ليٽر شروع ڪيو ۽ سنڌ جي انهن اڳواڻن سان رابطي ۾ آيو جيڪي جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيا هئا، جن ۾ ڄام صادق علي، ممتاز علي ڀٽو، حفيظ پيرزادو ۽ عطا الله مينگل شامل هئا. انهن سڀني گڏجي “سنڌ بلوچ ۽ پختون ايسوسيئيشن” جوڙي، جيڪا هڪ سياسي تحريڪ هئي.

2004ع ۾ کيس لنڊن جي سنڌي ايسوسيئيشن پاران ٽن ڏينهن واري “انٽرنيشنل سنڌي سملن” جو چيف ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو، جيڪو ويمبلي ڪانفرنس هال ۾ ٿيو. ان ۾ سڄي دنيا مان سنڌي مهمانن ۽ فنڪارن شرڪت ڪئي. 2005ع ۾ پڻ هن رنجيت بٽاڻي (سنڌي شان) ۽ رام جوهراڻي (سهيوڳ فائونڊيشن) سان گڏجي بمبئي ۾ انٽرنيشنل سنڌي سملن منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

راج جي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ محبت هميشه قائم رهي. هن هڪ “سنڌ ياترا” جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ ڄاول 23 بزرگن کي 7 ڏينهن لاءِ سنڌ جي تاريخي ماڳن جو سير ڪرايو ويو. هنن شيروالي مندر، ڀنڀور، ڪينجهر، مڪلي، سنڌالاجي ڄامشورو، نوابشاهه، ساڌو ٻيلو سکر، درازا، شڪارپور، ڏهرڪي ۾ سائين سترا م داس جي ڌام، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ سيوهڻ جو دورو ڪيو.

پنهنجي شوق ۽ سنڌ سان محبت جا سمورا مقصد ماڻڻ بعد راج رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو ھو. هن سنڌ، سنڌي شهيدن، شاعري ۽ افسانن تي ڪيترائي غير افسانوي (Non-fiction) ڪتاب لکيا آهن.

ڪورونا وائرس جي وبا دوران هن هڪ ڊجيٽل نيوز ليٽر “سنڌي سماچار” جي شروعات ڪئي، جيڪو سڄي دنيا جي سنڌين ۽ سنڌي واقعن کي ڪور ڪري ٿو. سڄي دنيا جي سنڌين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ متحد ڪرڻ ئي راج داسواڻي جو اصل مقصد ۽ جنون ھو.

______________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button