ڪوسووو جي آزاديءَ واري جنگ جي تاريخ جو ھڪ اُتساھيندڙ باب
ڪوسووو لبريشن آرميءَ جي ڪمانڊر آدم جاشريءَ جو شھادت کان اڳ سربيائي دشمن فورس سان ويڙھ بابت موڪليل خط
ڪوسوو جي آزاديءَ جي جنگ ۾ تيرھن ھزار عام ماڻھو مارجي ويا. سربيائي دشمنن ھڪ ھزار گھرن کي باھيون ڏنيون، ھڪ لک چار ھزار گھر مڪمل طور تباھ ڪيا ويا جڏھن تہ ٻہ لک چوڏھن ھزار ٻين گھرن کي برباد ڪري ڦُرلُٽ ڪئي وئي
نصير اعجاز
تاريخي دستاويز
ڊرينيشا مان خط
ھيءُ خط آدم جاشريءَ موڪليو ھو، جيڪو سندس ڀاءُ حمزہ جو لکيل ۽ انھيءَ تي ڊرينيشا ۾ آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ سُورمن جون صحيحون ٿيل ھيون. ڊسمبر 1997 ۾ لکيل ھن خط ۾ بلڪل سادگيءَ سان تاريخي حقيقتون بيان ڪيون ويون ھيون.
خط جو متن ھن ريت ھو:
پيارا دوستو ۽ ڀائرو،
اسان 25 نومبر 1997 تي ووجِنِڪ ڳوٺ ۾ پنھنجي جوڌن ۽ سربيا جي قابض فورس وچ ۾ ويڙھ جا ڪجھ تفصيل بيان ڪري رھيا آھيون. واقعو ھن ريت آھي تہ نِيوا ٽائيپ جي ھڪ گاڏي ڳوٺ آئي جنھن ۾ چار سِول ملاز سوار ھئا. گاڏيءَ کي شڪي حالت ۾ ڦرندي ڏسي اسان مٿس نظر رکي، جيڪا نيٺ بناڪاج واري علائقي ۾ پھتي جتي ھڪ گھر ۾ اسان جا ويڙھاڪ موجود ھئا. اسان جي ھڪ ماڻھوءَ جي چوڻ مطابق ھُن انھن شڪي سِل ملازمن کان سندن سُڃاڻپ بانت سوال ڪيو تہ گول مول جواب ڏيندي چيائون تہ ھُو البانيائي آھن پر ايئن ڳالھائيندي منجھائن ھڪ ماڻھوءَ ھٿيار ڪڍي اسان جي ماڻھوءَ ڏانھن فائرنگ شروع ڪري ڏني. اسان جي ماڻھوءَ پاڻ کي بچائيندي پنھنجي خودڪار رائفل سان جوابي فائرنگ ڪئي. گاڏيءَ ۾ ويٺل ڪن ماڻھن کي گوليون لڳيون پر ھُو گاڏي تيزيءَ سان ڊوڙائي ڀڄي ويا. سندن گاڏيءَ جا ڀڳل شيشا ۽ رت جا نشان بلڪل واضح نظر اچي رھيا ھئا. اھو واقعو منجھند جو ٻين وڳي ڌاري ٿيو ھو. شڪي ماڻھن جي ڀاڄ کانپوءِ اسان جو ساٿي گھر موٽيو جتي ٽي ٻيا ساٿي موجود ھئا، جن سندس مدد ڪرڻ ٿي گھُري پر ھُنن سمجھيو تہ خطرو ٽري ويو آھي. بھرحال، سربيائي پوليس جي مداخلت جي اِمڪان جي پيشِ نظر ھنن ڳوٺ مان نہ نڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ايئن ئي ٿيو. فقط ٻن ڪلاڪن کانپوءِ يعني چئين وڳي ڌاري ٻہ بڪربند گاڏيون ڳوٺ ۾ پھتيون جن سان گڏ نِيوا گاڏي بہ ھئي. سندن رُخ بِناڪاج پاڙي ڏانھن ھو. اسان جي ساٿين ھڪدم ڀر واري جھنگ ۾ پوزيشن سنڀالي ورتي. سربيائي پوليس گاڏين مان لھندي ئي خوف ۽ ھراس پکيڙڻ لاءِ ھر پاسي فائرنگ شروع ڪري ڏني. گھات ھڻي ويٺل اسان جي ساٿين بہ سربيائي پوليس تي گولين جو وسڪارو شروع ڪري ڇڏيو پر جيئن تہ سندن تعداد پوليس فورس کان گھٽ ھو، تنھن ڪري ھنن پوئتي جھنگ ڏانھن ھٽڻ شروع ڪندي دستي بمن سان دشمن فورس تي حملا ڪري ڏنا. جيتوڻيڪ وٽن ٿورا دستي بم ھئا پر انھيءَ جي باوجود سربيائي پوليس پاڻ کي بچائڻ ۾ لڳي وئي ۽ بڪتربند گاڏين ۾ چڙھي لِڪي فائرنگ ڪرڻ لڳي. دشمن پوليس سان مقابلو ڇھين وڳي تائين جاري رھيو، پر اسان جي ساٿين وڏي ھمت سان مُنھن ڏنو ۽ جھنگ ۾ پنھنجي پوزيشن تي قائم رھيا. نتيجي ۾ دشمن فورس وٽ ڀڄڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونہ بچيو ۽ بڪتربند گاڏين ۾ سوار ٿي ڳوٺ ڏانھن ڀڳا. اسان جا ساٿي صحيح سلامت ھئا ۽ کين ڪو زخم بہ ڪونہ رسيو. انھيءَ جي ڀيٽ ۾ دشمنن کي چڱو خاصو نقصان ٿيو ھو ڇو تہ دستي بمن سان حملن واري ھنڌ رت جا کوڙ نشان ھئا.
آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ سُورمن ۽ تنظيم جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ھن ريت بيان ڪيا ويا:
اسان جي تنظيم موجب علائقي ۾ اھڙا ساٿي ڇڏيل آھن جن جو ڪم شڪي ماڻھن ۽ گاڏين جي چُرپُر تي نظر رکڻ آھي. انھيءَ جو مثال مٿئين بيان ڪيل واقعي مان ملي ٿو، جنھن ۾ شڪي ماڻھن جو اڳواٽ اطلاع ملي ويو ھو. اھڙو اطلاع ملڻ تي اسان پنھنجي مختلف يونٽن کي ھوشيار ڪري ڇڏيندا آھيون تہ جيئن ضرورت پوڻ تي ھڪدم مدد لاءِ اچي سگھجي.
رات جي وقت سرگرميون جھڪيون ٿي وينديون آھن، پر اُن رات اطلاع مليو تہ پوليس فورس ووجِنِڪ ڳوٺ ڏانھن وڌي رھي آھي. اسان ھڪدم پنھنجا ساٿي ووجِنِڪ ڳوٺ ڏانھن روانا ڪيا پر سربيائي فورس ڀڄي وئي ۽ ڪا بہ چڪري ڪونہ لڳي. اسان جا سڀ ساٿي پاڻ ۾ مليا ۽ خبر پئي تہ اسان جي ساٿين کي ڪوبہ نقصان ڪونہ پھتو ھو. اسان بھرحال فيصلو ڪيو تہ ھر ايندڙ ويندڙ رستي ۽ پيچرن تي نظر رکنداسين. اسان پنھنجا مخبر ٽيڙي پکيڙي ڇڏيا، ۽ فيصلو ڪيو تہ جيڪڏھن سربيائي پوليس ڪا بہ ڪارروائي ڪئي تہ سخت مزاحمت ڪنداسين. اسان فيصلو ڪيو تہ صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ھن علائقي ڏانھن ايندڙ ويندڙ سمورن رستن تي پوزيشن سنڀالي وٺنداسين ڇو تہ مِترووِيڪا، پيجا ۽ پِرستينا واري پاسي کان سربيائي پوليس جي ڪارروائيءَ جو اِمڪان ٿي سگھيو ٿي. اسان پنھنجي مخبرن کي ھوشياريءَ سان نظر رکڻ جون ھدايتون ڏنيون ۽ اسان پاڻ ٽولن ۾ ورھائجي گھات ھڻي دشمن تي حملي لاءِ تيار ويھي رھياسين. ڊرينيشا ۽ ڀرپاسي ۾ صورتحال اسان جي قابُوءَ ۾ ھئي. اسان جي خواھش ھئي تہ دشمن سان ڪامياب جھڙپ کانپوءِ اُتي ئي اسان شوڪراني جي دُعا گھرنداسين. اسان کي پڪ ھئي تہ فتح اسان جي ٿيندي. اڳي بہ اسان اھڙي صورتحال ۾ ڪاميابي ماڻي چُڪا ھئاسين. جيئن اسان جو خيال ھو، دشمن فورس اُتي ئي آئي جتي اسان مختلف ٽولن جي شڪل ۾ گھات ھڻي ويٺا ھئاسين. دشمن فورس جو وڏو ڊگھو قافلو ھو. اسان جي مخبرن جو اطلاع ھو تہ دشمن پوليس سان سندن ھيليڪاپٽر بہ ساڻ آھي. اسان انھي مھل تائين انتظار ڪيو جيستائين دشمن پوليس اسان جي گھات ھنيل ٽولن جي وچ ۾ نہ آيا. اسان جي ھڪ ھڪ ٽوليءَ ۾ ٽي، چار ۽ پنج ساٿي شامل ھئا ۽ سندن ڪُل تعداد 23 ھو جيڪي لُڊوِڪ ڳوٺ ۽ ڪجھ ٻين علائقن جا ھئا، جن جا تفصيل ڏيڻ ضروري ڪونھي. دشمن جو قافلو اُتي ئي پھتو جتي اسان چاھيو ٿي. مٿن حملي جي شروعات اسان ئي ڪئي. پھريائين اسان راڪيٽ بمن جو وسڪارو لاتو جنھن کانپوءِ دستي بمن ۽ خودڪار رائفلن ۽ مشين گنن سميت مختلف ھٿيارن سان مٿن حملو ڪيو ويو. ويڙھ صبح جو ڏھين وڳي شروع ٿي ۽ منجھند جو ٻين وڳي تائين جاري رھي. آپريشن تمام سخت ھيو ۽ اسان کي بنا ساھيءَ جي ويڙھ وڙھڻي پئي. اسان جو تمام گھڻو بارود خرچ ٿي ويو ڇو تہ اسان ھيليڪاپٽر کي بہ تباھ ڪرڻ ٿي چاھيو. اسان جي ساٿين جا حوصلا بلند ھيا. سواءِ بارود جي خرچ ٿيڻ جي اسان جي ڪوبہ نقصان ڪونہ ٿيو ھو ۽ نہ ئي ڪنھن کي ڪي زخم رسيا. ٻي اھم ڳالھ تہ ھنن علائقن جا ڳوٺاڻا بہ پھاڙين ۾ گڏ ٿي ويا ھئا ۽ اسان جي مدد ۾ دشمن سان وڙھڻ لاءِ تيار ھئا.

جڏھن سربيائي پوليس شڪست کائي ڀڄي رھي ھئي تہ مٿن چوڌاري حملا شروع ٿي ويا. دشمن پوليس دھشت وچان فرار ٿيندي اسڪولن ۽ مسجدن تي گوليون وسائڻ شروع ڪيون. دشمن فورس جي فرار ٿيڻ کانپوءِ اسان انھن علائقن ۾ وياسين جتي فورس آئي ھئي ۽ ڏٺوسين تہ دشمنن کي وڏو نقصان رسيو ھو. دشمن ڪيترائي ھٿيار ۽ بارود بہ ڇڏي ڀڳو ھو جن ۾ مختلف ڪئليبر جون گوليون، روالور، بليٽ پروف جيڪيٽون، ھيلميٽ، ميگزينس، گيس ماسڪ، ڳوڙھا آڻيندڙ گيس جا شيل وغيرہ شامل ھئا. لُڊوِڪ ڳوٺ کان پوپس ڪراسز Pope’s Crosses تائين سموري علائقي ۾ گولين جا خول پکڙيل ھئا. دشمن کي پھتل ٻيو نقصان جيڪو اسان پنھنجي اکين سان ڏٺو، اُھو ھيءُ ھو: ھڪ سڙيل ۽ ھڪ ڀڳل بڪتربند گاڏي، ھڪ سپاھين کي ڍوئيندڙ باھ لڳل گاڏي، ڪجھ ٻيون نقصان پھتل بڪتربند گاڏيون وغيرہ. اسان کي شڪ آھي تہ سندن ھيليڪاپٽر کي بہ نقصان پھتو ھو ڇو تہ ھڪ ڀيرو وڃڻ کانپوءِ وري ڪونہ موٽيو. دشمن فورس اڪيلي رھجي وئي ۽ اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ ھنن ڀاڄ کاڌي.
دشمن سان وڙھڻ لاءِ اسان وٽ گھڻا ئي ماڻھو تيار آھن پر اسان وٽ ھٿيار ۽ بارود جي کوٽ آھي. اسان ان ڏس ۾ اڃان گھڻو ڪم ڪونہ ڪيو آھي، تنھنڪري ڊرينيشا ۾ سرگرم اسان جي اڳواڻن کي اسان جي دوستن منجھان ھڪ سان رابطو ڪرڻ گھرجي جيڪو ڪجھ وقت ڏيساور ۾ رھي چُڪو آھي ۽ وَيشِي (ڪَنُ) جي نقلي نالي سان ڪم ڪري رھيو آھي.
اسان ڊرينيشا مان پنھنجي دل جي گھراين سان توھان کي ڪاميابيءَ جون واڌايون ڏيون ٿا.
آزادي زندھ باد
ھن خط تي صحيحون ڪندڙ ڪامريڊن جا نالا آھن: آدم جاشري، اِلاز ڪوڊرا گيپا، زينم ڪوڊرا زينا، فادل ڪوڊرا دِلي، نوردين، لُشتاڪ نورا، حميز (حمزہ) جاشري ڊائلي ۽ عابدين ريڪشا غفوري.
***
سربيائي دشمنن جي ڪوشش ھئي تہ جاشري خاندان جو نالو نشان مِٽائي ڇڏي، پر ھُو انھيءَ ڪوشش ۾ ناڪام ويا. آزاديءَ جي ويڙھ نيٺ ڪامياب ٿي ۽ ملڪ کي آزاد ٿئي بہ ڪيترائي ورھيہ ٿي ويا آھن پر ڪوسوو ۽ البانيا جو عوام آزاديءَ لاءِ جاشري خاندان جي ڏنل قربانين کي اڄ بہ ياد رکي ٿو. جاشري خاندان جي گھرن کي يادگار طور سنڀاليو ويو آھي ۽ انھن لاءِ ياگار بہ قائم ٿيل آھن. ھڪ دستاويز موجب اُڻويھ سالن اندر ڪوسوو ۽ البانيا توڙي سڄي دنيا مان ھڪ ڪروڙ ڏھ لک البانيائي باشندا آدم جاشري ميموريل ڪامپليڪس گھمڻ آيا ۽ کين خراجِ عقيدت پيش ڪيائون.
آدم جاشري ھڪ لافاني ڪردار بڻجي چُڪو آھي، جيڪو جسماني توڙي روحاني طور ھر ماڻھوءَ جي اندر حيات آھي. ھُو ويھين صديءَ جي آخري ڏھاڪي ۾ آزاديءَ جي جنگ وڙھي ھڪ ڏندڪٿائي ڪردار بڻجي ويو آھي.
ڪوسوو جي آزاديءَ جي جنگ ۾ تيرھن ھزار عام ماڻھو مارجي ويا. سربيائي دشمنن ھڪ ھزار گھرن کي باھيون ڏنيون، ھڪ لک چار ھزار گھر مڪمل طور تباھ ڪيا ويا جڏھن تہ ٻہ لک چوڏھن ھزار ٻين گھرن کي برباد ڪري ڦُرلُٽ ڪئي وئي. ڪوسوو لبريشن ارميءَ جا ٻہ سئو جوڌا شھيد ٿيا جڏھن تہ ڏھ لک ماڻھن کي پنھنجا گھر گھاٽ ۽ ملڪيتون ڇڏي ٻين ملڪن ۾ پناھ وٺڻي پئي.
_____________



