Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

پاڻ پرستي، ذات پرستي، انا پرستي : قومي پستيءَ جا ڪارڻ

پاڻ پرستي، ذات پرستي ۽ انا پرستي  قومي پستيءَ جا ڪارڻ آھن. اھي  اسان جي سماج جي اندر لڪل ان بيماريءَ جو پورو نقشو آهن، جيڪا آهستي آهستي انسانيت جي وجود کي کوکلو ڪري رهي آهي

حڪيم پريم چاندواڻي

پاڻ پرستي، ذات پرستي، انا پرستي  ۽ قومي پستي اسان جي سماج جي اندر لڪل ان بيماريءَ جو پورو نقشو آهن، جيڪا آهستي آهستي انسانيت جي وجود کي کوکلو ڪري رهي آهي۔ اڄ جو انسان، جيڪو پاڻ کي شعور ۽ ترقيءَ جو علمبردار سمجهي ٿو، حقيقت ۾ پنهنجي ئي ٺاهيل انا جي قيد ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿو۔ سندس سوچ جو مرڪز ”مان“ بڻجي ويو آهي، ۽ جڏهن اسان وارو تصور ختم ٿئي ٿو، تڏهن قومون زوال طرف وڌڻ لڳن ٿيون۔

پاڻ پرستيءَ جو آغاز هڪ معمولي احساس کان ٿيندو آهي، پنهنجي وجود جي اهميت جو احساس۔ پر جڏهن اهو احساس حد کان وڌي وڃي، تڏهن اهو انسان کي ٻين کان ڪٽي، هڪ اهڙي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو، جتي رڳو سندس خواهشون، سندس مفاد ۽ سندس خواهشن جو راڄ هوندو آهي۔ اهڙو ماڻهو نہ رڳو ٻين جي درد کان بيخبر ٿي وڃي ٿو، پر آهستي آهستي پنهنجي انسانيت بہ وڃائي ويهي ٿو۔

ذات پرستي ان بيماريءَ جو ٻيو خطرناڪ روپ آهي۔ جڏهن ماڻهو پاڻ کي ٻين کان برتر سمجهڻ لڳي ٿو، جڏهن ذات، نسل يا خانداني پسمنظر کي عزت جو معيار بڻايو وڃي ٿو، تڏهن سماج ٽڪرن ۾ ورهائجي وڃي ٿو۔ محبتن جي جاءِ تي نفرتون جنم وٺن ٿيون، ۽ هڪ قوم، جيڪا گڏجي اڳتي وڌي سگهي ٿي، پاڻ ۾ ئي ورهائجي ڪمزور ٿي وڃي ٿي۔

انا پرستي ان سڄي عمل کي مڪمل ڪري ٿي۔ انا انسان جي اندر هڪ اهڙي شيطان جيان آهي، جيڪا کيس سچ کان پري ڪري، غلط کي صحيح ثابت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي۔ انا پرست ماڻهو ڪڏهن بہ پنهنجي غلطي تسليم نٿو ڪري، ۽ جڏهن فرد پنهنجون غلطيون مڃڻ ڇڏي ڏئي، تڏهن معاشرو بہ سڌرڻ جا سڀ رستا وڃائي ويهي ٿو۔

انهن ٽنهي مٿي بيان ڪيل بيمارين جو نتيجو آهي، قومي پستي۔ جڏهن هڪ قوم جا فرد پاڻ پرست، ذات پرست ۽ انا پرست بڻجي وڃن، تڏهن اها قوم ڪڏهن بہ ترقي نٿي ڪري سگهي۔ ترقي رڳو عمارتن، رستن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو نالو ناهي، پر اها دلين جي وسعت، سوچن جي پاڪيزگي ۽ گڏيل مفادن لاءِ قرباني ڏيڻ جي صلاحيت جو نالو آهي۔

اسان جي سماج ۾ اڄ جيڪا بيچيني، بي انصافي ۽ انتشار نظر اچي ٿو، اهو ڪو اوچتو پيدا ٿيل مسئلو ناهي۔ اهو سالن کان وڌندڙ ان ذهنيت جو نتيجو آهي، جتي هر ماڻهو پنهنجي فائدي لاءِ ٻين کي نظرانداز ڪرڻ کي عقل مندي سمجهي ٿو۔ سرڪاري ادارن کان وٺي عام گهٽيءَ تائين، هر هنڌ مان جي جنگ جاري آهي، ۽ اسان جي صدا دٻجي چڪي آهي۔

پر سوال اهو آهي تہ ڇا هن صورتحال مان نڪرڻ جو ڪو رستو آهي؟

ها، رستو موجود آهي ۽ اهو رستو آهي شعور، سادگي ۽ انسانيت ڏانهن واپسي۔

اسان کي پنهنجي اندر جهاتي پائڻي پوندي۔ پاڻ کان سوال پڇڻو پوندو تہ ڇا اسان واقعي هڪ بهتر سماج چاهيون ٿا، يا رڳو پنهنجي ذاتي فائدي جي ڊوڙ ۾ مصروف آهيون؟ جيڪڏهن اسان کي قوم جي بهتري گهرجي، تہ پوءِ اسان کي پنهنجي انا کي مات ڏيڻي پوندي، ذاتي فرقن کان مٿانهون ٿي سوچڻو پوندو، ۽ ٻين جي حقن کي پنهنجي حقن جيترو اهم سمجهڻو پوندو۔

تاريخ شاهد آهي تہ اهي قومون ئي ترقي ڪنديون آهن، جيڪي اتحاد، برداشت ۽ قربانيءَ کي پنهنجو اصول بڻائينديون آهن۔ جڏهن ماڻهو هڪ ٻئي جي تڪليف کي پنهنجو درد سمجهندا آهن، تڏهن ئي هڪ مضبوط ۽ خوشحال معاشرو جنم وٺندو آهي۔

اڄ ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي رڳو تعليم نہ، پر تربيت بہ ڏيون۔ کين سيکاريون تہ انسانيت سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي، ۽ محبت سڀ کان وڏي طاقت۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن جي ذهنن ۾ اسان جو تصور پيدا ڪري سگهون ٿا تہ پوءِ يقيناً هڪ نئين، روشن ۽ باوقار قوم جو بنياد رکي سگهجي ٿو۔

آخر ۾، هيءَ حقيقت وسارڻ نہ گهرجي تہ: قومون تڏهن زنده رهنديون آهن، جڏهن انهن جا فرد پاڻ کان مٿي ٿي سوچيندا آهن۔ ۽ جڏهن هر ماڻهو پاڻ کي ئي سڀ ڪجهہ سمجهڻ لڳي، تڏهن قومون رڳو نقشا بڻجي رهجي وينديون آهن۔

تنهنڪري اچو تہ پاڻ پرستيءَ جي اونداهيءَ مان نڪري، انسانيت جي روشنيءَ ڏانهن قدم وڌايون، ڇو تہ قوم جي عظمت، فرد جي انا ۾ نہ، پر گڏيل شعور ۾ لڪل هوندي آهي۔

____________ 

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو.  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button