سئيڊن جا گُل ۽ حيدرآباد جي ڦُول گَلي
مان ڪجھ ڏينهن اڳ گهر لاء هڪ گلن جي وڏي دڪان تي گل وٺڻ ويو هوس، اتي مون کي حيدرآباد واري ڦول گلي ياد اچي وئي
گل اهڙيء طرح پيا هوا ۾ لڏن ڪو ها پيو ڪري ڪو نه پيو ڪري.
انجنيئر عبدالله عثمان مورائي
انسانن جا مختلف شوق هجن ٿا، ڪي رڌ پچاء ۾ دلچسپي رکن ٿا ته ڪي وري مطالعو ڪن ٿا، ڪن جو لاڙو وري ڪو موسيقيء جو انسٽرومينٽ وڄائڻ هجي ٿو. ڪي وتن ٿا جهر جهنگ گهمندا ڦرندا ته ڪي وري مختلف قسم جي پکين کي ڏسڻ لاء نڪري پون ٿا.
هون ته سڄو سال هتي سئيڊن ۾ گلن جو ڪاروبار هلندڙ هجي ٿو پر جيئن ئي اونهارو شروع ٿئي ٿو ته ماڻهن جي دلچسپي اڃا وڌيو وڃي. پاڻ پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾ گلن جا رڳو ڪجهه مخصوص قسم ڏٺا آهن، جيئن گلاب جو گل، موتئي جو گل، يا گينڊي جو گل ۽ ڪجهه ٻيا، پر هتي سئيڊن ۾ گلن جا سوين قسم آهن جيڪي گلن جي وڏن وڏن دڪانن تي موجود هجن ٿا.
اهي گلن جا دڪان به تمام وڏا هجن ٿا ۽ انهن تي گلن کان سواء ڪونڊين جا مختلف قسم، گڏ ڏيڻ لاء اوزار، پاڻي ڏيڻ جا مختلف ڦوهارا، ٻج ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سامان گل پوکڻ جي شوقينن لاء موجود هجي ٿو. ورلي ڪو گهر يا فليٽ هوندو جتي اندر يا باهر گل نه هجن. ماڻهن جي بالڪنين ۾ نظر ايندڙ گلن مان انهن جي شوق جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته گهرن ۾ گل يا ٻوٽا پوکڻ سان اسٽريس يعني دٻاء گهٽجي ٿو، انهن کي پوکڻ کان وٺي گل ڦٽڻ تائينء واري سڄي مرحلي کي ڏسڻ وارو وقت انتهائي دلفريب هجي ٿو جيڪو موڊ کي صحيح رکي ٿو. نه رڳو اهو پر گهر ۾ انهن گلن ۽ ٻوٽن جي ڪري گهر ۾ موجود هوا جي ڪوالٽي يا معيار بهتر پڻ ٿئي ٿو. ان سان گڏوگڏ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي گهر يا فليٽ ۾ هوندي به فطرت جي ويجهو محسوس ڪري ٿو.
سئيڊن ۾ جيڪي گل ملن ٿا اهي ڪافي هتي مقامي آهن يا اهي هتي ئي پوکيا ۽ وڪرو ڪيا وڃن ٿا پر ان سان گڏوگڏ سياري جي مند ۾ جڏهن هتي سخت سيء ۽ برف هجي ٿي جيڪا گلن جي پوکڻ يا ڦٽڻ لاء مناسب ناهي ته پوء گهرج يا طلب ۽ رسد کي پورو ڪرڻ لاء ڪافي گل ٻاهران درآمد پڻ ڪيا وڃن ٿا. ڪينيا، ايٿوپيا، دي نيدرلينڊس ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪجهه ملڪن مان اهي درآمد ڪيا ويندا آهن.

دي نيدرلينڊس دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ گل برآمد ڪري تمام گهڻو ناڻو ڪمائي ٿو. دنيا ۾ گلاب جو گل سونهن ۽ خوشبوء ۾ اڄ به پهرين نمبر تي اچي ٿو جنهن جو وڪرو به فهرست ۾ مٿي آهي. منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ گل يا ٻوٽا پوکڻ پوء ڀلي پنهنجي گهر ۾ شوق خاطر يا وري ڪاروباري حوالي سان اهو ڪاروبار هميشه هلندو رهندو.
هتي سئيڊن ۾ ماڻهو جڏهن گهمڻ ڦرڻ لاء ويندا آهن ته ڪنهن پاڙي واري يا ڪنهن مٽ مائٽ کي گلن کي پاڻي ڏيڻ جي ذميواري ڏئي ويندا آهن. ڪي گل کائي پڻ سگهجن ٿا، جيئن پاڻ گلقند استعمال ڪندا آهيون، پر دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ انهن کي سلاد، مختلف شربتن، جيلي، سوپ يا گارنيش لاء به ڪتب آندو وڃي ٿو. گل رنگ سازي يا رنگ روغن، دوائن ٺاهڻ لاء پڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ڪافي ملڪن جا قومي گل به هوندا آهن جيئن پاڪستان جو قومي گل چنبيلي آهي ۽ سئيڊن جوڪيمپانولا روٽنڊيفوليا پر لينيا کي به تمام گهڻي اهميت حاصل آهي.

مزي واري ڳالھ ته تاريخ ۾ گلن لاء هڪ اصطلاح استعمال ٿيندو رهيو آهي جنهن کي فلوريوگرافي (Floriography ) چئجي ٿو. اها گلن جي رستي ڪو نياپو ڏيڻ جي ڪم آندي ويندي آهي، خاص ڪري ان معاشري ۾ جتي ماڻهو کليو کلايو ڪنهن شيء جو اظهار نه ڪري سگهي. اها ٻولي سمجهڻ وارن کي اها خبر هجي ٿي ته گل جنهن ترتيب سان رکيل هجن، سندن رنگ وغيره ان لڪل ٻوليء جو حصو هوندا آهن.
آء ڪجھ ڏينهن پهريان گهر لاء هڪ گلن جي وڏي دڪان تي گل وٺڻ ويو هوس، اتي مون کي حيدرآباد واري ڦول گلي ياد اچي وئي، ٿورو مرڪيس. پنهنجي اوسي پاسي ۾ تمام گهڻا گل ڏسي دل خوش ٿي وئي ۽ ممتاز لاشاري وارو ڳايل ڪلام ياد اچي ويو ”گل اهڙيء طرح پيا هوا ۾ لڏن ڪو ها پيو ڪري ڪو نه پيو ڪري“.
______________



