ڪراچيءَ جي تاريخي ماڳن ۽ رستن تي سنڌي ۽ گجراتي ٻولين ۾ نالا لکڻ جي گُھر
ڪراچي شھر ۾ بند پيل گجراتي اسڪول ٻيھر کوليا وڃن ۽ مارواڙي ٻوليءَ جائز حيثيت ڏني وڃي. سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ لازمي طور سنڌي پڙھائي وڃي.
انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي چيپٽر جي ميزبانيءَ ھيٺ ڪراچيءَ ۾ تعليم ۾ مادري زبان جي اھميت ۽ ترقي پسند ليکڪ رشيد ڀٽيءَ جي اٺٽيھين ورسيءَ جي مناسبت سان سيمينار
اسٽاف رپورٽر
ڪراچي
سنڌ جي اھل قلم دانشور طبقي ۽ سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ پرڳڻي ۾ سرڪاري تعليمي ادارن سان گڏوگڏ مڙني نجي اسڪولن ۾سنڌي ٻوليءَ جي سبجيڪٽ کي پابنديءَ سان لازمي طور پڙھايو وڃي، ڪراچيءَ جي سمورن سرڪاري ۽ تاريخي ماڳن سميت اھم شاھراھن تي اردو انگريزيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ۽ گجراتي ٻوليءَ ۾ نالا لکڻ کي بہ لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ شھر اندر بند پيل گجراتي اسڪول ٻيھر بحال ڪري مارواڙي ٻوليءَ کي جائز مقام ڏنو وڃي.

گذريل ڏينهن انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي چيپٽر جي ميزبانيءَ ھيٺ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي اختياري جي سکيا مرڪز ۾ “تعليم ۾ مادري زبان جي اھميت ۽ ترقي پسند لکاري رشيد ڀٽيءَ جي اٺٽيھين ورسيءَ جي مناسبت سان” کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ سيمينار جو اھتمام ڪيو ويوجنھن ۾ سنڌي ، گجراتي ، مارواڙي ، بلوچي، پشتو، پنجابي سميت مختلف ٻولين جي ڄاڻن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر محبوب شيخ چيو ته مادري زبان سان محبت ۽ پيار معمولي ڳالهه ناھي. اھا صدين کان اسان جي خون ۾ شامل آهن.مادري زبان خواب جي ٻولي آهي ، جنھن ۾ فطري ڪشش آھي. ھن تجربا ونڊ ڪندي چيو ته پاڪستان ٺھڻ سان ئي ھڪ نعرو ڏنو ويو ته ھڪ قوم ھڪ ٻولي. نيٺ سٺ جي ڏهاڪي ۾ مادري ٻولين کي تسليم ڪيو ويو پرگھڻو نقصان ٿي چڪو ھيو.
ھن چيو ته اردو سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ڳالھايون ويندڙ سڀني زبانن جي اھميت آھي نئين نسل کي حق آهي ته ھو پنھنجي مادري ٻولي ڳالهائي، لکي ۽ پڙھي. ضروري آھي ته ٻارن جي شروعاتي زبان مادري ھجڻ گھرجي.
پروفيسر ڊاڪٽر رياض شيخ جو چوڻ ھيو ته اسان کي تاريخ کي نه وسارڻ گهرجي، سڄي ڪائنات ۾ جيوت جي موجودگي ۾ ٻوليءَ جي اھميت اھم آھي جيڪا خيالن جي ڏي وٺ ڪري ٿي.ايندڙ وقت ۾ اھي ئي ٻوليون برقرار رھنديون جيڪي منڊيءَ جو پورائو ڪنديون. پاڻ کي اھي قدم کڻڻا پوندا جنھن سان ٻولي به بچي ۽ ترقي به ٿئي.
ڊاڪٽر زيد پيرزادي چيو ته لڳي ٿو ته پاڻ الائي ڇو مونجھاري جو شڪار آھيون، پاڻ وٽ پنھنجي ٻارن سان انگريزي ۾ ڳالھائيندڙ ڪلاس به آهي. خبر ناهي اھا احساس ڪمتري واري تڪڙ ڇو آ. اھا ٻار سان ناانصافي ۽ زيادتي آھي.مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ انتھائي ضروري آھي. ان ٻوليءَ ۾ ئي گھرائي آھي. اسين پنھنجي ٻارن جي تخليق کي گھٽائي رھيا آھيون، ترقي يافتہ ملڪن پنھنجي نسل کي مادري زبان ۾ ئي تعليم ڏني آهي. دنيا جو حسن ئي ان ۾ آھي ته مختلف زبانون ۽ ثقافتون ھجن. ٻولي توھان جو رشتو مظبوط ڪري ٿي.
صحافي سھيل سانگي جو چوڻ ھيو ته سنڌي ٻولي تڏھن بچي وئي جڏھن انگريزن عربي ۽ فارسيءَ ۾ رسم الخط متعارف ڪرايو. سٺ جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ھلندڙ تحريڪ ۾ رشيد ڀٽيءَ جي ڪردار تي بہ ڳالھايو، ھن سنڌي ٻولي اختياري کي به پنھنجون ذميواريون ياد ڏياريندي حالتن پٽاندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ڀلائي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.

انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاهد دايو چيو ته اسان وٽ ڳالھايون ويندڙ ٻوليون قابل قبول ۽ عزت ڀريون آھن پر خواب جي ٻولي مادري ٻولي آهي.انجمن محبت جي رشتي کي کنيو آهي اسان سنڌي ماڻھن نفرت ته سکي ئي ناھي.ھن رشيد ڀٽي کي گھڻ رخو ڏاھو قرار ڏيندي کيس خراج پيش ڪيو.
بلوچي ٻوليءَ جي نمائندي انور بلوچ شڪوه ڪئي ته بلوچي ڳالھائي ته وڃي ٿي پر اسڪول ناھي. عبدالغفور کتري چيو ته ٻار کي سمجھ ايندي ئي کيس مادري زبان سيکارڻ شروع ڪجي.گجراتي ٻوليءَ نمائندي فاروق حيات ،قادر اعظم ،مارواڙي ٻوليءَ جي محمد سلطان مکي ۽ شاھد خان چيو ته ڪراچي ۾ ڳالھايون ويندڙ ٻولين جو قدر ناھي ڪيو ويو. ان طرف ادارن کي توجه ڏيڻ گھرجي.
شاعر نصير سومري چيو ته سند ڌرتيءَ جي خوبي رھي آھي ته ھتي آيل ٻولين جي اثر کي قبول ڪري سنڌي ٻولي پنھنجو اثر به ڇڏيو آھي.پروفيسر ساجده چنه رشيد ڀٽيءَ کي خراج پيش ڪندي چيو ته سندس ٻاريل ڏيئي کي ياد ڪري اسين تسڪين حاصل ڪريون ٿا. ھن رشيد ڀٽيءَ تي لکيل ڪالم به پيش ڪيو.
پنجابي ٻوليءَ جي شاعر توقير چغتائيءَ پڻ مادري زبان تي ڳالھايو. پشتو ٻوليءَ جي ماھر پروفيسر ڊاڪٽر عرفان الله چيو ته ڪنھن بہ قوم تي وڏو تشدد اھو آھي تہ ان کي سندس مادري زبان کان پري رکيو وڃي. انساني فطرت موجب ماءُ جي گود ٻار جي وڏي درسگاهه آهي. مادري زبان کان دوري پنھنجي ثقافت تمدن کان دوري آهي.عبدالحميد منگيءَ رشيد ڀٽي کي خراج پيش ڪيو. جڏھن ته لطيف راولاڻي جو چوڻ ھيو ته ھندو سنڌين جي لڏپلاڻ بعد ڪراچيءَ ۾ قائم وڏن ادارن جا نالا به تبديل ڪيا ويا. اسان جي ماڻھن کان ٻولي کسي وئي. سيمينار جي ميزباني جا فرض نعيم شيخ سرانجام ڏنا.
____________________



