Editor's pickMain Slideتعليم

ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي تي حملي جي سخت مذمت

شاگرد يونينون بحال ڪيون وڃن. يونيورسٽيون علم، تحقيق، تنقيدي سوچ ۽ خيالن جي آزاد ۽ پرامن ڏي وٺ جا مرڪز آهن. اختلافِ راءِ کي دٻائڻ لاءِ تشدد، ڌمڪين يا طاقت جو استعمال ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، وومين ايڪشن فورم

وومين ايڪشن فورم جو وفد ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي دوري دوران چيئرپرسن سان گڏ

ڪراچي

وومين ايڪشن فورم (WAF) ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي تي ٿيل تازي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، تشدد ۽ ڌمڪين جو نشانو بڻيل شاگردن، استادن ۽ عملي سان پنهنجي مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آھي.

وومين ايڪشن فورم جي هڪ وفد تازو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو دورو ڪيو، جتي استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪري واقعي بابت سندن بيان ٻڌا ويا. اتي موجود ماڻهن موجب، اسلامي جمعيت طلبه جي ڪارڪنن علمي سرگرمين ۾ مصروف شاگردن ۽ استادن تي حملو ڪيو. وفد کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته هي ڪو اڪيلو واقعو نه هو، پر ماضيءَ ۾ به سنڌي شعبي تي اهڙا حملا ٿيندا رهيا آهن. خاص طور تي اها ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ته شعبي جي چيئرپرسن، هڪ معزز عورت استاد، کي پنهنجون سرڪاري ذميواريون نڀائيندي ڌڪا ڏنا ويا ۽ ساڻس انتهائي نامناسب، توهين آميز ۽ غير مهذب رويو اختيار ڪيو ويو.

وومين ايڪشن فورم قومي ميڊيا جي انهن رپورٽن کي به رد ڪيو، جن هن واقعي کي ”ٻن گروهن جي جهيڙي“ طور پيش ڪيو. اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن موجب، هي ٻن ڌرين وچ ۾ ٽڪراءُ نه، پر سنڌي شعبي جي شاگردن، استادن ۽ عملي تي هڪ طرفو حملو هو.

”يونيورسٽيون علم، تحقيق، تنقيدي سوچ ۽ خيالن جي آزاد ۽ پرامن ڏي وٺ جا مرڪز آهن. اختلافِ راءِ کي دٻائڻ لاءِ تشدد، ڌمڪين يا طاقت جو استعمال ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. اهڙا عمل نه رڳو علمي آزاديءَ کي نقصان پهچائين ٿا، پر يونيورسٽين ۾ خوف جي فضا پيدا ڪري انهن جي خودمختياري ۽ علمي وقار کي پڻ مجروح ڪن ٿا،“ فورم ھڪ بيان ۾ چيو.

وومين ايڪشن فورم وائيس چانسلر ۽ يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، ذميوارن کي قانون ۽ يونيورسٽي جي ضابطن موجب جوابده بڻايو وڃي، ۽ سڀني شاگردن، استادن ۽ ملازمن جي تحفظ، عزت ۽ علمي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي. انتظاميا کي اهو پڻ يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪوبه سياسي يا مذهبي گروهه ڪيمپس اندر تشدد، ڌمڪين يا جبر جو سهارو نه وٺي سگهي.

سنڌي شعبي جي چيئرپرسن ۽ فرش تي شاگردن جي رت جا نشان

ساڳئي وقت، وومين ايڪشن فورم پنهنجي پراڻي ۽ اصولي مطالبي کي ورجايو ته چونڊيل شاگرد يونينن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي. شاگرد يونينون جمهوريت جون نرسريون هونديون آهن. اهي شاگردن کي قيادت جون صلاحيتون پيدا ڪرڻ، جمهوري قدرن کي عملي طور سکڻ، صحتمند سياسي ۽ فڪري بحث مباحثي ۾ حصو وٺڻ، ۽ اختلافن کي تشدد بدران ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪنديون آهن. چونڊيل شاگرد يونينن تي لاڳو پابندي ڪيترين ئي نسلن جي شاگردن کي انهن بنيادي جمهوري تجربن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.

”وومين ايڪشن فورم جو پختو يقين آهي ته تعليمي ادارا محفوظ، خودمختيار ۽ سڀني لاءِ شامل ھجڻ جون جڳهيون هجڻ گهرجن، جتي راءِ جي اختلاف جو احترام ڪيو وڃي ۽ اختلافن کي جبر يا تشدد بدران جمهوري طريقن سان حل ڪيو وڃي.“

”اسان انهن سڀني شاگردن، استادن ۽ فردن سان گڏ بيٺل آهيون، جيڪي علمي آزادي، رواداري ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اسان يونيورسٽي انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختيارين تي زور ڀريون ٿا ته فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪيمپسن کي علم، باهمي احترام ۽ پرامن جمهوري سرگرمين جا محفوظ مرڪز بڻايو وڃي.“ (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button