ھڪ سنڌياڻيءَ جو حُسن جي مقابلي کان آرمي آفيسر ٿين تائين جو سفر
ڪشش ميٿواڻيءَ 2023 ۾ مِس انٽرنيشنل انڊيا جو اعزاز حاصل ڪيو ھو، جنھن کانپوءِ ھُوءَ انڊين ارميءَ م شامل ٿي ۽ ٽرننگ مڪمل ڪري ھاڻي ڪميشنڊ آفيسر بڻجي وئي
پُونا، انڊيا
انڊيا جي شھر پُونا جي رھواسڻ ڪشش ميٿواڻي، جنھن 2023 ۾ مِس انٽرنيشنل انڊيا جو اعزاز ماڻيو ھو، انڊين آرميءَ ۾ آفيسر بڻجي وئي آھي. ھُن چِنائي ۾ آفيسرس ٽريننگ اڪئڊميءَ ۾ پنھنجي ٽريننگ مڪمل ڪري ورتي آھي.

انڊين ميڊيا جي رپورٽن موجب، حُسن جي عالمي مقابلي کٽڻ کانپوءِ کيس شوبز ۾ اچڻ ۽ ماڊلنگ ڪرڻ جون کوڙ آڇون ڪيون ويون جن کي ھُن رد ڪري ڇڏيو ھو. سندس چوڻ آھي تہ ڪاليج ۾ پڙھڻ دوران نيشنل ڪيڊٽ ڪور جي سکيا وقت ئي ھُن پنھنجو ذھن ٺاھي ورتو ھو.
”مان سدائين پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪو نہ ڪو نئون ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھيان. حُسن جي مقابلي ۾ ضرور آيس پر مون ان کي پنھنجو ڪئريئر ٺاھڻ جو ڪڏھن بہ فيصلو ڪونہ ڪيو ھو. نيشنل ڪيڊٽ ڪور جي سکيا وقت بہ ريپبلڪ ڊي جي پريڊ ۾ مون آل انڊيا بيسٽ ڪيڊٽ جو ايوارڊ ماڻيو ھوجيڪو مون وزيراعظم نريندر موديءَ ھٿان وصول ڪيو ھو، ۽ انھيءَ وقت ئي آرميءَ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ھيم،“ ڪشش ميٿواڻيءَ جو چوڻ آھي.
بايوٽيڪنالاجيءَ ۾ ماسٽرس جي ڊگري رکندڙ ڪشش ميٿواڻيءَ کي ھارورڊ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي بہ آڇ ٿي ھئي. ”پر مون آرميءَ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو.“
ھاڻي يارھن مھينن جي سکيا مڪمل ڪرڻ تي ڪشش ميٿواڻي انڊين ارميءَ ۾ ڪميشنڊ آفيسر بڻجي وئي آھي.
ڪشش ميٿواڻيءَ جو والد اڳوڻو سائنسدان آھي، جيڪو بعد ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ڪوالٽي اشورنس ۾ ڊفينس سويلين طور ڪم ڪندو رھيو. سندس والدہ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٽيچر آھي.
نيشنل ڪيڊٽ ڪور ۾ سکيا وڍڻ سان گڏ ڪشش ميٿواڻيءَ ڊانس طبلي وڄائڻ جي سکيا بہ ورتي ھئي ۽ بھترين ڊبيٽر بہ ھجڻ سان گڏ ھڪ اين جي او بہ ھلائيندي رھي. ”مون زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ ڪجھ نہ ڪجھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انڊين آرميءَ جي ايئر ڊفينس وِنگ جي ٽريننگ دوران ھُن والي بال، ھينڊ بال ۽ ٻين راندين ۾ بہ ڪيترائي ميڊل حاصل ڪيا.
___________________
ٽربيون انڊيا جي ٿورن سان
.