Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

شيخ اياز، ويھين صديءَ جي ڏکڻ ايشيائي شاعريءَ جو اهم آواز هو

سندس پورھيو ايڪيھين صديءَ سان لاڳاپيل آهي. انسان دوستي، دردمندي، ۽ انساني برابريءَ بابت سندس کوجنائون اسان جي سماج جي پيڙھ جا پٿرهجڻ گھرجن

شيخ اياز جي پوٽِي ليکڪا جون سال 2020 ۾ سندس 97 سالگرھ تي، ننڍپڻ ۾ ساڻس اردو بازار ۾ ڪتابن جي خريداري، چاٽ کائڻ کان ويندي وفات تائين لکيل ساروڻيون

ڪُئيني شيخ

ڏاڏا ابا ۽ مان هر ڇنڇر جي ڏينھن صدر جي اردو بازار ڏانھن ويندا هئاسين.  هيءَ مشھور ڪتابن جي بازار رڳو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪتاب دوستن لاءِ مقدس جاءِ ڪانھي، پر ننڍي کنڊ جي وڏن ۽ مصروف ترين ڪتاب مارڪيٽن مان هڪ آهي. هن جي گھٽين ۾ دڪان ۽ ريڙھا آهن، جن تي هر صنف جو مواد رکيل هوندو آهي.

اهي سير هر هفتي جو معمول هوندا هئا. اسين مختلف حصن ۾ گھمندا هئاسين، اڳيان اڳيان ڏاڏا ابو جي لٺ هوندي هئي. هڪ ڪُنڊ مان ڪاغذ جي خوشبو ايندي هئي، ته ٻي ڪُنڊ مان وري تازي ٺھيل کير پتي چانھن جي خوشبو پئي واسيندي ھئي. مون کي رڳو پنج ڪتاب وٺڻ جي اجازت هوندي هئي، ان کان پوءِ اسين صدر جي مشھور پاپڙي چاٽ جو مزو وٺندا هئاسين. ڪڏهن ڪار ۾ ويھي کائيندا هئاسين، ته ڪڏهن وري ڪنھن ننڍڙي دڪان ۾ ويھي.

ورهاڱي جي ڪھاڻين سان گڏ پاڪستان جي سياسي بغاوت دوران ذوالفقارعلي ڀٽو سان گڏ جيل ۾ گهاريل وقت جا قصا به بيان پيو ڪندو هو. هو چاٽ کائيندڙ ماڻھن کي غور سان ڏسندو هو ۽ پوءِ پنھنجي ڪنھن ڪتاب مان ڪو مناسب شعر پيو ٻڌائيندو هو.

ڏاڏا ابو اڪثر سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر واري دور ۽ شڪارپور جي زندگي کي ساريندو هو. چوندو هو تہ ”ڪراچي تمام وڏي آهي – شڪارپور ۾ تہ هر ڪو هڪ ٻئي کي سڃاڻندو هو.“

منھنجو ٻاراڻو ذهن پھرين ويھه منٽن کان پوءِ ڀٽڪڻ لڳندو هو. مان ايتري تہ ننڍي هئس جو سندس تجربن جي اهميت يا پيچدگين کي سمجھي نه سگھندي هئس. “جيل ۾ وقت گذارڻ” يا “ورهاڱي” جو مطلب مون کي سمجھه ۾ نہ ايندو ھو.

ها، مون کي فقط ايتري خبر هئي ته منھنجي پيدائش کان گھڻو اڳ هندستان سان ڪا وڏي جنگ ٿي هئي، بس ايترو ئي. مون کي ڪھڙي خبر هئي ته ويھارو کن ورهين کان پوءِ مان سندس ڪتاب Songs of Freedom  ۾ بيان ڪيل ذاتي تجربا پڙھي حيران ٿي ويندس.

ان وقت، مان ھر هفتي اھا مصالحيدار چاٽ مزي سان کائيندي هئس ۽ پنھنجي ننڍڙي ڪتابن جي ٿھي کي پئي حسرت سان ڏسندي هئس. ڏاڏا ابو اِشارو سمجھي، مُرڪندو هو ۽ بل ادا ڪري ڇڏيندو هو. واپسيءَ جو سفر خاموشيءَ ۾ گذرندو هو. اسين ٻئي پنھنجي پنھنجي خريد ڪيل ڪتابن ۾ گم هوندا هئاسين.

سندس اصلي نالو تہ شيخ مبارڪ علي هو، ۽ شيخ اياز سندس چونڊيل ادبي نالو ٿي ويو. هو رڳو منھنجو ڏاڏو نه ھو، پر ھو هڪ وڏو ليکڪ ۽ شاعر هو، جنهن جا 63 ڪتاب شايع ٿيا، جن مان 39 شاعريءَ جا مجموعا هئا. سنڌ سان تعلق رکڻ جي ڪري ھن جا ڪتاب پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ لکيل آھن. بھرحال سندس لکڻيون اردو، هندي، سنسڪرت، ترڪي، انگريزي، جرمن، يوناني، روسي ۽ ڪوريائيءَ سميت 18 ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آھن.

2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ ڄاول شيخ اياز، ويھين صديءَ جي ڏکڻ ايشيائي شاعريءَ جو اهم آواز هو. سنڌي ۽ اردو ادب ۾ سندس حصيداري ذري گھٽ ڏند ڪٿائي آھي. سندس تصنيفن ۾ عام سنڌيءَ جي آرمائشن ۽ آفتن سان گڏ خوشين ۽ حاصلات کي نهايت مهارت سان چٽيو ويو آھي. ھو فيمينزم ۽ عورتن جي برابر حقن جي تڏھن ڳالھ ڪندو ھو، جڏهن تمام ٿورا ماڻهو عورتن جي برابريءَ بابت ڳالهائيندا هئا.

ڏاڏا ابو غير ضروري ڌياني ورڇ کان بچڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنھنجي لائبريريءَ ۾ اڪيلو ويھي لکندو هو. صرف پوٽا ۽ ڏھٽا، صحافين جي اچ وڃ يا حيدرآباد جي بمبئي بيڪريءَ مان ايندڙ ڪيڪ سندس لکڻ ۾ رنڊڪ وجھندا هئا. انھن مٺاين جي تحفن تي اڪثر منھنجو ڪارڊيالاجسٽ پيءُ ياد ڏياريندو ھو تہ ڏاڏا ابو دل جو مريض آهي.

دلي طور ھٺيلو، سندس روايتن کان بغاوت واري فطرت کيس شاعر طور ھڪ انوکي تشخص نقشڻ ۾ سھائتا ڪئي. ان حوالي سان سندس يقين هو تہ کيس زندگيءَ جي هر طبقي جي ماڻهن جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي. ٿورن لفظن ۾، ڏاڏا ابوءَ جو تخيلي ادراڪ،  سندس زندگيءَ جو پورھيو، مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجڻ هو. جن ڳالھين ۾ سندس ايمان ھو، تن کي اظھارڻ جي غير معمولي همت کيس عطا ٿيل ھئي.

Shaikh Ayaz -2

سندس ڪتاب ذڪرِ اياز پنھنجي مادر وطن ۽ ان جي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين جو اظھار ھو. هن مستقل دردمندي ۽ انسان دوستيءَ جي اهميت تي زور ڏنو. اهي ٻئي قدر، جيڪي پرامن سماج جو حل آھن، نہ رڳو پاڪستان ۾ پر سڄي دنيا ۾ امن لاءِ ضروري آهن.

ھن پنھنجي سڄي ڄمار سماجي ناانصافين ۽ انتهاپسندي، اڻ سھپ، دهشتگردي ۽ عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد جهڙين برائين خلاف جدوجهد ڪئي. سندس شاعري لوڪ ڪهاڻين ۽ سنڌي تهذيب جي امير روايتن سان ڀري پئي آهي. هن سنڌ جي شاندار تاريخ ۽ ڪن ڀُرندڙ امتيازي نشانن بابت فلسفيانہ ويچار آڇيا آھن. هو هميشه پنهنجي مادر وطن لاءِ هڪ بهتر مستقبل جو خواهشمند ھو ۽ ان بابت لڳاتار لکندو رهيو.

انسانيت جو تصور سندس روحاني رھنما، عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وسيلي وڌيڪ سگهارو ٿيو. ڏاڏا ابو جي آخري خواھش بہ اھا هئي ته کيس ڀٽ شاهہ ۾ پنهنجي اتساھ جي ڀرسان ئي دفن ڪيو وڃي. شاهہ عبداللطيف سائين جو شاهہ جو رسالو، شيخ اياز سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو، جنهن سندس علمي حيثيت کي پنھنجي شعبي ۾ وڌيڪ پختو ڪيو.

سندس ادبي سفر لڳ ڀڳ ڇهہ ڏهاڪا جاري رهيو. سندس لفظ روايتي بيتن، وائي ۽ غزل کان وٺي ناٽڪ، نثر، نظم ۽ فڪري ويچار تائين آزاديءَ سان ڪم ايندا رھيا. کيس افسانا، يادگيريون، ڊائريون، مضمون، اخباري ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکڻ سان بہ خاص دلچسپي هئي. شيخ اياز جو علمي پورھيو تبديلي آڻيندڙ ۽ اجهل هو، جيڪو هر صنف ۾ ٻوليءَ جي مڪمل ٻل کي استعمال ڪري، پنهنجي غيرمعمولي تخيلي ادارڪ کي نہ رڳو بيان، پر وسيع ۽ گهري انداز ۾ اجاگر بہ ڪندو رهيو.

Shaikh Ayaz-3-1

منهنجو ذاتي پسنديده ڪتاب The Storm’s Call for Prayers  آهي. اھا ڳالھ ٻولھ جھڙي شاعري آھي، جنھن ۾ ڏاڏا ابو  زندگي، ڌرتي ماءُ ۽ موت تي ڳڻ ڳوت ڪري ٿو. هو اھڙي شاعر جو مک مثال آھي، جيڪو پنھنجي وطن تي اثرانداز ٿيندڙ ذاتي حالتن وسيلي آفاقي جذبن کي بيان ڪري ٿو.

سندس لک پڙھ وارو ڪمرو هميشه ڪتابن، ڪاغذن ۽ قلمن سان ڏٽيل رھندو هو. اتي ڪڙڪ چانهه ۽ تازي مس جي خوشبو بہ هوندي هئي. هر ڪو آهستي آھستي اندر ويندو هو، تہ جيئن ڪا شيءِ بگڙي نه وڃي. دادا ابو جي تخليقي دنيا ۾ ڪا به لکڻي زور زبردستي واري نه هوندي هئي.

ٻالڪپڻ ۾ مون کي ڪڏهن سمجهه ۾ نه آيو ته مشهور ليکڪ ۽ صحافي اسان وٽ ڇو ايندا هئا. بانو قدسيه ۽ اشفاق احمد کي منھنجي والدين جي شاديءَ جي تصويرن ۾ ڏسڻ عام لڳندو هو. اھو رواجي ٿي لڳو تہ مڙني مقامي اخبارن جي پھرئين صفحي تي سندن شاديءَ جون خبرون شايع ٿيون ھيون.

جڏهن ڏاڏا ابو وفات ڪئي، تڏهن اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو به تعزيت لاءِ آئي. مان پرتجسس ۽ سوالن سان ڀريل هئس، پر اياڻپ ڪري پنھنجي ڏاڏي جي اثراندازي کي سمجهي نه سگهيس.

اڄ دادا ابو جي نالي سان شيخ اياز يونيورسٽي منسوب آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ سندس لکڻين جي حوالي سان ڪانفرنسون ٿين ٿيون. نون ۽ مشهور فنڪارن ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ ٻين نالي وارن پروگرامن ۾ سندس ڪلام ڳايو آهي، ۽  آسڪر لاءِ نامزد فلمن جھڙوڪCake  ۾ به سندس شاهڪار ’ٽڙي پوندا‘ کي مکيہ نموني شامل ڪيو ويو آھي.

جڏهن مون پنهنجو پهريون ڪتاب لکيو ۽ ڇپايو، تڏھن سڀ کان وڌيڪ فخر منهنجي پيءُ کي ٿيو. هن چيو: ”بابا جيڪر اڄ هجي ها ته تمام گهڻو فخر ڪري ها.“ ڪاش هو زندهہ هجي ها تہ مان کيس بالغ طور وڌيڪ سٺي نموني ڄاڻي سگهان ها.

اھو ڪيڏو نہ حيران ڪندڙ ٿئي ها، جيڪڏهن سندس فڪري سلسلي ۽ تخليقي ذهن ۾ وڌيڪ گھرائي سان جهاتي پائي سگهجي ها! هو هڪ ذھين انسان ۽ عظيم ليکڪ هو، ۽ مون کي سندس پوٽي ھجڻ تي بيحد فخر آھي.

اڄ بہ سندس پورھيو ايڪيهين صديءَ سان لاڳاپيل آهي، ۽ انسان دوستي، دردمندي، ۽ انساني برابريءَ بابت سندس کوجنائون اسان جي سماج جي پيڙھ جا پٿرهجڻ گهرجن. ڏاڏا ابو کي جنم ڏينهن جو ان کان بهتر تحفو ڇا هوندو، تہ اھو قبول ڪجي تہ ھن جي پورھئي ۽ ورثي جو ھڪ حصو اڄ بہ اسان ۾ موجزن آھي.

(شيخ اياز صاحب جي پوٽِي ليکڪا Queenie Shaikh جو ھيءُ ليک ڊان اخبار جي آئن لائين اميج بلاگ تي 2 مارچ 2020 تي شايع ٿيو ھو. ھوءَ لنڊن ۾ ٽرويل جرنلسٽ ۽ پي آر ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪري ٿي. سندس ھڪ ڪتاب The Poor Londoner بہ شايع ٿيل آھي. سندس سفري ائڊونچر ۽ ٻيا تجربا يوٽيوب ۽ انسٽاگرام تي موجود آھن.)

_____________

مترجم: حبيب سنائي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button