سنڌ دشمن منصوبن خلاف ٽنڊي الھيار ۾ ريلي ۽ ڌرڻو
سنڌ جي ورھاڱي جون ڳالھيون پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش آھي. سنڌو درياهه تان نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وفاقي ادارن حوالي ڪرڻ ملڪ دشمني آهي.
ٽنڊوالهيار
عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان اڄ آچر ڏينھن ڪنڀار هوٽل کان شاھ لطيف گيٽ تائين ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڪينالن جي کوٽائي، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ ۽ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضي خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ريليءَ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، عبدالرحمان سمون، اياز ڪلوئي، نياز ڀراڻي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ سورٺ مڱڻهار، عصمت مڱڻهار، سيما مڱڻهار، محمد علي خاصخيلي، خليل اوٺو، مظهر ميرجت ۽ نبي بخش ميرجت ڪئي.
ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن ذريعي سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو آهي. ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي بدترين آمريت مڙهي وئي آهي، پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ بڻيل آهي ۽ ملڪ ۾ هائبرڊ نظام قائم ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ پاڪستان ٽوڙڻ جي سازش آهي.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه تان نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وفاقي ادارن حوالي ڪرڻ ملڪ دشمني آهي. اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي ڪٽوتي ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي لاءِ ترميم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اڳواڻن زور ڏنو ته وسيلن تي صرف سنڌ صوبي جو حق آهي.
اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو دهشتگرد ٽولو اقتدار خاطر ملڪ کي تباهي ۽ بربادي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. پيپلزپارٽي اقتدار جي خاطر سنڌ جا سمورا وسيلا وڪرو ڪري ڇڏيا آهن. اڳواڻن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکي ويندي. (پريس رليز)
___________