Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

​اُٺ گاڏين کان ٽرام وي تائين:ڪراچيءَ ۾ مالبرداري ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جي ارتقا

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ وڌندڙ ٽريفڪ، روڊن جي سوڙھي ٿيڻ ۽ بس مالڪن مافيا جي وڌندڙ اثر سبب ٽرام سروس آهستي آهستي زوال پذير ٿي ۽ نيٺ 30 اپريل 1975ع تي ڪراچيءَ ۾ ٽرام وي جو نظام هميشه لاءِ بند ڪيو ويو.

ابراھيم صالح محمد

ڪراچيءَ جو هڪ ننڍڙي ساحلي وسنديءَ مان برصغير جي عظيم ترين تجارتي بندرگاهه بڻجڻ جو سفر جتي معاشي ۽ سياسي تبديلين سان جڙيل آهي، اتي ئي هن شهر جي روڊ رستن تي هلندڙ سوارين ۽ مالبرداريءَ جي ذريعن جي ارتقا به ان جي شاندار تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي.

​1843ع ۾ چارلس نيپيئر جي هٿان سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان اڳ، ڪراچي بندرگاهي وسندي موجوده ٽاور، کارادر ۽ مٺادر جي ٽڪريءَ تي چئني طرفن کان شاھي ديوار ۾ گھيريل هڪ ننڍڙو تجارتي مرڪز هو. ان دور ۾ تجارتي سامان ۽ عوامي اچ وڃ جو سمورو دارومدار جانورن وارين سوارين تي هو.

ڪياماڙيءَ کان شهر (مٺادر ۽ کارادر) تائين سامان آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ اٺ سڀ کان اهم ذريعو هئا. اٺ قطارن جي صورت ۾ اناج ۽ ٻيو سامان کڻي گذرندا هئا.

​عام شهرين لاءِ گھوڙا گاڏيون، ڏاند گاڏيون ۽ گڏهه گاڏيون اهم سواريون هيون. مقامي تاجر سفر لاءِ گھوڙن يا پالڪين جو استعمال ڪندا هئا.

​ڪراچيءَ جو رابطو سنڌ جي اندروني علائقن ۽ سمنڊ پار گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ خليجِ فارس سان روايتي ڪاٺ جي ٻيڙين ۽ بادباني ٻيڙين (Dhows) ذريعي قائم هو، جيڪي لياري ندي ۽ ڪياماڙيءَ جي چينل تان گذرنديون هيون. لياري نديءَ جو پراڻو رستو، جيڪو پوءِ بند ڪري نالي ۾ تبديل ڪيو ويو، کارادر ۽ مٺادر کان ڪيماڙيءَ جي چينل سان ملندو هو.

​​1843ع کان پوءِ انگريزن ڪراچيءَ کي برطانوي هند جو جديد ترين تجارتي بندرگاهه بنائڻ جو فيصلو ڪيو. بندرگاهه، ڇانوڻي ۽ تجارتي منڊين (ڪيمپبل روڊ، بندر روڊ) کي پاڻ ۾ جوڙڻ لاءِ روايتي مالبرداريءَ جا ذريعا ناڪافي ثابت ٿي رهيا هئا.

​ 1854ع ۾ ڪياماڙيءَ کان شهر تائين سامان جي رسد لاءِ چارلس نيپيئر مشهور “نيپيئر مول روڊ” تعمير ڪرايو، جنهن تجارتي مال جي اٺ گاڏين ذريعي منتقل ٿيڻ کي بيحد آسان بڻائي ڇڏيو.

​ 1861ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي وئي ته جيئن پنجاب ۽ سنڌ جو خام مال (ڪپهه ۽ ڪڻڪ) ڪراچي پورٽ تائين تيز رفتاريءَ سان پهچائي سگهجي.

​​بندرگاهه تي وڌندڙ تجارتي دٻاءُ ۽ شهر جي وڌندڙ آباديءَ کي نظر ۾ رکندي، عوامي ٽرانسپورٽ لاءِ هڪ سستو، منظم ۽ تيز رفتار ذريعو فراهم ڪرڻ اڻٽر ٿي پيو. انهيءَ ضرورت تحت ڪراچي ٽرام وي (Karachi Tramways) جو آغاز ٿيو.

​20 اپريل 1885ع تي ٽرام جي افتتاحي تقريب ٿي. ھن ٽرام کي گھوڙا ڇڪيندا ھئا. ايڊورڊ ميٿيوز (Edward Mathews) جي ڪمپني ‘ايسٽن ميٿيوز اينڊ ڪمپني’ تحت ڪراچيءَ ۾ پهرين گھوڙا ٽرام سروس جو افتتاح ٿيو. ان جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر سر جيمز فرگوسن ڪيو. شروعات ۾ ٽرام جون پٽڙيون لوهه جي پٽڙين بجاءِ اسٽيل سان ٺاهيون ويون هيون ۽ انهن کي ڇڪڻ لاءِ مضبوط گھوڙا استعمال ڪيا ويندا هئا.

​1892ع ۾ ٻاڦ تي هلندڙ ٽرامز متعارف ڪيون ويون. گھوڙن جي سارسنڀال جي ڏکيائي ۽ بدبوءِ کان بچڻ لاءِ ڪمپنيءَ ٻاڦ تي هلندڙ ٽرامز متعارف ڪرايون، پر شور ۽ دونهين سبب مقامي آبادي ۽ گھوڙن جي ڊڄڻ ڪري اهي گھڻو مقبول نه ٿي سگهيون.

​1909ع–1912ع ۾ پيٽرول ٽرامز جي آمد ٿي. ڪراچي دنيا جي انهن پهرين شهرن ۾ شامل هو جتي پيٽرول ٽرام ڪاميابيءَ سان هلايون ويون.

​1940ع واري ڏهاڪي ۾ ٽرام جوڄار ڪياماڙي، ڪينٽ اسٽيشن، صدر، بوھري بازار، نيپيئر روڊ ۽ سول اسپتال تائين پکڙجي چڪو هو. اها ڪراچيءَ جي شهرين ۽ مزدورن جي سڀ کان سستي ۽ پسنديده سواري بڻجي چڪي هئي.

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ وڌندڙ ٽريفڪ، روڊن جي سوڙھي ٿيڻ ۽ بس مالڪن مافيا جي وڌندڙ اثر سبب ٽرام سروس آهستي آهستي زوال پذير ٿي ۽ نيٺ 30 اپريل 1975ع تي ڪراچيءَ ۾ ٽرام وي جو نظام هميشه لاءِ بند ڪيو ويو.

​​ٽرام سان گڏوگڏ نوآبادياتي دور ۾ ٻين سوارين به ڪراچيءَ جي شهري منظرنامي تي گهرا نقش ڇڏيا.

​ اُڻويهين صديءَ جي آخر ۾ انگريز آفيسرن ۽ مقامي اشرافيه لاءِ بمبئيءَ طرز جي چئن ڦيٿن واري شاندار بگي متعارف ڪرائي وئي، جنهن کي “وڪٽوريا” چيو ويندو هو. قيامِ پاڪستان کان پوءِ به ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين صدر ۽ ريلوي اسٽيشنن تي وڪٽوريا بگي ڪراچيءَ جي ثقافتي سڃاڻپ بڻيل رهي.

​ 1920ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ پهريون ڀيرو خانگي موٽر ڪارون، بسون ۽ لاري سروس داخل ٿيون، جنهن ڪمرشل ۽ مسافر ٽرانسپورٽ جي صورتحال بنهه بدلائي ڇڏي.

​اڄ جتي ڪراچيءَ ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) ۽ ٻيا جديد منصوبا ۽ رٿائون زيرِ بحث آهن، اتي بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) تي ڇن ڇن ڪندڙ ٽرام جو آواز هن شهر جي سونهري ۽ پروقار ماضيءَ جي هڪ لازوال يادگار طور محفوظ آهي.

______________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button