اُٺ گاڏين کان ٽرام وي تائين:ڪراچيءَ ۾ مالبرداري ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جي ارتقا
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ وڌندڙ ٽريفڪ، روڊن جي سوڙھي ٿيڻ ۽ بس مالڪن مافيا جي وڌندڙ اثر سبب ٽرام سروس آهستي آهستي زوال پذير ٿي ۽ نيٺ 30 اپريل 1975ع تي ڪراچيءَ ۾ ٽرام وي جو نظام هميشه لاءِ بند ڪيو ويو.

ابراھيم صالح محمد
ڪراچيءَ جو هڪ ننڍڙي ساحلي وسنديءَ مان برصغير جي عظيم ترين تجارتي بندرگاهه بڻجڻ جو سفر جتي معاشي ۽ سياسي تبديلين سان جڙيل آهي، اتي ئي هن شهر جي روڊ رستن تي هلندڙ سوارين ۽ مالبرداريءَ جي ذريعن جي ارتقا به ان جي شاندار تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي.
1843ع ۾ چارلس نيپيئر جي هٿان سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان اڳ، ڪراچي بندرگاهي وسندي موجوده ٽاور، کارادر ۽ مٺادر جي ٽڪريءَ تي چئني طرفن کان شاھي ديوار ۾ گھيريل هڪ ننڍڙو تجارتي مرڪز هو. ان دور ۾ تجارتي سامان ۽ عوامي اچ وڃ جو سمورو دارومدار جانورن وارين سوارين تي هو.
ڪياماڙيءَ کان شهر (مٺادر ۽ کارادر) تائين سامان آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ اٺ سڀ کان اهم ذريعو هئا. اٺ قطارن جي صورت ۾ اناج ۽ ٻيو سامان کڻي گذرندا هئا.
عام شهرين لاءِ گھوڙا گاڏيون، ڏاند گاڏيون ۽ گڏهه گاڏيون اهم سواريون هيون. مقامي تاجر سفر لاءِ گھوڙن يا پالڪين جو استعمال ڪندا هئا.

ڪراچيءَ جو رابطو سنڌ جي اندروني علائقن ۽ سمنڊ پار گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ خليجِ فارس سان روايتي ڪاٺ جي ٻيڙين ۽ بادباني ٻيڙين (Dhows) ذريعي قائم هو، جيڪي لياري ندي ۽ ڪياماڙيءَ جي چينل تان گذرنديون هيون. لياري نديءَ جو پراڻو رستو، جيڪو پوءِ بند ڪري نالي ۾ تبديل ڪيو ويو، کارادر ۽ مٺادر کان ڪيماڙيءَ جي چينل سان ملندو هو.
1843ع کان پوءِ انگريزن ڪراچيءَ کي برطانوي هند جو جديد ترين تجارتي بندرگاهه بنائڻ جو فيصلو ڪيو. بندرگاهه، ڇانوڻي ۽ تجارتي منڊين (ڪيمپبل روڊ، بندر روڊ) کي پاڻ ۾ جوڙڻ لاءِ روايتي مالبرداريءَ جا ذريعا ناڪافي ثابت ٿي رهيا هئا.
1854ع ۾ ڪياماڙيءَ کان شهر تائين سامان جي رسد لاءِ چارلس نيپيئر مشهور “نيپيئر مول روڊ” تعمير ڪرايو، جنهن تجارتي مال جي اٺ گاڏين ذريعي منتقل ٿيڻ کي بيحد آسان بڻائي ڇڏيو.
1861ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي وئي ته جيئن پنجاب ۽ سنڌ جو خام مال (ڪپهه ۽ ڪڻڪ) ڪراچي پورٽ تائين تيز رفتاريءَ سان پهچائي سگهجي.
بندرگاهه تي وڌندڙ تجارتي دٻاءُ ۽ شهر جي وڌندڙ آباديءَ کي نظر ۾ رکندي، عوامي ٽرانسپورٽ لاءِ هڪ سستو، منظم ۽ تيز رفتار ذريعو فراهم ڪرڻ اڻٽر ٿي پيو. انهيءَ ضرورت تحت ڪراچي ٽرام وي (Karachi Tramways) جو آغاز ٿيو.
20 اپريل 1885ع تي ٽرام جي افتتاحي تقريب ٿي. ھن ٽرام کي گھوڙا ڇڪيندا ھئا. ايڊورڊ ميٿيوز (Edward Mathews) جي ڪمپني ‘ايسٽن ميٿيوز اينڊ ڪمپني’ تحت ڪراچيءَ ۾ پهرين گھوڙا ٽرام سروس جو افتتاح ٿيو. ان جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر سر جيمز فرگوسن ڪيو. شروعات ۾ ٽرام جون پٽڙيون لوهه جي پٽڙين بجاءِ اسٽيل سان ٺاهيون ويون هيون ۽ انهن کي ڇڪڻ لاءِ مضبوط گھوڙا استعمال ڪيا ويندا هئا.

1892ع ۾ ٻاڦ تي هلندڙ ٽرامز متعارف ڪيون ويون. گھوڙن جي سارسنڀال جي ڏکيائي ۽ بدبوءِ کان بچڻ لاءِ ڪمپنيءَ ٻاڦ تي هلندڙ ٽرامز متعارف ڪرايون، پر شور ۽ دونهين سبب مقامي آبادي ۽ گھوڙن جي ڊڄڻ ڪري اهي گھڻو مقبول نه ٿي سگهيون.
1909ع–1912ع ۾ پيٽرول ٽرامز جي آمد ٿي. ڪراچي دنيا جي انهن پهرين شهرن ۾ شامل هو جتي پيٽرول ٽرام ڪاميابيءَ سان هلايون ويون.
1940ع واري ڏهاڪي ۾ ٽرام جوڄار ڪياماڙي، ڪينٽ اسٽيشن، صدر، بوھري بازار، نيپيئر روڊ ۽ سول اسپتال تائين پکڙجي چڪو هو. اها ڪراچيءَ جي شهرين ۽ مزدورن جي سڀ کان سستي ۽ پسنديده سواري بڻجي چڪي هئي.
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ وڌندڙ ٽريفڪ، روڊن جي سوڙھي ٿيڻ ۽ بس مالڪن مافيا جي وڌندڙ اثر سبب ٽرام سروس آهستي آهستي زوال پذير ٿي ۽ نيٺ 30 اپريل 1975ع تي ڪراچيءَ ۾ ٽرام وي جو نظام هميشه لاءِ بند ڪيو ويو.

ٽرام سان گڏوگڏ نوآبادياتي دور ۾ ٻين سوارين به ڪراچيءَ جي شهري منظرنامي تي گهرا نقش ڇڏيا.
اُڻويهين صديءَ جي آخر ۾ انگريز آفيسرن ۽ مقامي اشرافيه لاءِ بمبئيءَ طرز جي چئن ڦيٿن واري شاندار بگي متعارف ڪرائي وئي، جنهن کي “وڪٽوريا” چيو ويندو هو. قيامِ پاڪستان کان پوءِ به ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين صدر ۽ ريلوي اسٽيشنن تي وڪٽوريا بگي ڪراچيءَ جي ثقافتي سڃاڻپ بڻيل رهي.
1920ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ پهريون ڀيرو خانگي موٽر ڪارون، بسون ۽ لاري سروس داخل ٿيون، جنهن ڪمرشل ۽ مسافر ٽرانسپورٽ جي صورتحال بنهه بدلائي ڇڏي.
اڄ جتي ڪراچيءَ ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) ۽ ٻيا جديد منصوبا ۽ رٿائون زيرِ بحث آهن، اتي بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) تي ڇن ڇن ڪندڙ ٽرام جو آواز هن شهر جي سونهري ۽ پروقار ماضيءَ جي هڪ لازوال يادگار طور محفوظ آهي.
______________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



