Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: ڌرتيءَ جي ڌيءُ جاڳي ٿي (مختصر ڪھاڻي)

هڪ اهڙي نياڻيءَ جي ذھني ڪشمڪش ۽ فيصلي جي ڪهاڻي، جيڪا پنھنجي محبت ۽ والدين جي مانَ مرتبي جي ٻہ واٽي تي بيهي، پنهنجي خاندان جي عزت ۽ اعتماد کي ترجيح ڏئي ٿي. هيءَ ڪهاڻي نياڻين جي خودمختياري، تربيت ۽ والدين جي گهاٽي ڇانوَ جي اهميت کي خوبصورت انداز ۾ اجاگر ڪري ٿي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ذوالفقار ناصر ساريو 

”نرگس ، سڀاڻي صبح جو آئون تنهنجو انتظار ڪندس. تون ضرورت آهر ڪجھ ڪپڙا ، زيور ۽ روڪ رقم کڻجان. چوڪ تي اچي ڪاليج واري پوائنٽ ۾ نہ چڙهجان. منهنجو انتظار ڪجانءِ. آئون گاڏي کڻي ايندس پوءِ انهيءَ ۾ اسين شهر مان نڪري ڪراچي هليا ھلنداسين. مون ڪراچيءَ ۾ هڪ دوست جي فليٽ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. نرگس مان توکان سواءِ رهي نٿو سگهان. بس اھو ئي آخري دڳ وڃي بچيو آهي جنهن تي هلندي اسين ٻئي هڪ ٿي وينداسين. پنهنجي هڪ الڳ جنت ٺاهينداسين … پوء اڳتي هلي حالتون صحيح ٿيون تہ گهر وارن کي بہ مڃائي وٺنداسين. هو نيٺ اسان کي پنهنجو ڪري وٺندا. تون رڳو هاڻي همت ڪر. هيءُ آخري موقعو آهي. تنهنجو ڀاءُ بہ ٻاهر ويل آهي ۽ تون آسانيءَ سان اڪيلي ڪاليج واري پوائنٽ واري چوڪ تي اچي سگھين ٿي. مان تنهنجو انتظار ڪندس. تنهنجو پنهنجو پيار.“

نرگس شام ڌاري نويد جو موبائيل تي آيل پيغام پڙهي، پريشان ٿي وئي هئي. ھوءَ نويد سان بي پناھ محبت ڪندي آهي. هوءَ سندس ئي پاڙي جي ٻيءَ گهٽيءَ ۾ رهندڙ آهي. نويد جي ڀيڻ بہ سندس سٺي ساهيڙي آهي ۽ هُوءَ بہ ساڻس گڏ ڪاليج ۾ پڙهندي آهي. نويد جي والدين بہ هڪ ٻہ دفعا رشتي جي خواهش ڏيکاري هئي پر نرگس جو والد پنهنجي نياڻيءَ کي برادريءَ منجھ پرڻائڻ لاءِ سوچي رهيو هو. نويد ڪا ٻي واٽ نہ پسي، اهو دڳ جھليو هو. هُو نرگس کي وڃائڻ نہ پيو چاهي ۽ نرگس بہ کيس چاهيندي هئي. پر ھيئن اوچتو نويد جي پيغام اچڻ ڪري نرگس پريشان ٿي وئي هئي تہ هاڻي ڇا ڪري؟

نرگس کي هڪ ننڍي ڀيڻ ۽ هڪ وڏو ڀاءُ بہ آهي. ڀاءُ ڀرواري شهر ۾ نوڪري ڪندو آهي ۽ ڀيڻ ستين درجي منجھ پڙهي پئي. والد اسڪول ۾ استاد آهي ۽ ٻن سالن کانپوءِ ريٽائرمينٽ وٺڻ وارو آهي. والد ۽ ڀاءُ جي پگهار سان هن گهر جي چلھ ۽ سندن تعليم جو خرچ هلي پيو. ٻئي ڀينرون هڪ سٺي گهراڻي جي نياڻين جيان پلجن پيون .

”امان ڇا ڳالھ آھي، اڄ سمهين ڪونہ پئي. هونئن تہ روز ماني کائي رلهي وجھي سمهي پوندين آهين. سڀاڻي ڪاليج جي موڪل آهي ڇا ؟ “ نرگس کي هر هر ڪمري ڏانهن ايندي ويندي ۽ پريشان ڏسي امڙ کائنس پڇيو هو .

”نہ امان . دراصل ڪاليج ۾ سڀاڻي پريڪٽيڪل آهي ۽ اھو ياد ڪريان پئي. اوهان سمهي پئو. مان ڪاليج جو ڪم پورو ڪري سمهنديس.“ نرگس امڙ جي اوچتي سوال تي پريشان ضرور ٿي هئي پر ڳالھ کي ٺاهي ورتائين .

هوءَ ڪمري منجھ وڃي، ڪاليج واري شولڊر بئگ ۾ الماڙيءَ مان ڪجھ شيون ڪڍي سانڍڻ لڳي. هڪ الڳ هٿ واري پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ ڪجھ ڪپڙا رکيائين. نرگس ڪمري مان فارغ ٿي اچي اڱڻ تي امڙ جي کٽ ڀرسان پيل کٽ تي ننڍڙي ڀيڻ سان سمهي رهي. پر اڄ سندس نيڻن مان ننڊ ڏور هئي. آڪاش جا تارا بہ اڄ کيس گهوري رهيا هئا. نرگس پاسو ورائي امڙ جي مُک ڏانهن ڏٺو. سندس مُک تي هڪ سُڪون هو. واقعي جيڪڏهن اولاد ابي امڙ جو ڀرجهلو آهي تہ پوءِ انهيءَ سُک کان وڌيڪ والدين لاء ڪجھ بہ ناهي .

 ”ڪتابن ۾ پڙهيو هئم تہ والدين جو اعتبار ۽ اعتماد ئي هڪ نياڻيءَ کي سنئين دڳ لائيندو آهي پر مان ڪيڏانهن پئي وڃان ؟ ڇا سڀاڻي امڙ جي منهن تي اها مُرڪ ۽ اها سڪون واري ننڊ هوندي؟ بابا اسڪول وڃي سگهندو؟ ادا تہ شرم کان ٻاهر نڪري ئي نہ سگھندو ۽ هن منهنجي ڀيڻ جو ڇا ٿيندو؟ ” هُوءَ سوالن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندي وئي. هڪ طرف نويد، سندس سال ٻن جي محبت، هن جي منزل ۽ ٻئي طرف ننڍپڻ کان وٺي هن ٽهيءَ تائين اعتبار ۽ اعتماد جو اڻ ميو پيار … هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون پر پوءِ بہ هوءَ جواب ڳولي نہ سگهي. سندس ڪنن ۾ ڪاليج ۾ ٿيل سيمنار ”ڌرتيءَ جي ڌيءَ جاڳي ٿي“ ۾ مئڊم زرقا جي ڪيل تقرير گونجڻ لڳي: ”هن ڌرتيءَ جي ڌيءَ کي پنهجي هر وک، دڳ پرکي پوءِ اڳتي وڌائڻي پوندي. اسان جي دڳن تي اسان جي رستا روڪ لاءِ پوسٽر لڳي ويا آهن. يونيورسٽين ۾ خودڪشيون، ڪورٽن ۽ ميڊيا ۾ پيار جا پرڻا، اڪيلائين ۾ ھراسمينٽ ۽ هوس جي نشاني تي صرف هن ڌرتيءَ جي ڌيءَ آهي. اها چال کيس پوئتي ڌڪڻ لاء کيڏي وئي آھي ڇاڪاڻ تہ هاڻ جاڳرتا جو جهان آهي. اسين ڌيئرون هن ڌرتيءَ جي سونهن آهيون، هن ڌرتيءَ جا گھاٽا وڻ اسان جا والدين آهن ۽ اسين سندن گهاٽي ڇانوري هيٺان ويھي ئي سک جو ساھ کڻي سگهون ٿيون. انهن گهاٽن وڻن جو قدر ڪريو. اهي والدين وارا وڻ ئي هن ڌرتيءَ جي ڌيئرن جون پناھ گاهون آهن. باقي رڻ آهي. رڻ جو رستو ڇڏيو. والدين جي گهاٽي ڇانوري ۾ رهو … اسان جي هٿن ۾ هي موبائيل انھن والدين جو اعتبار آهي، اعتماد آهي، ويساھ آهي، ويساھ جو ڀرم رکو. انهيءَ منجهان علم جي ڳولا ڪيو. هڪ وسيع علم جو جهان انهيءَ اسڪرين منجھ قيد آهي. انهيءَ سان ملو. پنهنجي ڳولا ڪريو. باقي سڀ صحرا جو سراب آهي، هڪ نہ کٽندڙ رُڃ آهي جنهن جو ڪو انت ناهي ….. ” هوءَ سوچڻ لڳي ٿي ….

 ”مان بہ هن ڌرتيءَ جي ڌيءَ آهيان، پوءِ هي ڇا پئي ڪريان. والدين کي ڇڏي رڻ جي راهن ۾ رلڻ پئي وڃان … “ نرگس سمهي نہ سگهي. اٿي ويهي رهي. فيصلي جون گهڙيون سندس انتظار ڪري رهيون هيون. هوءَ اٿي ڪمري ۾ وئي. پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ رکيل ڪپڙا ڪڍي واپس الماڙيءَ ۾ رکيائين. ڪاليج واري شولڊر بئگ مان زيور ۽ پئسا ڪڍي خاني ۾ رکي، دروازو بند ڪري ٻيهر کٽ تي واپس آئي. هن وهاڻي هيٺان رکيل موبائيل ڪڍي پيغام کي مٽائي ڇڏيو. نويد جو نالو بلاڪ ڪري ڇڏيو . هن هڪ نظر پنهنجي امڙ ۽ بابا کي ڏٺو جيڪي هڪ سڪون واري ننڊ ۾ ستل هيا. هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ هوءَ سندن اعتماد ۽ اعتبار کي ڪڏهن بہ وکرڻ نہ ڏيندي. هوءَ ڪڏهن بہ سندن چهرن تان مُرڪ ۽ سڪون کسڻ جي ڪوشش نہ ڪندي. هاڻي هن سماج کي ٻيهر ڌرتيءَ جي ڌيءَ ڏانهن آڱر کڻڻ نہ ڏيندي. هُوءَ بہ هن ڌرتيءَ جي ڌيءَ ۽ سونهن آھي … نرگس جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ هئي …. ۽ پوءِ نرگس بہ پُراعتماد ٿي، ڀيڻ کي ڀاڪر ڀري ننڊ جي جهوليءَ ۾ جهولڻ لڳي .

____________

Zulfiqar Nasir Sario-The AsiaN

ذوالفقار ناصر ساريو، حيدرآباد  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button