گلگت بلتستان: چونڊن جو ناٽڪ، وفاقي ڊڪٽيشن ۽ اقتدار جي ‘ڪيڪ’ جي ونڊ ورڇ
گلگت بلتستان ۾ جاري ملاکڙو ڪنهن حقيقي سياسي نظريي، عوامي خدمت يا خطي جي محرومين جي خاتمي لاءِ ناهي، بلڪ اقتدار جي هوموجينيئس (Homogeneous) يعني هڪجهڙائي واري ڪنٽرول لاءِ آهي. ٽئي پارٽيون وفاق جي اشاري تي هڪ مينيجڊ “بندوبست” تحت گلگت بلتستان جي انتظامي ۽ مالي ڪيڪ کي پاڻ ۾ ان طريقي سان ورهائينديون جو ڪنهن هڪ کي به مڪمل بالادستي حاصل نه ٿيندي، ۽ اسلام آباد جو ريموٽ ڪنٽرول به مستقل ۽ بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڪم ڪندو رهندو.

تحرير: ابراهيم صالح محمد
گلگت بلتستان جي سياست جو موجوده منظر هڪ انتهائي دلچسپ جيو پوليٽيڪل ۽ آئيني ناٽڪ پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اسان گلگت بلتستان جي صورتحال کي اُتان جي مخصوص سياسي ۽ حساس ڍانچي جي تارازيءَ ۾ تورينداسين ته محسوس ٿيندو تہ اها هڪ مجبور مخلوط حڪومت (Compelled Coalition) ۽ وفاقي اثر اندازيءَ جو ڪلاسيڪل ڪيس بڻجي چڪي آهي. اچو ته ان جيو-پوليٽيڪل شطرنج جي مختلف مهرن، انگن اکرن جي راند ۽ امڪاني نتيجن جو تفصيلي تجزيو ڪريون:
24 سيٽن جي انگن اکرن جي راند The Numbers Game
حڪومت سازيءَ لاءِ گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي 24 سڌي ريت چونڊيل سيٽن مان گهٽ ۾ گهٽ 13 سيٽن جي سادي اڪثريت گهربل هوندي آهي (مخصوص سيٽن جي شامل ٿيڻ کان اڳ). موجوده چونڊ نتيجن هن راند کي هيٺين انداز ۾ تقسيم ڪيو آهي:
پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي): 11 سيٽون
پاڪستان مسلم ليگ (ن): 6 سيٽون
آزاد اميدوار (استحڪامِ پاڪستان پارٽي/آءِ پي پي ۾ شامل ٿيندڙ): 4 سيٽون
آزاد اميدوار (پي ٽي آءِ جي حمايت يافته): 2 سيٽون
مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم): 1 سيٽ
جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي 11 سيٽن سان سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀري آهي، پر اها سادي اڪثريت کان 2 سيٽون پري آهي. ٻئي طرف، آزاد حيثيت ۾ چونڊون کٽيندڙ چئني اميدوارن پ پ پ يا نون ليگ جي بجاءِ وفاقي وزير عليم خان جي موجودگيءَ ۾ سندن جماعت ‘استحڪامِ پاڪستان پارٽي’ (آءِ پ پ) ۾ شامل ٿيڻ جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايئن عليم خان جي آءِ پ پ اوچتو ان شطرنج تي “ڪنگ ميڪر” (Kingmaker) بڻجي اڀري آهي.

اتحادين جي بليڪ ميلنگ ۽ من پسند وزارتون
ان انگن اکرن جي راند جو سڀ کان وڏو نتيجو اهو نڪرندو ته پي پي پي کي اڪثريتي پارٽي طور حڪومت ملڻ جي باوجود سندن هٿ مستقل طور تي ٻڌل رهندا. آءِ پ پ جا اهي 4 ڄڻا ۽ مسلم ليگ (ن) جا 6 ميمبر ملي اسيمبليءَ ۾ هڪ اهڙو مضبوط بلاڪ بڻائين ٿا جيڪو پ پ پ جي حڪومت کي ڪنهن به وقت ڪيرائي سگهي ٿو.
گلگت بلتستان جي اها تاريخي حقيقت رهي آهي ته اتي حڪومت هميشه ان جي ئي بڻبي آهي يا ان جي اشاري تي هلندي آهي جنهن جي اسلام آباد (وفاق) ۾ حڪومت هجي. آءِ پ پ ۽ نون ليگ جو وفاق ۾ جيڪو ڳٺ جوڙ آهي، اهو هاڻي گلگت بلتستان اسيمبليءَ ۾ پ پ پ کي جڪڙي رکندو. آءِ پ پ انهن 4 سيٽن جي عيوض نه صرف پنهنجي مرضيءَ جون ۽ اهم ترين وزارتون (جيئن تعميراتِ عامه، سياحت يا خزانو) گهرندي، بلڪ اسپيڪر يا ڊپٽي اسپيڪر جو عهدو به پنهنجي نالي ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪندي.
مخصوص سيٽن جو مرحلو
سڌيءَ ريت چونڊيل 24 سيٽن کان علاوه، گلگت بلتستان اسيمبليءَ ۾ 9 مخصوص سيٽون (6 عورتون ۽ 3 ٽيڪنوڪريٽس) به هونديون آهن، جنهن سان ڪل ايوان 33 ميمبرن جو ٿي ويندو آهي. اهي مخصوص سيٽون پارٽين کي سندن کٽيل سڌي ريت سيٽن جي تناسب سان ملنديون آهن. هتي پ پ پ کي 11 سيٽن جي ڪري فائدو ته ٿيندو، پر جيڪڏهن نون ليگ ۽ آءِ پ پ ملي ڪري مخصوص سيٽن جو ڪوٽا ڪليم ڪن، ته اهي مجموعي ڳڻپ ۾ پ پ پ جي برابر يا ان کان اڳتي به نڪري سگهن ٿا.
ڪنٽرول ٿيل عدم استحڪام
قصو مختصر اهو ته گلگت بلتستان جو اهو چونڊ نتيجو ظاهر ڪري ٿو ته وفاق ڄاڻي واڻي يا اتفاق سان اُتي ڪنهن هڪ پارٽيءَ کي واضح اڪثريت ناهي وٺڻ ڏني ته جيئن اسلام آباد جو ڪنٽرول برقرار رهي. پ پ پ جيڪڏهن وڏي وزير جي ڪرسي کڻي به وڃي ٿي، ته اهو هڪ ڪمزور وڏو وزير هوندو جنهن کي بجيٽ پاس ڪرائڻ کان وٺي انتظامي فيصلن تائين، هر قدم تي عليم خان جي آءِ پ پ ۽ نون ليگ کي منٿون ڪرڻيون پونديون. جيو پوليٽيڪل طور تي حساس ۽ تڪراري علائقو هجڻ جي ڪري، وفاق گلگت بلتستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ خودمختيار مقامي حڪومت جي بجاءِ هڪ اهڙي “مينيجڊ انسٽيبلٽي” پسند ڪندو آهي جنهن جون واڳون اسلام آباد جي هٿ ۾ هجن.
وفاقي ڳٺ جوڙ: ‘پاور شيئرنگ’ يا ڪيڪ مان حصو پتي؟
جيڪڏهن ان بحث کي وڌيڪ گهرائيءَ سان ڏسنداسين ته وفاق ۾ قائم موجوده مخلوط حڪومت (پ پ پ، ن ليگ ۽ آءِ پ پ) جو اهو ڳٺ جوڙ دراصل “ڪيڪ ونڊي کائڻ” (Cake-Sharing Formula) جو بهترين مثال آهي، جنهن کي سياسي ٻوليءَ ۾ “پاور شيئرنگ ماڊل” چيو ويندو آهي. ان نقطئہ نظر سان ڪجهه اهم ترين حقيقتون سامهون اچن ٿيون:
(الف) ڊڪٽيشن ۽ سينٽرلائيزڊ ڪنٽرول
گلگت بلتستان جهڙي حساس خطي ۾ اسلام آباد ڪڏهن به اهو نٿو ڪري سگهي ته وفاق جون اتحادي پارٽيون پاڻ ۾ وڙهي ڪنهن چوٿين قوت (جيئن پ ٽ آءِ يا قومپرستن) لاءِ رستو هموار ڪن. ان لاءِ سڀ ڪجهه هڪ طئہ ٿيل وفاقي “ڊڪٽيشن” ۽ اسڪرپٽ جي تحت اڳتي وڌايو پيو وڃي.
(ب) آءِ پ پ جو اصل ڪردار بطور ‘بفر زون‘
عليم خان جي آءِ پ پ ۾ انهن 4 آزاد اميدوارن جي شموليت دراصل هڪ “بفر زون” يا توازن برقرار رکڻ جو مهرو آهي. چاڪاڻ ته عليم خان وفاق ۾ ن ليگ جي وڌيڪ ويجهو آهي، ان ڪري انهن 4 ميمبرن جي ذريعي پ پ پ جي امڪاني جارحاڻي يا خودمختيار سياست کي جي بي ۾ نڪيل وڌي وئي آهي.
(ج) انتظامي ۽ مالياتي فنڊن جي ورهاست
هاڻي صورتحال اها هوندي ته پي پي پي کي وڏي وزير جي ڪرسي (جيڪا بظاهر سڀ کان وڏو علامتي عهدو آهي) ڏئي مطمئن ڪيو ويندو، جڏهن ته حڪومت جو اصل انتظام ۽ بجيٽ جا وڏا هصا (ڪيڪ جا وڏا ٽڪرا) اهم وزارتن جي صورت ۾ ن ليگ ۽ آئي پي پي وٽ هليا ويندا.
مجموعي طور تي، گلگت بلتستان ۾ جاري اهو ظاهري ملاکڙو ڪنهن حقيقي سياسي نظريي، عوامي خدمت يا خطي جي محرومين جي خاتمي لاءِ ناهي، بلڪ اقتدار جي هوموجينيئس (Homogeneous) يعني هڪجهڙائي واري ڪنٽرول لاءِ آهي. اهي ٽئي پارٽيون وفاق جي اشاري تي هڪ مينيجڊ “بندوبست” تحت گلگت بلتستان جي انتظامي ۽ مالي ڪيڪ کي پاڻ ۾ ان طريقي سان ورهائينديون جو ڪنهن هڪ کي به مڪمل بالادستي حاصل نه ٿيندي، ۽ اسلام آباد جو ريموٽ ڪنٽرول به مستقل ۽ بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڪم ڪندو رهندو.
_____________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي


