Editor's pickMain Slideڪالم

خوف جي خاموش واٽن تي سدائين ويريءَ سان وڙهڻ  جا واڪا

ٿرجي ناليواري شاعر  محمد هنڱورجي انياءَ جي انڌيري  کي ٽوڙڻ جي لاءِ عام ماڻهوءَ ۾ سگهه پيدا ڪئي آهي. هن شراب جي بدران نيڻن جا نمڪين لڙڪ پيتا آهن. آدرشن جي ڪتابن ۾ خوابن جا گلاب رکيا آهن. ھُن شاعريءَ جي رومانوي رنگ ۾ به سماجي بغاوت جو سڏ ڏنو  آهي. شاعر محمد ھڱورجي جي شاعريءَ جي مجموعي ”ٿوري قوت قراريا“ جو اڀياس

ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ، چيلهار

محمد هنڱورجو ۽ آئون ان ٿر جا رهواسي آهيون جنهن ٿر جو وڏو حصو اڄ به سياست ۽ صحافت جي اکين کان اوجهل آهي. احساسن، امنگن ۽ المين ۽ اداسين واري ٿر کي ڪلهه به شاعرن رپورٽ ڪيو هو، اڄ به شاعر رپورٽ ڪري رهيا آهن.

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي ‘اڪن نيرا ڦليا،’ تاجل بيوس جي ‘صحرا ستُر جِن’  کان پوءِ محمد هنڱورجي جو ڪتاب ‘ٿوري قوت قراريا’ شاعريءَ جو اهڙو مجموعو آهي.جنهن  کي پڙهي معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڏڪار جي ڏهاڙن ۾ صحرا جو صبح ۽ شام ڪيئن گذرندا آهن!؟ بکن ۽ ڏکن جي واڍوڙن جا وڍ ڇا ٿيندا آهن. المين ۽ اداسين جا گهاءَ گلن وانگر من ۽ تن تي ڪيئن ٽڙندا آهن، صحرا جي سمنڊ ۾ لڙڪن جون لهرون ڪيئن ڇوليون هڻنديون آهن. صحرا جي جيوت سارنگ جي لاءِ ڪيئن تڙپندي آهي!؟وسڪاري ورڻ سين  صحرا تي سارنگ جي رم جهم ڪيئن ٿيندي آهي!؟ صحرا تي مندائتي مينهن وسڻ سان زندگيءَ جا رنگ روپ ڪيئن پڌرا ٿيندا آهن!؟ صحرا جا ماڻهو جياپي جا جتن ڪندي دماغ جا در ڪيئن کولي رکندا آهن. تخليق جي تازي سوچ سان اندر ۾ توانائي ڪيئن پيدا ٿيندي آهي. 

ٿر ۾ وسڪاري کان وڌيڪ ڏڪار جا ڏهاڙا آيا آهن. آهن پر ٿر جي ماڻهن لک لکا سڻا  سهندي ‘ٿوري قوت قراريا’ جي اصول کي نه ڇڏيو آهي.

سارنگ سنگهارن تي وٺو ڪو نه وري،

حيلن وچان هت پيو وڃي مال مري،

اڃان ڳالهه ڳري، ڪلهاڻي قوت جي،

ڏڪارن  جي ڏرت  ۾ ڀاڳيا جڏهن پنهنجي وارياسي ڀومي ڇڏي بئراج جي پوٺن پنڌ پوندا آهن. تڏهن صحرا جون سيمون روئي پونديون آهن. ٿر صدين کان اهو عذاب ڀوڳيندو آيو آهي. ڀٽ ڌڻيءَ  مارئيءَ جي واتان چيو آهي ته ؛

عمر اسان جي ڏيهه ۾ ٽي ٽول سُجن

هڪ موت، ٻيو وڇوڙو ٽيو لڏيو ڏور وڃن،

تهان پوءِ بچن، جهوپا جهانگيڙن جا،

سائين محمد هنڱورجو چوي ٿو ته

ولر واري هليا، روان مٿي رند،

منزلون مال جُون سامهان سُجهن هنڌ،

پِيئا ڪندا پنڌ، ڀاڳيا ڀُون ڇڏي ويا، 

علم تجربي، دليل ۽ مشاهدي سان مهڪندو آهي. ٿر جي ماڻهن پنهنجي صحرائي سماج ۾  صدين جي تجربي، عقلي دليلن ۽ مشاهدن سان لوڪ ڏاهپ جي علم  کي اجاگر ڪيو آهي. علم جوتش جي ماهرن موسمي حالتن جي جوڙ ڪٽ بنيادي طور تي ريگستان جي ماڻهن کان سکي آهي. جنهن جي آڌار سال جي ڏهاڙن کي 12 راسين ۽ 28  نکٽن جي درجا بنديءَ ۾ ورهايو آهي. محمد هنڱورجي سال جي راسين ۽ نکٽن کي  پنهنجي شاعري  ۾ ڳائي نئين نسل تائين لوڪ ڏاهپ پهچائي آهي.

اشونيءَ البت ٿئي جڏهن وڻ ڦوٽ،

سُرها سَر سمورا هُٻڪارون هر ڳوٺ،

چڙهي وڃن چوٽ، مارن موهه ملير ۾. 

_

تپي رت روڻ، ۾، مگسر جي وائي،

جهجها جُهڙ لائي ابر اچي آڊ ۾،

آرهڙ جا ڏينهن ڀرڻي نکٽ جو حصو آهن. انهن ڏينهن ۾ ٿر ۾ پيرون ٿيندا آهن. محمد هنڱورجو  چوي ٿو ته؛

ڀرڻيءَ ڀلا پيرون پنهوارن جي پٽِ،

سڱر جام جُوءُ ۾، ونگو توڙي وٽ،

ڍاٽين سڄو ڍٽ، جهنگل جهونگارون ٿيو،

هن بيت جي نه صرف  رواني ۽ حرف تجنسي روح ۾ اترڻ جهڙي آهي. پر منظر نگاري به ڪمال جي آهي. سانوڻ جي رت ۾ وسڪاري  جي آس ۾ اهڃاڻن کي نهاريندي ايئن اظهاريو ويندو  آهي؛

ڪاڇي واءُ، ڪاڙها، اُڳتيئي آڙنگ،

اتر سان اچڻ جو ٻيلي آهي ٻنگ،

سَر ڀري سارنگ، ڪامُهه جي قرب سان،

ڏڪار جي ڏکن ۾ پيٽ جي پورت جي لاءِ  بئراج  مزدوري تي ويل  پنهنجي  وَرَ جي لاءِ  ٿرياڻي هر ويلي آنڌ مانڌ ۾  هوندي آهي. بانورن بادلن جي وسڻ جي ويس ڪرڻ تي  پُر اُميد  ٿي پڪاريندي آهي ته ؛

منهنجي ڪارڻ موٽندا کٽي سڄڻ کيج،

ڪريان تياريون تن لئه هردم منجهان هيج،

سُرهي واري سيج، وڇايان واٽون ڏسان،

مون اڳ ۾ به پنهنجي ڪتاب گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا ۾ لکيو آهي ته مينهن، مور ۽ محبت ٿرين جي ڪمزوري آهن.  مينهن جي لاءِ  ٿرين جو نگاهون آڪاش ۾ ايئن ڄمنديون آهن ؛

نگاهون نيراڻ ۾، ڄميون آهن ايئن،

چريو چڪور جيئن، چتائي چنڊ ڏسي،

 پاهت ٿر جي ڪاڄن ۾ مقرر ٻنڌڻن کي چئبو آهي، محمد هنڱورجي پاهت جو تذڪرو خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي؛

وري ولهارن تي ايندا سيڻ سگهوءِ،

پاهت ٿيندا پوءِ، پورا پنهوارن جا،

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ٿر ۾ ڪڏهن نسل پرستي جي ڪاري ٻاٽ نه ڇانئي آهي. ريگستان جي سمورن رهواسين جا ڏک سک ساڳيا رهيا آهن. راڄن ڀاڳن جي اٿڻي ويهڻي ۽  روادري جي ريت مثالي  رهي آهي. جنهن  انساني وقار جي تاريخ ۾  اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. ٿر جي هن ساکائتي سماج کي ٽوڙڻ جي لاءِ ڪيترائي هاتار  ٿر طرف وڌي رهيا آهن. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو دنيا جي منافق ميلي ۾  ملير جو مارو ماڻهو معصوم  ٻار  جيان وڃائجي نه وڃي. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته تاريخ ۽ تاريخيت ۾ فرق آهي اهي محمد هنڱورجي جي شاعري کي ‘آگ ڪا دريا’ جي احساس وانگر اندر ۾ اتاري سگهن ٿا. مون کي خبر نه آهي ته ٿر مان ڪيترن نوجوانن فاطمه ڀٽو جي ڪتاب Whispers of Desert    کي پڙهيو آهي؟ سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ شاعر اعجاز منگيءَ  فاطمه ڀٽو جي ڪتاب کي ‘صحرا ۾ سرگوشيون’ جي نالي سان سنڌي ترجمو ڪيو آهي.  ٿوري قوت قراريا’ جي تخليقار محمد هنڱورجي خوف جي خاموش واٽن تي سدائين ويري سان وڙهڻ  جا واڪا ڪيا آهن. هن انياءَ جي انڌيري  کي ٽوڙڻ جي لاءِ عام ماڻهوءَ ۾ سگهه پيدا ڪئي آهي. هن شراب جي بدران نيڻن جا نمڪين لڙڪ پيتا آهن. آدرشن جي ڪتابن ۾ خوابن جا گلاب رکيا آهن. پنجابي شاعر پاش هڪ هنڌ چيو آهي ته ؛ ‘سڀ کان خطرناڪ  معاملو خوابن جو مري وڃڻ  هوندو آهي.’ محمد  ھڱورجي جا خواب تازا توانا ۽ جيئرا جاڳيندا  خواب آهن. ‘کيرون کاهوڙين جون’ کان وٺي ‘ٿوري قوت قراريا’ تائين سندس شاعري سنجيدگيءَ سان پڙهڻ جي ضرورت آهي. محمد هنڱورجي شاعريءَ جي رومانوي رنگ ۾ به سماجي بغاوت جو سڏ ڏنو  آهي. ٿر جي مارو ماڻهوءَ جي لاءِ  نه صرف  ڳوٺن ۾ ‘گبر سنگهه’   آهن. پر بئراج ايريا  ۾ قرضن ۾ قابو ڪندڙ ظالم وڏيرا وسن ٿا جن وٽ ٻارهوئي قيدي بڻجي مسڪين ڪمائين ٿا. مينهن وسڻ تي پنهنجن مارن کي سنڀاري ڪارونجهر جو ڪر روئي ٿو؛

ماڳ نه موٽيا مور، واري ويريِن جهليا،

قابو ڪوڙ قرض ۾ ظالمن ڪيا زور،

ڪارونجهر جي ڪور، سڏي سانڀيڙن کي،

محمد هنڱورجو جيترو  ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي اتاولو  رهندو آهي، اوترو ئي راڳ ٻڌڻ جو راڻو آهي. مٺڙيو سومرا جو رهواسي هارون سومرو محمد هنڱورجي جو ويجهو دوست رهيو، هن وٽ وڏو راڳ ويراڳ هو.  محمد هنڱورجو شاعري ۾  پنهنجي ڌرتي جي راڳين کي مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته ؛

ڀاڳي جا ڀمريا روحن رهندا ياد،

موهن ۽ مراد اڃا ڳالهه اڳري،

جنهن گيت کي ڪلهه امارو ڳوليو هو، ڪوي ڪاليداس به پائي نه سگهيو هو، ان  گيت جي ٻولن کي  ڳولي محمد هنڱورجي سنڌي  شاعري جا ڪلاسيڪل بيت سرجيا آهن. جن کي اڄ يا سڀاڻي ٿر واسي باک جي ساک کڻي ڳائيندا. هي بيت  ڌرتي جي  لوڪ گيت   وانگر نه صرف مٿر واسين جي رت ۾ راماڻا ڪندا  پر ست ۾ به شامل ٿيندا. ڀومي جا ڀونئرا جڏهن لوڪ گيتن جي گلن تي ڀيرا ڏيندا آهن.تڏهن شاعري جي  روايتي راهن ۾  هي بيت  تمام  گهڻو اونچا نظر ايندا.

 ڪارونجهر جي مکيه ماڳن ۾ سارڌڙو ۽ ڀوڏيسر آهن، سارڌڙي ۾ سنجها ٽاڻي جڏهن مندر ۾ ڏيئو ٻرندو آهي ٺيڪ ان سمي  ڀوڏيسر ۾ محمود شاهه بيگڙي جي جوڙايل مسجد شريف  جي ڀرسان وڏي ڄار تي ويٺل مور ٽهوڪا ڪندو آهي. وسڪاري ۾ ٿر ڏسڻ سان محسوس ٿيندو آهي ته ڪائناتي سونهن جا سمورا رنگ هن ڀومي جو ڀاڳ آهن. پر ڏڪار جي ڏهاڙن ۾  واريءَ جي دڙن تي  زندگي وهه ٿي پوندي آهي.  مالڪ  سائين ڪري  منهنجي ۽ محمد ھڱورجي جي ٿر  جا فطري رنگ سلامت رهڻ سان گڏ روادري  ۽ ڀائيچاري جو ڀرم رهي. سانوڻ مينهن راسُو روپ ڌاري  وٽ،ولهار، ڍاٽ، کاهوڙ ، ڪنٺي، پائر، پارڪر ۽ سامروٽي جي سيمن  تي وسندا رهن. ڪڏهن ڏيهه ۾ ڏرت ڏڪار نه اچي.

مولا هُون ملير جا، کٿيرا خوشحال،

رهي راضي تن جو سکيو سدائين مال،

رزق روز حلال، عطا ڪرين اُنِ کي.

____________  

Bharu Mal-Sindh Courier

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button