Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

غير يقيني زندگي: لهرن تي لڙهندڙ وجود،جنھن ۾ سڀاڻي جي ڪاڄاڻ نه هجي

غير يقيني واري زندگي انسان کان سندس وقار، سڪون ۽ اميد کسي ٿي. اها ماڻهن کي رڳو زندهه رهڻ تائين محدود ڪري ڇڏي ٿي. اها ماڻهن، رياستن، حڪومتن ۽ اوسي پاسي جي  سماج جي ذميواري آهي ته هو ماڻهن کي سڀاڻي کان ڊڄڻ بدران اميد ڏين ۽ اڳتي وڌڻ لاء کين اتساه ڏين.

عبدالله عثمان مورائي

زندگي پنهنجي بنيادي جوهر ۾ ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل ڌاڳن سان اڻيل هڪ اهڙو ڪپڙو آهي جتي انسان هميشه پڪي پختي رٿابنديءَ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ان هوندي به زندگي ڪڏهن به مڪمل طور تي يقيني نه رهي آهي. اڄ جي دنيا ۾ لکين انسانن لاءِ غير يقيني زندگي ڪا عارضي حالت نه رهي آهي، بلڪه هڪ مستقل حقيقت بڻجي چڪي آهي جتي زندگي غير يقيني واري صورتحال جي گهيري ۾ هوندي آهي. غير يقيني زندگي اها آهي جنهن ۾ انسان جو مستقبل اڻپورو، غير واضح ۽ هر وقت خطري ۾ محسوس ٿئي. اهڙي زندگي ۾ ماڻهو نه رڳو وڏا خواب ڏسڻ کان قاصر ٿي وڃن ٿا پر بنيادي ضرورتن بابت به بيچيني جو شڪار رهن ٿا.

غير يقيني زندگي ڇا آهي؟

غير يقيني زندگي رڳو غربت يا بحران جو نالو ناهي پر اها عدم استحڪام جي علامت آهي. اها هڪ اهڙي زندگي آهي جتي مالي، ذهني، سماجي يا قانوني حيثيت ۽ بنيادي ضرورتن ۽ مستقبل جي باري ۾ ڪا به پڪي خبر نه هجي. هي غير يقيني حالت ڪيترن ئي رخن ۽ سببن ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي، جهڙوڪ، غير مستقل روزگار يا روزاني اجرت تي گذارو ڪرڻ، سياسي افراتفري ۽ تڪرار، مهانگائي ۽ وڌندڙ زندگي جا خرچ، موسمي تبديلي ۽ قدرتي آفتون، بيماريون ۽ علاج جي سهولتن جي کوٽ، هجرت، پناهگير هجڻ يا ويزا جا مسئلا، سماجي ناانصافي ۽ امتيازي رويا. ڪجهه ماڻهن لاءِ اها حالت ڪجهه مهينن تائين رهي ٿي، جڏهن ته ڪيترن لاءِ اها سڄي زندگيءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿي.

ڪير ڪير غير يقيني زندگي گذاري ٿو؟

هيء غير يقيني واري زندگي ڪنهن هڪ ملڪ يا هڪ طبقي تائين يا رڳو پرڏيهه ويندڙ ماڻهن تائين محدود ناهي پر پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهندڙ غريب طبقو، بيروزگار ماڻهو ۽ جنگ سٽيل علائقن جا رهواسي به ان جو شڪار آهن. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ وڃي ٿو ته کيس ٻوليءَ جي رڪاوٽ، قانوني حيثيت جي ڳڻتي ۽ نوڪريءَ جي ڳولا جهڙن سخت مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. 

مثال طور هڪ اعلي تعليم يافته جيڪڏهن ٻئي ملڪ ۾ پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ته هن جي ذهني حالت تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو. ان کانسواء پنهنجي اباڻي ملڪ يا ڪنهن ترقي يافتا ملڪ ۾ به اتان جا ماڻهو  جيڪي روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور آهن، گگ اڪانامي سان لاڳاپيل ماڻهو، قرض جي پريشاني ۾ ورتل انسان ۽ اهي نوجوان جيڪي غير مستحڪم روزگار مارڪيٽ ۾ داخل ٿين ٿا يا عورتون ۽ اقليتون به ان جو شڪار ٿين ٿا. 

لڏپلاڻ ۽ غير يقيني زندگي

هجرت ڪندڙ ماڻهن لاءِ غير يقيني زندگي گهڻو ڪري سندن پاڇي وانگر گڏ هلندي رهي ٿي. ڪيترائي ماڻهو استحڪام جي ڳولا ۾ پنهنجو ملڪ ڇڏين ٿا پر نئين ملڪ ۾ به نيون بي چينيون سندن انتظار ڪنديون آهن، مثال طور سالن تائين رهائش يا شهريت لاءِ انتظار، عارضي ويزا جو خوف، جلاوطني جو انديشو، سماجي اڪيلائي ۽ سڃاڻپ جو بحران، تعليم يا ڊگري کي قبول نه ڪيو وڃڻ ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن جتي قابليت هوندي به ماڻهو پنهنجي اصل حيثيت کان هيٺ زندگي گذارين ٿا.

پنهنجي ملڪ ۾ به غير يقيني زندگي

غير يقيني زندگي صرف پرڏيهه ويل ماڻهن تائين محدود ناهي. پنهنجي ملڪ ۾ به ڪيترائي ماڻهو ساڳي حالت جو شڪار آهن، مثال طور هڪ هاري، جنهن لاءِ موسم غير متوقع آهي، هڪ نوجوان، جنهن کي نوڪري نٿي ملي، هڪ خاندان، جيڪو علاج جا خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي، اهي سڀ غير يقيني زندگي گذاري رهيا آهن.

ذهني ۽ جسماني صحت تي اثر
مسلسل غير يقيني صورتحال انسان کي سخت متاثر ڪري ٿي جنهن ۾ انسان دائمي ذهني دٻاءُ ، خود اعتمادي ۾ گهٽتائي، پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار ٿئي ٿو. جڏهن ذهن هر وقت خطري لاءِ تيار رهي، ته جسم کي آرام نٿو ملي. جسماني طور تي اهڙا ماڻهو ٿڪاوٽ ۽ سور، هاءِ بلڊ پريشر، مدافعتي نظام جي ڪمزوري، دل جي بيمارين ۽ ننڊ جي کوٽ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. غير يقيني واري زندگي ۾ سماجي اثرن کي ڏٺو وڃي ته اها انسان کي محتاط، بي اعتماد ۽ جذباتي طور الڳ ڪري ڇڏي ٿي. والدين جي بيچيني ٻارن تائين منتقل ٿئي ٿي ۽ خواب صرف گذارو ڪرڻ تائين محدود ٿي وڃن ٿا.

ان سڄي مانڌاڻ جو آخر حل ڇا آهي؟

غير يقيني زندگي کي مڪمل طور تي ختم نٿو ڪري سگهجي پر ان کي ڪنهن حد تائين گهٽ ضرور ڪري سگهجي ٿو، مثال طور انسان کي ذاتي سطح تي پهريان ته  صبر ۽ همت سان حالتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ نيون ۽ هڪ کان وڌيڪ صلاحيتون سکڻ گهرجن، ذهني صحت جو خيال رکڻ ۽ سماجي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ گهرجن يعني پنهنجن ويجهن ماڻهن سان رابطي ۾ رهڻ ته جيئن اڪيلائيءَ کان بچي سگهجي. رياستي سطح تي وري روزگار ڏيڻ جو بندوبست ۽ ان جو تحفظ ڪرڻ  يعني سماجي تحفظ جا پروگرام، سستيون صحت جون سهولتون ڏيڻ ۽ سڀ کان اول ته سڀني لاء منصفاڻيون ۽ هڪ جهڙيون پاليسين جو هجڻ ضروري آهي.   

آخر ۾ حاصل مقصد ته غير يقيني واري زندگي انسان کان سندس وقار، سڪون ۽ اميد کسي ٿي. اها ماڻهن کي رڳو زندهه رهڻ تائين محدود ڪري ڇڏي ٿي. اها ماڻهن، رياستن، حڪومتن ۽ اوسي پاسي جي  سماج جي ذميواري آهي ته هو ماڻهن کي سڀاڻي کان ڊڄڻ بدران اميد ڏين ۽ اڳتي وڌڻ لاء کين اتساه ڏين.

_________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button