ڪلائوڊ برسٽ ڇا آھي؟
ڪڪر ڦاٽڻ جي سائنس ۽ پاڪستان لاءِ موسمي تبديلي جو بحران
محمد احسان لغاري
پاڪستان ۾ ھاڻ 2010 کانپوءِ چٽيءَ ريت موسمي شدت، خاص ڪري خطرناڪ ڪڪر ڦاٽڻ (ڪلائوڊ برسٽ – Cloudburst: تمام گھڻي ۽ اوچتي برسات جو هڪ ننڍڙي علائقي تي ٿوري وقت ۾ پوڻ) جا واقعا گھڻا ٿي رهيا آهن، جيڪي عالمي طور گرميءَ جي درجي وڌڻ سبب ڳاڻيٽي ۽ مقدار ۾ وڌي رهيا آهن. ڪجھ ڏينھن اڳ پنجاب جي پوٺوهار پليٽيو تي چڪوال ۾ صرف 48 ڪلاڪن اندر 500 ملي ميٽر جي لڳ ڀڳ غير معمولي برسات پئي، جنھن پوري علائقي کي وسيع درياھي پٽيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ سوان درياھ ٻہ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کڻي سنڌوءَ جي حوالي ڪيو آھي ۽ چشما وٽ سنڌو جو وھڪرو ۱۹ جولاءِ تي چارلک ڪيوسڪ آھي. هي واقعو ڪڪر ڦاٽڻ جي عمل ۽ اثرن کي جاچڻ ۽ ان سان لاڳاپيل موسمي نئين حقيقتن کي سمجھڻ جي تڪڙي ضرورت کي نروار ڪري ٿو.
ڪڪر ڦاٽڻ کي سمجھڻ:
ڪڪر ڦاٽڻ تمام گھڻي شدت وارو مينھن آهي جيڪو هڪ مخصوص، ننڍڙي علائقي ۾ پوي ٿو. سائنسي طور تي، مثال طؤر عالمي موسمي تنظيم (WMO) ان کي 100 ملي ميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ برسات جي طور تي بيان ڪري ٿي، خاص طور تي جڏهن اها گھٽ وقت ۾ وڏي مقدار ۾ پوي. اهي واقعا وڏن، عمودي طور تي تيار ڪيومولونمبس ڪڪرن Cumulonimbus هڪ قسم جو وڏو، عمودي ڪڪر جيڪو شديد برسات، گجگوڙ ۽ طوفان آڻيندو آهي، ۾ پيدا ٿين ٿا جن ۾ تيز هوائي وهڪرا هوندا آهن، ۽ اهي عام طور تي 30 منٽن کان 2 ڪلاڪن تائين هلندا آهن، جڏھن تہ انھن جا تباهي ڪندڙ اثر ڪيترن ئي هفتن تائين برقرار رهي سگهن ٿا.
2025 جو چڪوال وارو واقعو انھن سڀني معيارن کان گهڻو اڳتي هو: هن ۾ جولاءِ جي سراسري مينھن کان 416 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي.
ان کي وڌيڪ سمجھڻ لاءِ، مينھن جي شدت ۽ گھڻائي جي حساب سان معيار ۽ ماڻ عرض ڪجن ٿا: “گهڻو مينھن” 50 ملي ميٽر في ڏينهن، 24 ڪلاڪ کان وڌيڪ، “تمام گهڻو” 125 ملي ميٽر في ڏينهن کان وڌيڪ، ۽ “انتهائي گھڻو” 250 ملي ميٽر في 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ مقدار کي چيو وڃي ٿو. چڪوال واري واقعي ۾ اهي حدون ( گھڻو، تمام گھڻو ۽ انتھائي گھڻو) صرف 3 ڪلاڪن، 8 ڪلاڪن، ۽ 12 ڪلاڪن ۾ پار ٿي ويون، عملي طور تي “انتهائي ۽ تمام گھڻي برسات” جي وصف کي اڌ وقت ۾ ٻيڻو ڪري ڇڏيو، جنهن مان ان جي غير معمولي نوعيت ظاهر ٿئي ٿي.
موسمي تبديلي: مينھن جي مقداري ۽ انداز واري واڌ جو جو هڪ عالمي سبب
پاڪستان ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جي شدت جو سڌو سنئون تعلق موسمي تبديليءَ سان آهي، جيڪا هڪ “طاقت وڌائيندڙ محرڪ” جو ڪم ڪري ٿي. ڪلوسيئس-ڪلاپيرون ايڪيوشن/مساوات (Clausius-Clapeyron Equation: فزڪس ۾ هڪ مساوات جيڪا گرمي پد ۽ گھم جي مقدار جي وچ ۾ تعلق کي بيان ڪري ٿي، اها ٻڌائي ٿي ته جيئن گرمي پد وڌندو تيئن هوا ۾ گھم کڻڻ جي صلاحيت وڌندي. انھيءَ موجب، فضا هر 1°C گرمي پد جي واڌ سان تقريبا 7 سيڪڙو گھِمَ وڌي سگهي ٿي. گھميل فضا ئي مينھن جو بنياد ھوندو آھي. پاڪستان جي صورتحال وڌيڪ پيچيده آهي، جنھن ۾ ڪيترائي عنصر شامل آهن:
عربي سمنڊ جو گرم ٿيڻ: عربي سمنڊ ۾ مٿاڇري جو گرمي پد هاڻي صنعتي دور کان اڳ واري سطح کان 1.8°C وڌيڪ آهي، جنھن جي نتيجي ۾ پاڪستان موسمي کاتي (PMD) جي 2024 جي رپورٽ موجب، مون سون جون هوائون 40 سيڪڙو وڌيڪ گھم آڻين ٿيون. هي گھم جو وڌيل مقدار شديد برساتن جو سبب بڻجي ٿو.
فضائي ٽريفڪ جام: جيٽ اسٽريمز (Jet Streams: مٿانھين فضا ۾ تيز هوا جا وهڪرا جيڪي موسمي نظامن کي حرڪت ڏيندا آهن) جو ڪمزور ٿيڻ، جيڪو آرڪٽڪ (Arctic: ڌرتي جو اتر وارو برفاني علائقو) جي گرم ٿيڻ جو نتيجو آهي، 2025 ۾ طوفاني نظام کي پاڪستان مٿان ڪلاڪن تائين بيهاري رکيو، جنهن سبب برسات گهڻي وقت تائين جاري رهي ۽ تباهي جي شدت وڌي وئي.
ٽوپوگرافي (Topography): هماليه جي جبلن جي موجودگي اوروگرافڪ لفٽنگ (Orographic Lifting: جڏهن گھم سان ڀريل هوا جبلن سان ٽڪرائجي مٿي چڙهندي آهي، ٿڌي ٿيندي آهي ۽ برسات جو سبب بڻجندي آهي) ذريعي برسات کي 300 سيڪڙو وڌائي ٿي، جتي گھميل گرم هوا مٿي چڙهي ٿي، ٿڌي ٿئي ٿي، ڀرپور مینھونڳي جو سبب ٿئي ٿي. انڪري جابلو علائقن ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جو عمل وڌيڪ ٿي سگھي ٿو.
وڏي ڄمار وارن ماڻھن کان اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آھي ته “اسان جي وقت ۾ به گھڻيون برساتون پونديون هيون، پر اسان جا شھر ۽ ڳوٺ ڪڏهن به ايتري حد تائين ٻوڏ جو شڪار نه ٿيندا هئا.” اھو بلڪل سچ آهي، ۽ ان جا ڪيترائي سبب آهن:
قدرتي پاڻيءَ جي نيڪال جا رستا: اڳي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ قدرتي رستا موجود هوندا هئا، جن تي اڄ ماڻھن قبضو ڪري گھر ٺاهي ڇڏيا آهن، يا اقتصادي دٻاءَ سبب طاقتور ماڻھن انھن کي پنھنجي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پڪيون گھٽيون ۽ ڪچا رستا: ان وقت اڪثر گھٽيون سِرن جون يا ڪچيون هونديون هيون، جيڪي برسات جي پاڻي کي زمين ۾ چڱيءَ طرح جذب ٿيڻ ڏينديون هيون. اڄ گھٽيون پڪيون ۽ سيمينٽ جون ٺھيل آهن، جيڪي پاڻي کي جذب ٿيڻ نه ٿيون ڏين، نتيجي ۾ پاڻي بيھجي وڃي ٿو.
ويڪرا راند جا ميدان: اڳي وسيع راند جا ميدان ۽ کليل جايون هونديون هيون جيڪي سڄي برادري استعمال ڪندي هئي ۽ اهي برسات جي پاڻي کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون هيون. هاڻي، اهي جايون غيرقانوني قبضا يا وڌندڙ آبادي جي گھرجن سبب آباد ٿي چڪيون آهن.
گھٽ آبادي: ان وقت آبادي تمام گھٽ هئي، جنھن ڪري شھري علائقن تي ايترو دٻاءُ نه هو ۽ قدرتي پاڻي جي نيڪال جا رستا قائم هئا. وڌندڙ آبادي سان گڏ، اڏاوتن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ پاڻي کي جذب ڪرڻ واريون جايون ختم ٿي ويون آهن.
سائنسي بنيادن تي حل:
صحيح اڳڪٿي: ايڪس-بينڊ ريڊار نيٽ ورڪ (X-Band Radar Network: هڪ قسم جو ريڊار جيڪو ننڍن موسمي واقعن جي درست اڳڪٿي لاءِ استعمال ٿيندو آهي) ان کي اپ گريڊ ڪرڻ سان ڪڪر ڦاٽڻ جي ڇهن ڪلاڪ اڳ ئي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. اهو نازڪ وقت آبادي کي خبردار ڪرڻ، تيارين ڪرڻ، ۽ جانين ۽ مال جي نقصان کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندو.
جيو اسپيشل (Geospatial) انجنيئرنگ – “اسپنج زونز” جو تصور: شهري علائقن جي 15 سيڪڙو حصي کي “اسپنج زونز/ پاڻي چوسيندڙ علائقن” (Sponge Zones: شھري علائقن ۾ اهڙيون جايون جيڪي برسات جي پاڻي کي قدرتي طور تي جذب ۽ ذخيرو ڪن، جيئن پارڪ، سايون ڇتون ۽ خاص فرش) انھيءَ جو مطلب آهي شهري ڍانچي کي اهڙي طرح ڊزائين ڪرڻ جو اها قدرتي طور تي پاڻي جذب ۽ ذخيرو ڪري. ان ۾ پارڪ/ ساوڪ وارا میدان ۽ باغ، ڇت تي ساوڪ، خاص گس ۽ پاڻي چوھیندڙ فرش شامل آهن جيڪي پاڻي کي زمين ۾ جذب ٿيڻ ڏين ٿا. ان ۾ مينھن جي پاڻي جو لاڀ ۽ زير زمين پاڻي جي ذخيرن جو نظام شامل آهن. هي نظام شھري ٻوڏ کي گھٽائڻ ۽ پاڻي جي وسيلن کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
آبھوا-موافق بنيادي ڍانچو: رستن کي بلند ڪازويز (Causeways: بلند رستا يا پُلُون جيڪي پاڻي مٿان يا دلدلي علائقن مان گذرندا آهن) خاص طور ڊزائين ڪرڻ جن ۾ 500 ملي ميٽر في ڪلاڪ برسات جي نيڪال جي صلاحيت هجي، ضروري آهي ته مستقبل جي ٻوڏن کي منهن ڏئي سگهجي ۽ لڏپلاڻ جو فعال نظام برقرار رهي.)
2025 جو چڪوال وارو واقعو اهو هڪ خوفناڪ اشارو آهي ته 2030 واري ڏهاڪي ۾ ڇا ٿي سگھي ٿو. عربي سمنڊ جي هر ڏهاڪي ۾ گرم ٿيڻ سان، ڪڪر ڦاٽڻ جو مطلب اھو ٿيندو تہ صرف 24 ڪلاڪن ۾ 600 ملي ميٽر کان به وڌيڪ برسات ڏئي سگهن ٿا. پاڪستان لاءِ ان ڏس ۾ جدوجھد ڪرڻ اڻٽر آھي. هڪ اهم سوال آھي تہ: ڇا اسان ۽ دنيا هن خطرناڪ اڳڪٿيءَ تي ڌيان ڏينداسين، ان کان اڳ جو ساڳيون آفتون ٻين هنڌن تي اچن؟
_________________
محمد احسان لغاري پاڻيءَ جي معاملن جو ماھر آھي ۽ انڊس رِور سسٽم اٿارٽيءَ ۾ ميمبر طور سنڌ جي نمائندگي ڪري ٿو




