سنڌ ۾ ريلوي سرشتي جي بحالي: رِٿا تي عمل بہ ٿيندو يا ٺلھا اعلان ٿيندا رھندا؟
ھلندڙ سال جنوري مھيني ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ وفاقي ريلوي وزير وچ ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ 63 ارب رُپين جي ڪاٿي سان ريلوي سرشتي جي بحاليءَ جو فيصلو ڪيو ويو ھو، پر ڇھون مھينو شروع ٿيڻ جي باوجود رٿا تي عمل جو ڪو نالو نشان ڪونھي.

سڪندرگلاب سومرو
ھن سال جي جنوري مھيني ۾، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ وفاقي ريلوي وزير حنيف عباسيءَ وچ ۾، سنڌ ۾ ريلوي جي بحاليءَ جي حوالي سان ھڪ اھم ملاقات ٿي. ملاقات ۾ سنڌ اندر ريلوي سفر کي جديد بنائڻ جون ڳالھيون ٿيون ۽ اھڙا اعلان پڻ ٿيا تہ عوام کي سستي ۽ پرسڪون سفري سھولت پھچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ھڪدم 6.6 ارب رپيا جاري ڪندي. ھن فنڊ جي مدد سان صوبي جي 308 مان 100 ريلوي ڪراسنگز کي نہ رُڳو جديد ۽ محفوظ بڻايو ويندو پر سڄي صوبي ۾ ريلوي نظام جي مڪمل طرح سان بحاليءَ کي به ممڪن بڻايو ويندو. ساڳي ملاقات ۾، قول اقرار بہ ڪيا ويا تہ رٿا جو مقصد سنڌ جي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن کي جديد ريل ٽرانسپورٽ سان ڳنڍڻ آهي ته جيئن عام ماڻهن کي محفوظ، پرسڪون ۽ سستي سفري سهولت ملي سگهي.
انھيءَ رٿا موجب پهرين مرحلي ۾ ڇهه نيون ٽرينون هلائڻ، ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ ڇهه ٽرينون شامل ڪرڻ تي وفاقي وزير چيو تہ سنڌ ۽ وفاق جي گڏيل سهڪار سان پاڪستان ريلوي جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب کلي رهيو آهي. منصوبو ڪل 858 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي جنھن ۾ ڪوٽڙي کان دادو؛ دادو کان لاڙڪاڻو؛ حيدرآباد کان ميرپورخاص؛ روهڙي کان جيڪب آباد؛ جيڪب آباد کان ڪشمور ۽ حيدرآباد کان بدين تائين سڀني ٽريڪس جي بحالي شامل آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻيهر جديد ريلوي ڄار سان ڳنڍيو ويندو. سنڌ جي ٽرانسپورٽ وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب منصوبي کانپوءِ ڪوٽڙي ۽ دادو جي وچ ۾ سفر جو وقت لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ گهٽجي ويندو. انھيءَ سموري رٿا تي مجموعي طور 63.26 ارب رپيا خرچ جو ڪاٿو آھي جنھن ۾ ريلوي جي بنيادي ڍانچي جي بحالي، جديد ڊيزل ملٽيپل يونٽ (ڊي ايم يو) ٽرينن جي خريداري ۽ سار سنڀال جون سهولتون پڻ شامل آهن. روھڙي ريلوي اسٽيشن جي اپگريڊيشن تي به خاص ڌيان ڏيڻ ۽ پليٽفارمن جي خوبصورتي، ايسڪليٽرز، اسٽيشن عمارتن جي مرمت ۽ شمسي توانائي سان هلندڙ پاڻي صاف ڪرڻ وارا پلانٽ لڳائڻ سان گڏ ڇهن مهينن اندر ھن سڄي عمل کي مڪمل ڪرڻ بہ شامل ھو.
ريلوي نظام رڳو پٽڙين ۽ جديد سفري سھولتن تي هلندڙ ٽرينن جو نالو ناهي. اھو قومن جي ترقي، عام ماڻهن جي آسان رابطن ۽ معاشي خوشحاليءَ جي علامت پڻ آهي. جڏهن ريلوي نظام آيو ته شهر آباد ٿيا، واپار وڌيو ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آئي. ذڪر ھيٺ منصوبي تي سچائي، مستقل مزاجي ۽ جديد سوچ سان عمل ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ريلوي سرستي توڙي ريلوي سفر جو نہ رُڳو نئون شروع ٿيندو پر روزگار، تعليم، سياحت ۽ واپار جا نوان موقعا بہ پيدا ٿيندا. سنڌ ھونئن بہ صدين کان واپار، ثقافت ۽ سفر جي لحاظ کان ننڍي کنڊ جي اھم گيٽ وي طور مشھر رهي آهي. سنڌو درياهه جي ڪنارن تي آباد شهرن ۽ ڳوٺن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ لاءِ قديم دور ۾ ٻيڙيون، قافلا ۽ گهوڙا استعمال ٿيندا هئا پر جديد ٽرانسپورٽ جي اصل شروعات ريلوي نظام سان ٿي. ريلوي نه صرف سفر کي سولو بڻايو پر، واپار، صنعت، تعليم ۽ سماجي رابطن ۾ به نئين تبديلي آندي. سنڌ ۾ ريلوي جي تاريخ برطانوي دور کان شروع ٿئي ٿي. انگريزن پنهنجي فوجي، سياسي ۽ واپاري مفادن لاءِ هن خطي ۾ ريلوي جو ڄار وڇائڻ شروع ڪيو. 1855ع ۾ ”سنڌ ريلوي ڪمپني“ جي قيام سان سنڌ ۾ جديد ريلوي نظام جو بنياد پيو. ڪراچي هڪ اهم بندرگاهه طور ترقي ڪري رهيو هو ۽ انگريزن چاهيو ٿي ته سنڌو درياهه جي واپاري رستن کي جديد ريلوي نظام سان جوڙيو وڃي ۽ سامان جي آمدرفت کي تيز ۽ آسان بڻائي سگھجي. 13 مئي 1861ع تي ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين لڳ ڀڳ 174 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي پٽڙي جو افتتاح ڪيو ويو. پٽڙي سنڌ سان گڏ پوري ننڍي کنڊ جي اهم ۽ بنيادي ريلوي منصوبن مان هڪ هئي. هن سان ڪراچي بندرگاهه سنڌو درياهه جي واپاري مرڪزن سان ڳنڍجي ويو. ريلوي نظام کي آڻڻ جو مقصد خام مال کي بندرگاهن تائين پهچائڻ ۽ فوجي دستن جي تيز چُر پُر کي جديد سھولت پھچائڻ هو. وقت سان گڏ هي نظام عام ماڻھن لاءِ وڏي سهولت بڻجي ويو. ڪراچي شهر جيڪو اڳ محدود بندرگاهه هو؛ ريل پٽڙين وڇائجڻ بعد پوري خطي سان ڳنڍجي ويو. 1879ع ۽ 1880ع دوران ريلوي پٽڙين کي اتر سنڌ ۽ بلوچستان طرف وڌايو ويو. رڪ کان سبي تائين پٽڙيون وڇائڻ ان وقت جي انجنيئرنگ جو وڏو ڪارنامو هو. اهو علائقو سخت گرمي، وارياسو ۽ ڏکين حالتن سبب انتهائي مشڪل بہ هو پر ان جي باوجود سنڌ کي بلوچستان ۽ سرحدي علائقن سان ملايو ويو. 1900ع ۾، سنڌو درياهه تي، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد کي ڳنڍڻ لاءِ لوهي پل جي تعمير مڪمل ڪئي وئي اھڙي طرح سان ڪراچي کان پوري ھندستان جي علائقن تائين ٽرينن جي بنا ڪنهن رنڊڪ اچ وڃ ممڪن بڻجي وئي ۽ پل سنڌ جي معاشي ۽ واپاري ترقي جي لاءِ وڏو سنگِ ميل ثابت ٿي. ياد رھي ھندستان ۾، ريلوي سفر جو بنياد 1832ع ۾ پيو ۽ 1837ع کان باقاعدا ٽرينون ھلڻ بہ شروع ٿيون.
جنوري واري ملاقات جي مقصدن تي سوچجي ٿو تہ خبر پوي ٿي سنڌ ۾ ريلوي جي بحالي وڏي اھميت رکي ٿي. پاڪستان ريلوي جي ”مين لائين ون (ايم ايل ون)“ ڪراچي کي پنجاب سان ڳنڍي ٿي. ”مين لائين ٽو (ايم ايل ٽو)“ ڪراچي، ڄامشوري، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد کان ٿيندي سنڌ کي بلوچستان سا جوڙي ٿي. حقيقت ھيءَ آھي تہ ايم ايل ٽو واريون لڳ ڀڳ سڀئي پٽڙيون، اسٽيشنون ۽ سھولتون زبون آھن. ھن پٽڙي تي ڪنھن نہ ڪنھن ڪارڻ، ٽرينن جي سروس باضابطا طو تي جيڪڏھن ختم ناھي ڪئي وئي تڏھن بہ مڪمل طو تي معطل ضرور رھي ٿي ۽ اسٽيشنون ويرانين جو ڏيک ڏئي رھيون آھن. نتيجي طور عام عوام مهانگي روڊ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙڻ جي لاءِ مجبور آھي ۽ ان مجبوري جي ڀيانڪ شڪل عيد ڏھاڙن دوران ٻيڻا ڀاڙا ۽ بس عملي جا نامناسب رويا آھن. هاڻي جڏھن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت ۽ وفاقي ريلوي وزارت، سنڌ ۾ ريلوي جي بحالي خاص طور تي ايم ايل ون جي لاءِ نئين اميد ۽ تازي جذبي يا عوام کي جديد ۽ سستي سفري سھولت پھچائڻ جي نيت ھيٺ ھڪٻئي جون سھڪاري بڻيون آھن تہ چار مھينا گذرڻ جي باوجود زمين تي اھڙو ڪجھ ٿيندي نظر ڪونہ پيو اچي، توڻي جو سنڌ حڪومت ۽ وفاقي ريلوي وزارت گڏجي ريلوي نظام جي جديد بحالي لاءِ هڪ وڏي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي ھئي .
ريلوي جي بحالي سان نه صرف روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گھٽبو پر ڪوچ سروس مافيا جي ھڪ ھٽي ۽ عملي جي نامناسب رويي جو خاتمو بہ ٿيندو. نہ صرف ايترو پر روزانو جي بنياد تي سفر ڪندڙ ملازمن، شاگردن، سير و سياحت جو شوق رکندڙن ۽ عام ماڻهن کي به وڏي آساني ٿي پوندي.
________________
سڪندر گلاب سومرو فري لانس ليکڪ آھي



