سنڌ جي بدقسمتي يا منظم منصوبابندي: رياست ڪٿي آهي، حالتون ڪير سُڌاريندو؟
سنڌ جي بدقسمتي آهي يا منظم منصوبابندي ته هتي مافياز کي سالن کان کير پياريو پيو وڃي. پهريان ڪنهن ڳوٺ يا شهر ۾ هڪ ٻه مالي طور خوشحال ماڻهو هوندا هئا، پر هاڻي حرام جي ڪمائيءَ سان هر گلي محلي ۾ ”وڏا ماڻهو“ پيدا ٿي چڪا آهن. رياست جي موجودگي ڪٿي به محسوس نٿي ٿئي. ڪو ادارو اهڙو ناهي جيڪو حرام مان امير ٿيندڙن کان پڇي ته اها دولت ڪٿان آئي؟ بجليءَ جي اوڳاڙي پنهنجي جاءِ تي، پوليس جون اوڳاڙيون به عروج تي آهن. هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڏوهه منظم انداز ۾ هلي رهيا آهن ۽ پوليس انهن جي سرپرست بڻيل آهي. جڏهن ايس ايڇ اوز مقامي وڏيرن جي سفارش تي مقرر ٿيندا ته پوليس خادم نه، مافيا ئي بڻجندي.

حميد سومرو
باڊھ، ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي شھر ۾ گذاريل چار ڏينهن ڪنهن اذيت، آزمائش ۽ ذهني عذاب کان گهٽ نہ هئا. هتي سڀ کان وڏو مسئلو بجليءَ جي اڻهوند آهي. ٽي ڪلاڪ لوڊشيڊنگ کانپوءِ جيڪڏهن بجلي اچي به ٿي ته هر ڏهن منٽن کانپوءِ جهٽڪا ڏيندي رهي ٿي، جنهن ڪري گهريلو اليڪٽريڪل سامان جو سڙڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. پنجاھ ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي گرمي پد هجي ۽ صورتحال اها هجي ته سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو ته رياست ڪٿي آهي؟
بلڪل لائين لاسز ۽ بجلي چوريءَ جا مسئلا به هوندا ۽ سيپڪو اختيارين وٽ ڪيترا ئي جواز به، پر حقيقت اها ئي آهي ته واپڊا آفيسرن ۽ ملازمن بجلي چوريءَ جو هڪ منظم نيٽ ورڪ ٺاهي رکيو آهي. ڪنهن امير جي گهر وٽان گذرڻ وقت ڪارروايون وائبريشن مَوڊ تي هليون وينديون آهن، پر ڪنهن غريب جي گهر کي ٽارگيٽ بڻائي هر مهيني اوڳاڙيون ڪيون وينديون آهن. ايئر ڪنڊيشنرز، هيوي موٽرز ۽ ٻين ڪمرشل سرگرمين لاءِ اڳواٽ معاملا طئہ ٿيندا آهن، پوءِ ڪنهن وڏي آفيسر جي دوري کان اڳ ڪُنڍين جون تارون لاٿيون وينديون آهن ۽ سندس ويندي ئي ٻيهر لڳي وينديون آهن.
24 مئي تي جڏهن باڊھ پهتس ته معلوم ٿيو ته 11000 لائين جي ستن ٿنڀن تان تارون چوري ٿي چڪيون آهن. سمجھ ۾ نٿو اچي ته مين روڊ سان لڳل بجليءَ جي لائين تان پوليس ۽ واپڊا لائين مين جي ملي ڀگت کان سواءِ چوري ڪيئن ممڪن آهي؟ ستن ٿنڀن تان هيوي تارون لاهڻ، ويڙھڻ ۽ اتان کڻي وڃڻ ٽن کان چئن ڪلاڪن جو ڪم آهي، پوءِ ان دوران ڪو ڇو نہ پهتو؟ رسمي ايف آءِ آر، نامعلوم ماڻهو، ۽ قصو ختم. چورن جي عيد ٿي وئي. تارون چوري ٿيڻ کانپوءِ ٻه ڏينهن شهري بجليءَ کان محروم رهيا.
هاڻي اچون ٿا چونڊيل نمائندن ڏانهن. اسان جي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن، انهن جي ويجهن ماڻهن ۽ يو سي چيئرمينن جي گهرن تي ته سرڪاري عمارتن جي بجيٽ مان سولر پلانٽس لڳي ويندا آهن، ان ڪري سخت گرميءَ ۾ به سندن محل نما گهر ۽ اوطاقون ٿڌيون رهنديون آهن. پر غريب لاءِ ڪنهن کي به فڪرمند نہ ڏٺو ويو.
اها سنڌ جي بدقسمتي آهي يا منظم منصوبابندي ته هتي مافياز کي سالن کان کير پياريو پيو وڃي. پهريان ڪنهن ڳوٺ يا شهر ۾ هڪ ٻه مالي طور خوشحال ماڻهو هوندا هئا، پر هاڻي حرام جي ڪمائيءَ سان هر گلي محلي ۾ ”وڏا ماڻهو“ پيدا ٿي چڪا آهن. 90 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪراچيءَ ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي ته ڪيترا ئي ماڻهو خالي هٿ هئا، اڄ اهي ئي ٻه نمبرين ذريعي اميرزادا بڻجي چڪا آهن. مون کي ڪنهن جي ترقيءَ تي اعتراض ناهي، جيڪڏهن اها محنت ۽ حلال ڪمائيءَ سان حاصل ڪئي وئي هجي.
رياست جي موجودگي ڪٿي به محسوس نٿي ٿئي. ڪو ادارو اهڙو ناهي جيڪو حرام مان امير ٿيندڙن کان پڇي ته اها دولت ڪٿان آئي؟ بجليءَ جي اوڳاڙي پنهنجي جاءِ تي، پوليس جون اوڳاڙيون به عروج تي آهن. هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڏوهه منظم انداز ۾ هلي رهيا آهن ۽ پوليس انهن جي سرپرست بڻيل آهي. جڏهن ايس ايڇ اوز مقامي وڏيرن جي سفارش تي مقرر ٿيندا ته پوليس خادم نه، مافيا ئي بڻجندي.
اسڪولن جا استاد حد کان وڌيڪ سياست ۾ ملوث آهن. گسٽا، اپڪا، پ ٽ الف سميت ڪيترن ئي تنظيمن ۾ وڏيرن جا منظورِ نظر ماڻهو ويٺل آهن. رشوت جي بازار گرم آهي. ڪلهه هڪ نوجوان مليو جيڪو فوتي ڪوٽا جي نوڪريءَ جو منتظر هو، تنهن ٻڌايو ته صرف ڪاغذ تيار ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪلرڪ کائنس پنجاهه هزار رپيا ”عيدي“ وصول ڪئي. نہ خوف، نہ احساس، نہ احتساب. فوتين جي نالي تي پينشن ڪپت (ڪرپشن) اڄ به ٽريزريءَ ۾ جاري آهي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي دڪان تان ڪيترا ئي ناهل ۽ ڪرمنل مائنڊ نوجوان حرام جي ڪمائي يا سياسي ڪوٽا تي نوڪريون حاصل ڪري چڪا آهن.
پيٽرول پمپن تي ٽي چار رپيا في ليٽر اضافي اوڳاڙي معمول بڻجي چڪي آهي، ان سان گڏ ڊنڊي ۽ غير معياري پيٽرول الڳ. موبائل انٽرنيٽ ته وساري ئي ڇڏيو. سڀ ڪمپنيون صرف اوڳاڙي ڪري رهيون آهن، سروس ڪٿي به ناهي.
واقعي لاڙڪاڻو بدلجي ويو آهي…
اڃا به گهڻو ڪجهه لکڻ لاءِ آهي، جلد لکندس.
في الحال ايترو ئي ڪافي آهي.
_______________
حميد سومرو ڪراچيءَ ۾ صحافي آھي



