راجيو گانڌيءَ جي قتل جي جاچ بابت ويب سيريز
The Hunt: The Rajiv Gandhi Assassination Case
هيءَ سيريز صرف هڪ تفريحي مواد تي مبني ناهي، پر صحافتي معيارن ۽ تاريخي تجزيي جي روشنيءَ ۾ تيار ڪيل هڪ دستاويز آهي.
رشيد احمد خاصخيلي
ھندستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪيترائي اهم موڙ آيا، پر انهن مان سڀ کان گهڻو ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ رڪارڊ تي رهندڙ واقعو اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌيءَ جو قتل آهي، جيڪو 21 مئي 1991ع تي Sriperumbudur شهر ۾ هڪ خودڪش حملي دوران ٿيو. تازو ئي هن واقعي تي ٻڌل هڪ بھترين ويب سيريز “The Hunt: The Rajiv Gandhi Assassination Case” نالي سان ”Sony LIV“ پليٽفارم تي رليز ٿي آهي، جيڪا حقيقتن، ثبوتن ۽ جاچ جي باريڪين تي ٻڌل آهي…هي سيريز ھندستاني صحافي Anirudhya Mitra جي ڪتاب: ” Ninety Days: The True Story of the Hunt for Rajiv Gandhi’s Assassins ” تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 90 ڏينهن تائين هلندڙ سي بي آءِ جي تحقيق کي بنياد بڻايو ويو آهي. ڪتاب جو ليکڪ خود ان وقت سي بي آءِ سان لاڳاپيل هو، جنهن سبب کيس اصل وقت جي حقيقتن، فائلن ۽ فيلڊ تجربن تائين سڌي رسائي رھي ۽ بعد ۾ مٿئين نالي سان ڪتابَ لکيائين جنھن جي بنياد تي ھنَ سيريز جي اسڪرپٽ تيار ڪئي وئي آھي.
ھي ڪا روايتي سيريز نه آهي پر هڪ حقيقت تي ٻڌل تاريخي تحقيقي سيريز آهي، جنھن ۾ جاچ جا مرحلا، شاھد، فني تجزيا ۽ بين الاقوامي نيٽ ورڪن سان لاڳاپا پيش ڪيا ويا آهن. سيريز جو ڍانچو خاص طور تي ان طريقي سان تيار ڪيو ويو آهي، جو ڏسندڙن کي لڳندو تہ هو ڪنهن اندروني جاچ رپورٽ جو مشاهدو ڪري رهيا آھن، جيڪا جاچَ راجيو گانڌيءَ جي قاتلن جي ڳولھا لاءِ ٿئي پئي.
سيريز جي شروعات ۾ واقعي جي پسمنظر کي واضح طور پيش ڪيو ويو آهي: راجيو گانڌيءَ جي چونڊ مهم، LTTE سان وڌندڙ تڪرار، ۽ حملو ڪندڙ ڌرين جو اڳواٽ منصوبو،جاچ جي مرحلن ۾ سي بي آءِ جي ٽيم طرفان ثبوت گڏ ڪرڻ، بم ڌماڪي جي جڳھ جو تجزيو، تصويرن، DNA ۽ ٽيڪنيڪل ڊيٽا جي بيس لائنز سامهون آنديون ويون آهن، بين الاقوامي ڳانڍاپا بہ نمايان ڪيا ويا آهن، جڏھن تہ قاتلن جا دڳَ ڪيترن ئي شهرن ۾ ظاھر ٿين ٿا. ان سان گڏ انٽرپول جي ڪردار ۽ تامل باغين جي فطرت کي تحقيقي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
سي بي آءِ جي خاص ڊائريڪٽر DR Kaarthikeyan جو ڪردار، جنهن کي Amit Sial ادا ڪيو آهي، سيريز جي دل آهي. اهڙيءَ ريت، ٻيا ڪردار جهڙوڪ Bagavathi Perumal ۽ Sahil Vaid به سي بي آءِ جي داخلي ڪم ڪار، فيلڊ انٽيليجنس ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ کي انساني نقطي نظر سان پيش ڪن ٿا. ٽيڪنيڪل ۽ پريزنٽيشن جو انداز سيريز جي فلمبندي 90 جي ڏهاڪي جي ماحول کي صحيح نموني پيش ڪري ٿي. ڪيميرا جو ڪم، روشني، ۽ ريئل فوٽيج جهڙو ايڊيٽنگ انداز ڏسندڙ کي هڪ دستاويزي احساس ڏياري ٿو. گڏوگڏ، اصل واقعن جون وڊيو ڪلپس ۽ تصويرون وقت بوقت سيڪنڊري سورس جي طور تي ڏيکارڻ سان سيريز جي تصديق وڌي وڃي ٿي. هيءَ سيريز صرف هڪ تفريحي مواد تي مبني ناهي، پر صحافتي معيارن ۽ تاريخي تجزيي جي روشنيءَ ۾ تيار ڪيل هڪ دستاويز آهي.
The Hunt: The Rajiv Gandhi Assassination Case سيريز اُنھن لاءِ بہ اهميت رکي ٿي، جنهن راجيو گانڌيءَ جو نالو رڳو ڪتابن يا يادگار تصويرن ۾ ٻڌو آهي. هي هڪ يادگار موقعو آهي تاريخ سان ھڪ دفعو ٻيھر ملاقات ڪرڻ جو – حقيقتن جي اڻ کٽ سفر ۾.
____________
رشيد احمد خاصخيلي فريلانس ليکڪ آھي ۽ ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو



