Editor's pickMain Slideاوڀر ايشياڪالم

همٿ رکو، دلير ٿيو، پنهنجي ذات تي يقين رکو! – معذور پروفيسر سانگ-مُوڪ لِي

ٻہ ڏھاڪا اڳ آمريڪا ۾ ھڪ ارضياتي فيلڊ ورڪ دوران خطرناڪ حادثي ۾ ڳچيءَ کان ھيٺ مفلوج ٿيڻ باوجود علمي ۽ تحقيقي ڪم جاري رکندڙ ڏکڻ ڪوريائي پروفيسر لِيءَ لاءِ همٿ صرف هڪ نعرو ناهي.

سيئول نيشنل يونيورسٽي جي اسڪول آف ارٿ اينڊ انوائرنمينٽل سائنسز جو پروفيسر سانگ-مُوڪ لِي ڪئميرا آڏو مُرڪي رهيو آهي. 2006 ۾ آمريڪا ۾ جيولوجيڪل فيلڊ ورڪ دوران حادثي کانپوءِ ڳچيءَ کان هيٺ مفلوج ٿيڻ باوجود، هن ٻن ڏهاڪن تائين پنهنجي تحقيق ۽ تدريس جاري رکي آهي. ٻيهر اسپتال داخل ٿيڻ جي باوجود، هُو نوان چئلينجز قبول ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ۽ زور ڀري ٿو ته “همٿ، دليري، ۽ خود اعتمادي” اهم آهن. (فوٽو: ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي)

لِي سانگ-ڪِي

ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر؛ The AsiaN جو پبلشر

سيئول: هڪ خطرناڪ حادثي کي ٻه ڏهاڪا گذري وڃڻ کانپوءِ، جنهن کيس ڳچيءَ کان هيٺ معذور ڪري ڇڏيو هو، سيئول نيشنل يونيورسٽيءَ جو پروفيسر سانگ-مُوڪ لِي همٿ، دليري ۽ خود اعتمادي  ۽ اڏول  ارادي سان چئلينج  کي مُنھن ڏيڻ، نوان مقصد حاصل ڪرڻ ۽ علمي توڙي عوامي زندگيءَ ۾ حصو وٺڻ جاري رکي ٿو.

“همٿ سڀ کان اهم آهي. دليري ۽ خود اعتمادي به اوترائي ضروري آهن،” لِيءَ 15 نومبر تي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران THE AsiaN جي پبلشر لِي سانگ-ڪِي کي چيو، جڏهن هُو علاج جي لاءِ سيئول نيشنل يونيورسٽي اسپتال وڃي رهيو هو.

هن جا لفظ اهڙي فلسفي جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪو صرف علمي تجربي سان نه، پر ٻن ڏهاڪن تائين پنهنجي مقصد جي احساس کي نه وڃائيندي غير معمولي ذاتي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي.

2006 ۾، آمريڪا ۾ ارضياتي مطالعي دوران هڪ خطرناڪ حادثي لِيءَ کي ڳچيءَ کان هيٺ معذور ڪري ڇڏيو. هن واقعي سندس زندگيءَ جو رُخ ڊرامائي انداز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، پر ان سندس علمي ڪيريئر، تحقيق يا عوامي خدمت جي عزم کي ختم نه ڪيو.

ان جي بدران، هن تدريس، تحقيق ۽ اهڙن قدمن کي جاري رکيو جيڪي يونيورسٽيءَ کان ٻاهر تائين پکڙيل آهن.

صحت جا مسئلا بہ سندس عزم کي  شڪست نہ ڏئي سگھيا آھن. 2025 جي  سرءَ  کان وٺي، هو زخمن ۽ هڏن جي لڳاتار انفيڪشن سبب چار دفعا اسپتال داخل ٿي چڪو آهي.

“منهنجو هڏن جو انفيڪشن منهنجي اڳوڻي ڇھن هفتن جي اسپتال ۾ داخل هجڻ دوران مڪمل طور تي درست نه ٿيو هو. ڪرڻ لاءِ مون وٽ گھڻو ڪم آهي، پر اهي  مسئلا مون کي پوئتي ڇڪيندا ٿا رھن،” هن چيو.

ھن ڀيري بہ ٿي سگھي ٿو تہ کيس ٽي مھينا کن اسپتال ۾ رهڻو پوي، ڇو تہ کيس وڌيڪ اينٽي بايوٽڪ علاج جي ضرورت پوندي. علاج جي هڪ ٻئي مشڪل دور جي تياري ڪرڻ دوران به، لِي اهڙين سرگرمين ۾ شامل رهيو جيڪي تعليم، سائنس ۽ بين الاقوامي تعاون لاءِ سندس پائيدار عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون.

جون 2026 ۾ ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن (AJA) جي بورڊ تي مقرر ٿيڻ سان گڏوگڏ، هو 2027 جي انٽرنيشنل ارٿ سائنس اولمپياڊ جي تيارين ۾ پڻ سرگرم رهيو آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته سندس ارادا اڃا تائين مضبوط آھن.

زندگيءَ جي چئلينجز ۽ انساني ڪوششن جي غير يقيني نوعيت تي لِيءَ پنھنجو مشاھدو ونڊيندي چيو: “ڪم واريون شيون اڪثر عجيب نموني آساني سان  ٿي وڃن ٿيون.  ڪي شيون وري ماڻهن کي ٿڪائي سگهن ٿيون، پوءِ مقصد ڪيترو به سٺو هجي.“

ھي لفظ سندس وسيع تجربي ۽ مشاھدي جي هڪ جهلڪ پيش ڪن ٿا: عزم ضروري آهي، پر دانشمندي ان ڳالهه کي سڃاڻڻ ۾ پڻ آهي ته انسان ڪهڙن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي.

لِيءَ لاءِ، همٿ صرف هڪ  نعرو ناهي. ھمٿ  اڳتي وڌندو رهڻ، فڪري طور تي جڙيل رهڻ ۽ رڪاوٽن ۽ غير يقيني صورتحال جي باوجود نيون ذميواريون قبول ڪرڻ جي  فيصلي مان ظاھر ٿيندي آھي.

سندس پيغام خاص طور تي نوجوان نسلن سان لاڳاپيل آهي. علم، صلاحيت ۽ تمنا اهم آهن، پر انهن سان گڏ شروعات ڪرڻ جي همٿ، نوان امڪان تلاش ڪرڻ جي دليري ۽ خيالن کي عمل ۾ بدلائڻ جو خود يقين هجڻ ضروري آهي.

حادثي کي ٻه ڏهاڪا گذري وڃڻ کانپوءِ، جنهن سندس زندگي کي بنيادي طور تي تبديل ڪري ڇڏيو، پروفيسر سانگ-مُوڪ لِي انهن اصولن تي عمل جاري رکي ٿو جن جي هو وڪالت ڪري ٿو.

سندس سفر ان ڳالهه جي ياد ڏياريندڙ آهي ته زندگيءَ جون حالتون ڊرامائي طور تي تبديل ٿي سگهن ٿيون، پر سرگرم رھڻ ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪنهن شخص جي صلاحيت کي غائب ٿيڻ جي ضرورت ناهي.

همٿ رکو، دلير بڻجو، پنهنجي ذات تي يقين رکو ۽ عمل ڪريو.

لِيءَ لاءِ، اهي صرف همٿ افزائي جا لفظ ناهن. اهي اهڙا اصول آهن جن تي عمل ڪندي هُو پنھنجي زندگي گذاري رھيو آھي.

____________

Lee-Sang-ki-2-150x150

لِي سانگ-ڪِي ، ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر؛ The AsiaN جو پبلشر

دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button