Editor's pickMain Slideڪالم

رُڪ ريلوي اسٽيشن: ڀڳت ڪنور رام جي شهادت کان انتظامي بي حسيءَ تائين!

افسوس جو جنهن رُڪ ريلوي اسٽيشن تي عظيم صوفي فنڪار، انسان دوست ۽ مذهبي رواداريءَ جي علامت ڀڳت ڪنور رام جي شهادت جو واقعو پيش آيو، اها اسٽيشن اڄ پنهنجي تاريخي عظمت جي ابتڙ بدانتظامي، بي ڌياني ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند جو منظر پيش ڪري رهي آهي.

نسيم بخاري

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪي هنڌ رڳو جاگرافيائي اهميت نٿا رکن، پر اهي پنهنجي اندر اهڙيون ڪهاڻيون، واقعا، قربانيون ۽ يادون سانڍي ويٺا آهن، جيڪي نسلن تائين ماڻهن جي اجتماعي شعور جو حصو بڻيل رهن ٿا. رُڪ به اهڙو ئي هڪ تاريخي هنڌ آهي، جنهن جو نالو وٺندي ئي سنڌ جي عظيم صوفي فنڪار، انسان دوست ۽ مذهبي رواداريءَ جي علامت شهيد ڀڳت ڪنور رام جي ياد تازي ٿي وڃي ٿي. پر افسوس جو جنهن رُڪ ريلوي اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور رام جي شهادت جو واقعو پيش آيو، اها اسٽيشن اڄ پنهنجي تاريخي عظمت جي ابتڙ بدانتظامي، بي ڌياني ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند جو منظر پيش ڪري رهي آهي.

آچر ڏينھن مون کي رُڪ ريلوي اسٽيشن ڏسڻ جو موقعو مليو. مون سان گڏ شڪارپور ميونسپل ڪميٽيءَ جو اڳوڻو چيئرمين ۽ پيپلز پارٽيءَ جو نظرياتي اڳواڻ لالا لياقت پٺاڻ، نقاد عدل مهر ۽ اڳوڻو استاد، اسڪائوٽنگ سان لاڳاپيل شخصيت ۽ صوفي بيدل لائبريريءَ جو انچارج انور علي سومرو به هئا. اسان جو هي دورو ڪنهن سرڪاري پروٽوڪول، سياسي تقريب يا رسمي دعوت جو حصو نه هو، پر هڪ تاريخي هنڌ کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ، ان جي موجوده حالت کي سمجهڻ ۽ ماضيءَ جي عظمت سان اڄ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو نتيجو هو.

اسٽيشن تي پهچڻ شرط ئي جيڪا صورتحال سامهون آئي، سا مايوس ڪندڙ هئي. ٽڪيٽن جون دريون ته نظر آيون، پر ڪو ڪلارڪ موجود نه هو. اسٽيشن ماسٽر به نظر نه آيو. هڪ شخص سول لباس ۾ مليو، جنهن پنهنجو تعارف ريلوي پوليس جي سپاهي طور ڪرايو. اسٽيشن تي نه ڪا چهل پهل هئي، نه مسافرن جي اچ وڃ جو ڪو نمايان منظر ۽ نه ئي انتظامي سرگرمين جا آثار.

صفائيءَ جو به ڪو مناسب انتظام نظر نه آيو. مسافرن لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت موجود نه هئي. عام طور تي ڪنهن به ريلوي اسٽيشن تي مسافرن کي جيڪي بنيادي سهولتون ملڻ گهرجن، تن جي کوٽ هتي چٽيءَ طرح محسوس ٿي رهي هئي.

 پل جي ٻنهي پاسن کان مٿي چڙهڻ ۽ هيٺ لهڻ لاءِ ڪاٺ جي تختن سان ڏاڪڻيون ٺاهيون ويون آهن. انهن مان ڪيترائي تختا ڀڳل آهن، جڏهن ته ڪجهه تختا پير رکڻ سان ئي سرڪڻ يا پنهنجي جاءِ تان کڄڻ جو احساس ڏيارين ٿا. ڪيترن هنڌن تي تختن جي حالت اهڙي آهي، جو انهن تي هلڻ وقت هر قدم احتياط سان رکڻو پوي ٿو.

هيءَ ڪا معمولي خرابي ناهي. ريلوي اسٽيشن تي پل مسافرن جي حفاظت لاءِ ٺاهي ويندي آهي، پر جيڪڏهن ان جون ڏاڪڻيون ئي غيرمحفوظ هجن ته پوءِ اها سهولت بدران خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ٻار، پوڙها، عورتون، معذور ماڻهو ۽ سامان کڻي هلندڙ مسافر اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ خطري هيٺ هوندا. ڪنهن وڏي حادثي جو انتظار ڪرڻ بدران ريلوي اختيارين کي فوري طور انهن ڏاڪڻين جي مرمت ۽ محفوظ متبادل جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.

اسٽيشن جي ويجهو هڪ ننڍڙي مسجد موجود آهي.  معلوم ٿيو ته وضو خاني جو ڪو بندوبست ناهي. نلڪي مان وضو ڪري نماز ادا ڪجي ٿي. مسجد ۾ غسل خاني جي سهولت به موجود نه هئي.

 اتي موجود هڪ نوجوان، جنهن کي مقامي ماڻهو مولوي سڏي رهيا هئا، اسان کي مخاطب ٿيندي چيو ته سائين، هن مسجد ۾ بيٽري ناهي، اوهان اها عنايت ڪريو.

اسان کيس ٻڌايو ته اسان ته رڳو گهمڻ ۽ تاريخي هنڌ ڏسڻ آيا آهيون، نه اسان ڪو سرڪاري عملدار آهيون ۽ نه ئي اهڙي خرچ جي ذميواري کڻي سگهون ٿا.

اسان رات جي وقت مڇرن جي صورتحال بابت به پڇيو ته ٻڌايو ويو ته هتي مڇر تمام گهڻا ٿين ٿا. هاڻي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته رات جو اتي موجود رهندڙ ماڻهو ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏيندا هوندا. مسجد ۾ بجليءَ جي متبادل انتظام، وضو خاني ۽ غسل خاني جي کوٽ پنهنجي جاءِ تي، پر مڇرن جي گهڻائي به هڪ اهم مسئلو آهي.

ڇا ريلوي انتظاميا جي اها ذميواري ناهي ته پنهنجي ملڪيت اندر موجود عبادتگاهه جي صفائي، روشني ۽ بنيادي سهولتن جو بندوبست ڪري؟

ليکڪ (کاٻي) پنھنجي دوستن سان

رُڪ ريلوي اسٽيشن جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته هر سال پهرين نومبر تي هتي هڪ غيرمعمولي انساني منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ڏينهن شهيد ڀڳت ڪنور رام جي شهادت جي ياد سان وابسته آهي. زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو، هر نسل، هر طبقي، هر قوم ۽ هر مذهب جا فرد هتي گڏ ٿين ٿا. هر ماڻهو پنهنجي عقيدي، سوچ ۽ انداز مطابق شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ ساڳئي ڏينهن واپس روانو ٿي وڃي ٿو.

هي منظر سنڌ جي صوفياڻي مزاج، مذهبي رواداري ۽ گڏيل انساني قدرن جي خوبصورت عڪاسي ڪري ٿو. ڀڳت ڪنور رام جي ياد ڪنهن هڪ مذهب، برادري يا طبقي تائين محدود ناهي. هو پنهنجي محبت، موسيقي، انسان دوستي ۽ مذهبي هم آهنگيءَ سبب سنڌ جي گڏيل ثقافتي ورثي جو حصو بڻجي چڪو آهي.

پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پهرين نومبر تي هزارين احساسن ۽ يادگيرين سان ماڻهو هن هنڌ تي گڏ ٿي سگهن ٿا ته باقي سال هن تاريخي اسٽيشن کي سنوارڻ ۽ زنده رکڻ لاءِ ڪير اڳتي نه ٿو اچي؟ ڇا شهيد جي ياد کي رڳو هڪ ڏينهن جي تقريب تائين محدود رکڻ گهرجي؟ ڇا سندس نالي سان جڙيل هن تاريخي هنڌ جي حفاظت، صفائي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪو مستقل منصوبو نه هجڻ گهرجي؟

رُڪ جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ انگريزن جي دور ڏانهن واپس وڃڻو پوندو. اڄ جنهن هنڌ تي ويرانگي ۽ انتظامي بي ڌياني نظر اچي ٿي، اهو ڪنهن زماني ۾ ريلوي، واپار ۽ فوجي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان وڏي اهميت رکندو هو.

1879ع ۾ انگريزن رُڪ کان سبي تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو. تاريخي بيانن موجب تقريباً 220 ڪلوميٽر کان وڌيڪ ڊگهي هن لائين کي 101 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويو. ان منصوبي جي پويان رڳو مقامي آمدرفت جو خيال نه هو، پر انگريزن جي افغانستان ۽ وچ ايشيا تائين رسائيءَ واري فوجي ۽ سياسي حڪمت عملي به شامل هئي.

انگريزن جي خواهش هئي ته ريلوي ذريعي افغانستان جي اهم علائقن، قنڌار ۽ ڪابل تائين رابطن کي وڌايو وڃي ۽ اڳتي وچ ايشيا تائين پهچڻ جا امڪان پيدا ٿين. ان زماني ۾ رُڪ هڪ عام ڳوٺ يا ننڍڙي اسٽيشن نه هو. هتي ريلوي ڪالوني، انگريز عملدارن جون رهائشگاهون، بازار ۽ ٻيون سهولتون موجود هيون. اسٽيشن جي سامهون فوج جو ڊيري فارم پڻ هوندو هو.

اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو ته رُڪ ڪڏهن هڪ وڏي انتظامي، تجارتي ۽ ريلوي سرگرميءَ جو مرڪز هو. ان جي اهميت رڳو شڪارپور يا سکر تائين محدود نه هئي، پر برطانوي هندستان جي اتر اولهه طرف فوجي ۽ مواصلاتي منصوبن سان به جڙيل هئي.

مقامي سطح تي هڪ مشهور تاثر اهو آهي ته پهرين نومبر 1939ع تي ڀڳت ڪنور رام جي شهادت کان پوءِ رُڪ جي رونق ختم ٿي وئي ۽ اسٽيشن ويران ٿيڻ لڳي. هن تاثر کي تاريخي اهميت ضرور حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي عظيم شخصيت جي شهادت ڪنهن به هنڌ جي اجتماعي يادگيريءَ تي گهرا اثر ڇڏيندي آهي.

پر تاريخي پسمنظر جو جائزو وٺڻ وقت واقعن ۽ سببن ۾ فرق رکڻ ضروري آهي. رُڪ جي ريلوي ۽ تجارتي اهميت گهٽجڻ جو هڪ وڏو سبب ريلوي لائين جي رخ ۾ تبديلي به ڄاڻايو وڃي ٿو. سبي طرف ويندڙ ريلوي رابطي جو رستو رُڪ کان هٽائي سکر سان سڌو ڳنڍڻ سبب رُڪ جي مرڪزي حيثيت متاثر ٿي. نتيجي ۾ ريلوي سرگرمين، واپار ۽ آباديءَ جي پراڻي رونق ۾ گهٽتائي آئي.

 ان جي زوال ۾ مواصلاتي رستن جي تبديلي، واپاري سرگرمين جي منتقلي ۽ انتظامي ترجيحن جو به ڪردار رهيو آھي .

ڀڳت ڪنور رام جي شهادت پهرين نومبر 1939ع تي رُڪ ريلوي اسٽيشن تي ٿي. سندس زندگي ۽ فن سنڌ جي صوفي روايت جو اهڙو باب آهن، جنهن ۾ محبت، انسان دوستي ۽ مذهبي رواداريءَ جا رنگ نمايان نظر اچن ٿا.

سندس آواز ۽ ڪلام ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندا هئا. هن جي فن ۾ انسان جي سڃاڻپ مذهب، ذات يا برادريءَ کان مٿانهين هئي. شايد انهيءَ ڪري اڄ به سندس ياد ۾ مختلف مذهبن ۽ طبقن جا ماڻهو گڏ ٿين ٿا.

رُڪ اسٽيشن کي جيڪڏهن تاريخي ورثي طور محفوظ ڪيو وڃي، اتي ڀڳت ڪنور رام جي شهادت بابت معلوماتي تختي لڳائي وڃي، سندس زندگيءَ جي اهم واقعن کي تصويرن ۽ لکڻين وسيلي پيش ڪيو وڃي ته اهو هنڌ سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي سياحت جو اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو.

اسان جي دوري دوران هڪ ڳالهه اها به محسوس ٿي ته رُڪ هاڻي  ننڍڙي ڳوٺ واري حالت ۾ محدود ناهي رهيو. اتي آبادي وڌي رهي آهي ۽ علائقو آهستي آهستي اڀرندڙ شهر جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ريلوي اسٽيشن جي حالت وڌيڪ افسوسناڪ آهي.

جڏهن ڀرپاسي جي آبادي ترقيءَ طرف وڌي رهي آهي ته پوءِ اسٽيشن جي بنيادي سهولتن ۾ بهتري ڇو نه ٿي اچي؟ ڇا ريلوي انتظاميا کي علائقي جي وڌندڙ آباديءَ، مسافرن جي ضرورتن ۽ موجوده ريلوي سروسز جو جائزو نه وٺڻ گهرجي؟

2023ع ۾ موهن جو دڙو ايڪسپريس جي بحاليءَ وقت اٺ ڪوچن واري گاڏي هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو

تاريخي ورثي کي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن

رُڪ ريلوي اسٽيشن جي بحاليءَ لاءِ ڪي وڏا يا ناممڪن مطالبا ناهن. شروعات بنيادي سهولتن کان ڪري سگهجي ٿي.

ريلوي اختيارين کي گهرجي ته اسٽيشن تي مقرر عملي جي موجودگيءَ کي يقيني بڻائين، ٽڪيٽن جي فراهميءَ جو نظام فعال رکن، روزاني صفائي ڪرائين، مسافرن لاءِ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جو بندوبست ڪن ۽ پل جي خطرناڪ ڪاٺين وارين ڏاڪڻين کي مضبوط، محفوظ ۽ پائيدار ڏاڪڻين سان تبديل ڪن. جيڪڏهن ريلوي انتظاميا وٽ وسيلن جي کوٽ آهي ته ضلعي انتظاميا، مقامي چونڊيل نمائندن، سماجي تنظيمن ۽ شهري حلقن سان گڏجي سهڪار جو طريقو اختيار ڪري سگهجي ٿو.

ساڳئي وقت ثقافت ۽ سياحت کاتي کي به رُڪ اسٽيشن جي تاريخي حيثيت جو جائزو وٺڻ گهرجي. ڀڳت ڪنور رام جي شهادت واري هنڌ کي تاريخي يادگار طور سڃاڻپ ڏيڻ، معلوماتي تختيون لڳائڻ، تاريخي عمارتن جي بچاءَ ۽ پهرين نومبر جي تقريبن کي منظم ڪرڻ لاءِ مستقل منصوبو جوڙڻ گهرجي.

آخر ۾ هڪ سوال

رُڪ جي ڪهاڻي رڳو هڪ ريلوي اسٽيشن جي زوال جي ڪهاڻي ناهي. اها سنڌ جي ريلوي تاريخ، انگريزن جي فوجي حڪمت عملي، واپار، مذهبي رواداري، صوفي روايت ۽ ڀڳت ڪنور رام جي شهادت سان جڙيل هڪ گڏيل تاريخ آهي.

اسان اڄ هڪ اهڙي هنڌ تي بيٺا هئاسين، جتي ماضيءَ ۾ ريلوي جي گونج، واپار جي رونق ۽ ماڻهن جي اچ وڃ هوندي هئي، پر اڄ اتي خاموشي، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ غيرمحفوظ ڏاڪڻيون نظر اچن ٿيون.

 هي دورو اسان لاءِ هڪ سوال ڇڏي ويو ته ڇا سنڌ پنهنجي تاريخي ورثي کي رڳو يادگيرين، تقريرن ۽ سالياني تقريبن تائين محدود رکندي يا ان کي عملي طور محفوظ ڪرڻ لاءِ به اڳتي ايندي؟

ڀڳت ڪنور رام جي ياد ۾ پهرين نومبر تي گڏ ٿيندڙ ماڻهو اسان کي اهو پيغام ڏين ٿا ته محبت ۽ رواداريءَ جا رشتا اڄ به زنده آهن. ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته انهن رشتن سان وابسته تاريخي هنڌن کي به زنده رکيو وڃي.

رُڪ کي ٻيهر آباد ڪرڻ شايد ممڪن نه هجي، پر ان جي تاريخ، ريلوي اسٽيشن جي وقار ۽ مسافرن جي بنيادي سهولتن کي بحال ڪرڻ ضرور ممڪن آهي. سوال اهو ناهي ته رُڪ ماضيءَ ۾ ڪيترو اهم هو؛ اصل سوال اهو آهي ته اسان اڄ ان جي اهميت کي ڪيترو سمجهون ٿا؟

__________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button