سڏي ٿي سنڌ توکي اڄ اڏيءَ تي اچ، ڪرين ڪا شال تون گجگوڙ ورقن ۾
غزل جي حُسناڪين جو خوبصورت شاعر ناصر چاچڙ پنهنجي ديس جي شاعرن جو اهو تسلسل آهي جن جي شاعري سماجي المين مان ڦٽي نڪتي آهي. منجھس سماجي شعور ايترو تہ نظر اچي ٿو جو غزل جھڙي صنف ۾ بہ هر هنڌ گھاوَ، سور ۽ درد نئين معني سان دل کي ڇھي وٺن ٿا
رياض شاھد دايو
شاعري جي وسعت ڀري آڪاس تي غزل اھڙي صنف آھي جنھن ۾ فڪر ۽ ذڪر جا اھڙا گل ٽڙن ٿا جن جا رنگ ۽ روپ مختلف ھوندي بہ اھڙي خوشبوء سان معطر ڪن ٿا، جنھن جي ھٻڪار ۾ ھرڪو واسجي وڃي ٿو ۽ پنھنجي پسند جي خوشبو جھٽي وٺي ٿو.

جيئن ڪانٽ چئي ٿو تہ : “ڪا شئي جيڪڏھن حسين آھي تہ ان جي حسن جو جواز اسان وٽ ناھي ھوندو. اھا شئي ٻين لاء بہ حسين ھوندي آھي ڇو تہ انسانن ۾ احساس جي سطح ھڪجھڙائيء واري ھوندي آھي، ان صورت مان حسن مان ملندڙ مسرت جو دائرو وسيع ٿيندي آفاقي حدن کي ڇھڻ لڳي ٿو” اسان جي پنو عاقل ۾ جنم وٺندڙ سنجيدگي سان سانت ۾ تخليقون سرجيندڙ ناصر چاچڙ بہ رومانوي انداز سان اسان سڀني کي پنھنجي شاعريء ۾ تخليقي جمال جا جلوا پسيا بہ آھن تہ پسايا آھن،ھونء بہ حسن ۽ عشق شاعرن جو پسنديدہ موضوع رھيو آھي. اھڙي طرح اسان جي شاعر بہ چوٽيان تيل چنبيليا وانگر پنھنجي شاعريء ۾ رومانوي احساسن کي غنايت ۽ دل آويز ۽ من موھيندڙ انداز سان پيش ڪيو آھي، جيڪو من کي موھي ٿو ڇڏي:
ڳوڙھن سان اوچتو اک ڇُلي پئي،
ڳالھ تَر ۾ راز واري کلي پئي.
خاموشي ڀي راز رکي ٿي،
قاتل ھڪ انداز رکي ٿي.
تو بنا جا رات گذري،
ڀانءِ ڪا سڪرات گذري.
راھہ ڪنھن جي نھارين پئي دريءَ مان،
نيڻ ڪنھن لاءِ ٻارين پئي دريءَ مان.
احساسن تي وار تنھنجي شھر ۾،
خواب ٿيا سنسار تنھنجي شھر ۾.
جیون ڀي زندانن وانگي،
بيوسن ڪن انسانن وانگي.
زندگي واري سانت ۾ سڏڪا ھيا،
گيت منھنجا تو بنا تڙپيا ھيا.
ايئن چئي سگھجي ٿو تہ ناصر چاچڙ پنھنجي ٽهيءَ جو پيارو غزل گو شاعر آھي. ھن اندر جي سچائي، فني پختگي ۽ حساس جذبن کي پنھنجي شاعريء جي ڪتاب “سُرن جا سنيھا” ۾ پيش ڪري پنهنجي حصي جي ڪوتائن جو جهان جوڙيو آهي.
جھان جا سڀئي بر بڻيا جنتون ۽،
اسان جي ٿرن تي اداسي ستل آ.
ناصر چاچڙ دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي ۽ خاص ڪري بر بہ جنت سمان ٿيندي ڏٺا آھن. جڏھن تہ پنھنجي ٿر جي حالت ڏسي اداسين جي پاتال ۾ گم ٿي وڃي ٿو، اها اداسي هن جي تخليقن کي نکاري ٿي، جنهن ۾ فن ۽ فڪر سان گڏ اجھل سوچن جو وسڪارو هوندو آهي، اھا اداسي زندگيء ۾ سماجي نشو نما نہ ٿيڻ کي، فطري طور حساس شاعر پنھنجي وطن جي ھر حصي کي جنت جي تصور جيئن گل گلزار ڏسڻ ٿو چاھي ۽ اھڙي معاشري لاءِ جتي ترقيء جا سڀ رستا عام ٿي وڃن ھر ماڻھوءَ لاءٕ ھڪ جيترا موقعا ھجن،هو گهڻ پڙهيو شاعر آهي، جنهن پنهنجي ڏات ۾ تخليقن جا دروازا کولي رکيا آهن، پر هن جو اظهار صرف پنهنجو آهي
دکم دکم دل بڻيس نہ گھڙي ڪو چين ناصر،
سنجھي ستو سوڳوار ھو ڪو زندگيءَ کان!!
ناصر جي شاعريءَ ۾ رومانوي احساس بہ وڏي فني ۽ جمالياتي شعور جو عڪس آھن، سندس غزلن ۾ احساسن جي پالوٽ ٿيل آھي، جنھن ۾ دل جي دکڻ کان وٺي سوڳوار سمھڻ تائين ھڪ درد جي پيڙا آھي. پر ناصر وٽ مايوسي جو ڪو عنصر ناهي، هن کي خبر آهي تہ ڪو بہ شاعر نراساين جو داعي هوندو تہ هو پنهنجي تخليقن کي ڪائنات جي ريکائن ۾ ڪيئن امر ڪري سگهي ٿو،جيئن سندس هي شعر آهي
ابر اوصاف اکلن سڀ اکين جا،
وڏ ڦڙو ٿو وسي ڪاڏي وڃين ٿو.
ھڪ ٻئي بند ۾ چئي ٿو تہ:
ھر پردي جي ڪُک ۾ راز نئون آ،
ھر پردي مان ٿا اسرار پڪارن.
ناصر جي شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ جا ستارا جرڪي رهيا آهن، ڪيترن ئي غزلن ۾ ھو پنھنجي مٽي سان جڙيل نظر اچي ٿو.
سڏي ٿي سنڌ توکي اڄ اڏيءَ تي اچ،
ڪرين ڪا شال تون گجگوڙ ورقن ۾.
تنوير عباسي سنڌي ٻوليءَ جو اھو ترقي پسند شاعر ۽ اديب ھو جنھن پنھنجي ٻوليءَ جي خدمت سان گڏ انسانيت جي خدمت پنھنجي مرتئي کان پوءِ پنھنجي عضون جو عطيو ڏئي ڪئي، جنھن کي شاعر ھن طرح پيش ڪري ٿو:
اک ٻوٽيندي ڏيئي ويا ھت،
نذرانا تنوير اکين جا.
تخليقي عمل ھڪ اھڙو مشاھدو آھي جنھن جي process مان گذرندي شاعر يا اديب اھڙي ڪيفيت مان پار پون ٿا جيڪا داخلي ۽ خارجي جذبن جي شدت سندن تخليق مان پروڙي سگھجي ٿي. جيئن ناصر جي ھن غزل ۾ واضح محسوس ٿئي پيو :
ھر پل آنءُ صليب چڙھان ٿو،
ڄڻ ڪا آھي سوري رچنا.
يا چئي ٿو تہ:
آڳ ڇڏيا احساس پچائي،
ڀانيا ناصر کوري رچنا.
يا ھن غزل ۾ ڏسو
سچ اھڙو ڪوي جي زبان مان ٻُري،
ڪرڀ جي جيئن دستار ڪاڻي لڏي.
هو پنهنجي ديس جي شاعرن جو اهو تسلسل آهي جن جي شاعري ھن سماجي المين مان ڦٽي نڪتي آهي، تنھن ڪري ھن ۾ سماجي شعور ايترو تہ نظر اچي ٿو جو غزل جھڙي صنف ۾ بہ هر هنڌ گھاوَ، سور ۽ درد نئين معني سان دل کي ڇھي وٺن ٿا. جيئن ھن غزل ۾ ناصر لکي ٿو:
ملن ٿا گھاؤ مرھمن منجھان،
پڇين پيو ڇو؟ سور ڇا سلي بدن؟
۽ ٻي بند ۾ چئي ٿو
بڻيو سرد ھو جون ۾ ڇھاءُ سان،
ٿو جنوريءَ ۾ بہ ڪٿي جلدي ٻڌڻ.
ماڻھوءَ جي زندگي بہ انڊلٺي رنگن جيان آھي، جنھن ۾ محبت بہ آھي تہ رنج ۽ غم بہ آھي. انھن سمورن رنگن کي جنھن نموني سان ناصر ڳوهي پيش ڪري ٿو، اھڙي ترتيب هر شاعر جي وس ۾ ناهي هوندي، هن وٽ جدا جدا پوپٽ جهڙا رنگ بہ آھن جيڪي دل ربا روپ ڌاري وٺن ٿا. شاعريءَ جي اهڙي سڳنڌ ۾ پنهنجو الڳ احساس آهي، انهن ۾ پنھنجي معني جا موتي پڻ آهن تہ درياھ واري رواني بہ نظر اچي رهي آهي
سلي ٿي ساھ سان ڪي ساز تنھائي.
ڪري افشان انوکا راز تنھائي.
ڪٿي روئن، لڪي ٿڙپن، لڪي ڳائن،
لڳن پنھنجا اھي ھمراز تنھائي.
يا
شعلن وانگي ٻرن ٿا سپنا،
ڪين ڪڏھن بہ ٺرن ٿا سپنا.
مون وٽ ڪجھ رھيو ئي ناھي،
مون کان ڪجھ گھرن ٿا سپنا.
امن ۽ آزاديء جا ڪيئي،
نيڻ منجھ ٽڙن ٿا سپنا
ناصر چاچڙ جي شاعري هر آفاقي اڏام وانگر احساساتي جذبن سان ڀري پئي آھي. سندس غزل پڙھندي ايئن محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ پنھنجي ئي دل جي ڳالھ ٿي رھي آھي. ڇو تہ سندس غزل مصنوعي بناوٽ کان ڪوھين ڏور آھن، اهي من ۽ مغز ۾ اھڙو اثر ٿا ڇڏين جنھن ۾ پنھنجائپ محسوس ٿئي ٿي. جيئن ھن غزل کي پڙھندي دل جي تڙپ وڌي وڃي ٿي:
سپنا ۽ ساڀيائون تڙپن،
من ۾ ٿيون آشائون تڙپڻ.
جن جو تو وٽ داد ئي ناھي،
سيئي يار صدائون تڙپڻ.
رات بہ چنڊ ۽ تارا تڙپيا،
شايد ھاڻي ھوائون تڙپڻ.
يا
فطرتن جا راز کولي ڪير ٿو،
منجھ مون ۾ ٻول ٻولي ڪير ٿو.
ڳالھ منھنجي ۾ بہ ڪوئي ڳجھ آ،
ڳجھ ڳولي ۽ پرولي ڪير ٿو.
چپن ۾ ڀڪوڙيل سوچون ڪيئي ،
موہ ڪھڙي مثال تي بيٺو آھي.
مان تہ ڇرڪي وڃان ٿو خوف کان تڏھن،
جي غصي ۾ کڄن ٿا اگر نيڻ ڪي.

غزل جي فني حسناڪين سان گڏوگڏ ناصر هن صنف ۾ جدت ۽ انفراديت جو رنگ بہ پيدا ڪيو آھي. جنھن ۾ سادگي سان گڏ معنوي پھلو بہ سهڻي نموني سمايل آهن، جيڪي دل ۽ دماغ تي اڻ مٽ نقش چٽي ڇڏين ٿا. ھن جي غزلن ۾ تلخ حقيقتون بہ غزل جي جماليات کي متاثر نٿيون ڪن، ويتر ھن جي انفراديت جو اھڃاڻ وڌي ٿو وڃي، سندس غزل جو ھي مطلع ڏسو:
روح، رشتا، روشنيون، بتيون، الوداع،
چنڊ، تارا، سج ۽ ڪَتيون الوداع.
رھي ٿي روح تي رم جھم وسي ٿي سار جي موسم،
بڻيو قاتل مسيحا آ، اچي وئي دار جي موسم.
ناصر چاچڙ وٽ چاھڻ، پوء سر جھڪائڻ محبت جو استعارو بڻجي پئي ٿي. ھيٺين غزل ۾ ڏسي سگھجي ٿو:
چنڊ چاھڻ بہ وسري ويو،
پاڻ ٺاھڻ بہ وسري ويو.
يا
گھاؤ ھڪ تي ساھ منھنجو ٿي وڃي صدقي متان،
يا تہ ناصر گھاؤ تنھنجي تان ڪيان صدقي پرين.
يا
ھي سڀ چاھت جا اھڃاڻ رھن ٿا،
اک ۾ ڳوڙھا پنھنجو پاڻ رھن ٿا.
احساسن مان خون ٽمي ٿو اڄ ڀي،
ناصر جذبا رتو ڇاڻ رھن ٿا.
ناصر چاچڙ جي شاعري داخلي ڪيفيتن سان گڏ سماجي شعور جي ململي ويس ۾ موجود آهي، سندس تخيل ذھنن کي جھنجھوڙيندي ان راھہ کي ھموار ڪرڻ لاء مسلسل ووڙيندي نظر اچي ٿو. جنھن جو مثال ھيٺين غزل ۾ پسي سگھجي ٿو، اهڙا ڇرڪائيندڙ احساس ئي هن کي منفرد ڪري بيهارن ٿا
پيٺ بکيء کان نان ڦري ويو ڪوئي،
ھن کان ڄڻ ڀڳوان ڦري ويو ڪوئي.
يا
تتي ڀي اسان جي، ٿڌي ڀي اسان جي، اسان نڀايون سڀ،
سوائي مگر پنھنجي پرڀات سان دل لڳي رھي آھي.
يا
او بلاول! زندگي گھاڻو لڳي پئي اڄ،
چيخ مظلوم جي شل آسمان لوڏي.
يا
تاسارو تن آ ٿر وانگي،
نيڻ تہ ڇلڪن منڇر وانگي.
يا
روپ يزيد ٿو مٽي اچي دنيا ۾ نوان،
ھاءِ ھت ڪربلائن جو سلسلو کٽي ئي نٿو.
يا
جيون ڀي زندانن وانگي،
بيوس ڪن انسانن وانگي.
شاعريء ۾ غزل جي صنف کي اڄ بہ رديف، قافيي، مطلع، مقطع ۽ ٻن سٽن ۾ خيال کي قيد ڪرڻ جي پابندي ايئن لاڳو آھي جيئن غزل جي اوائلي دور ۾ ھئي. جديد دور ۾ غزل خيالن، جذبن ۽ ٻوليء جي حوالي سان ڪيترن ئي رنگن ۾ رنگجي نروار ٿيو آھي.
ناصر جي ھن شاعري جي مجموعي ۾ اھي سڀ غزل جا لوازمات پورا نظر اچن ٿا جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي. سندس رديفن سان خوبصورت نڀاءُ نظر اچي ٿو، جنھن ۾ نواڻ جي ندرت پسجي پئي. ھن غزلن ۾ اھڙي لھجي جي ساک کي بحال رکيو آھي جيڪو لھجو روايتي تغزل کان گهڻو پري آهي، هن وٽ ڪلاسڪيت وارو خوبصورت انداز پنهنجي ڌرتيءَ جي گيڙو رنگن جهڙو آهي، هن عشق ۽ محبت جي اظهار کي برقرار رکندي انھن خيالن کي بہ جاءِ ڏني آھي جيڪي سماج جي المين ۽ دردن ۾ شدت جا مظھر آھن. ھونءَ بہ تخليق ڪار تخليق ڪندي تجربا بہ ڪري ٿو تہ پنھنجي سماج ۾ جيڪو ڪجھ آھي ان جي اثر کي بہ قبول ڪري ٿو. اھڙو عمل فن کي جلا بخشي ٿو ۽ فنڪار جي دائميت بہ اھڙي ئي فن ۾ آھي. حقيقت ۾ شاعري اصل ۾ سڄي ڄمار جي پونجي ھجي ٿي، جنھن کي ھوش و حواس سان گڏ ديوانگي جي حد تائين چاھڻ، محبت ۽ رياضت سان حاصل ڪري سگهجي ٿو.
اھڙي طرح ناصر بہ شاعريءَ جي ديوي کي پنهنجي ديوانگي جي حد تائين پيار ڪيو آھي ۽ سندس ھي شاعريءَ جو مجموعو “سُرن جا سنيھا” سڀني سونهن ورونهن سان رومانس رکندڙ ماڻھن جي دل جي ڌڙڪڻ جو درجو ماڻيندو ۽ اميد آھي تہ محبت سان پڙهي شاعر جي هن تخليقي پورهئي کي ڀرپور مڃتا ۽ موٽ ڏني ويندي، انهيءَ کان وڌيڪ ناصر جي روح جي تسڪين ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
_______________

رياض شاھد دايو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر آهي. ڪراچي ۾ رھي ٿو.



