Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

مورو، جتي سينڊل، بُوٽ ۽ جُتيون ٺاھڻ جو فن ۽ ڪاريگر وقت جي وِيرَ ۾ گُم ٿي ويا

ساھتي شھر موري جي شاهي بازار جون گهٽيون هنر ۽ ڪاريگريءَ جو مرڪز هونديون هيون. شاهي بازار جي ڀر پاسي جي هوا ۾ ڪچي چمڙي جي خوشبوءِ پکڙيل هوندي هئي. مُترڪن جي مدد سان ڪوڪن جي ٺڪ ٺڪ، سوئيءَ سان ڌاڳو ڇڪڻ جو هلڪو آواز  ۽ ماهر ڪاريگرن جي سنجيده ۽ سخت محنت ۽ سندن هٿن جي حرڪت ۾ مهارت، صبر ۽ عشق نظر ايندو هو.

اڄ اهو منظر ۽ هنر لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي. اهي ماهر ڪاريگر غائب ٿي ويا آهن، اوزارن جو آواز ماٺ ٿي ويو آهي. هن هنر جو ختم ٿيڻ اسان جي تاريخ جي هڪ باب جو گم ٿيڻ آهي. اڄ اهو سوال اڀري ٿو ته اهي سونهري هٿن وارا ماڻهو ڪاڏي هليا ويا؟ ڇا هنن مجبوريءَ ۾ پنهنجو هنر ڇڏيو؟ يا اسان انهن کي وساري ڇڏيو؟ هي نه رڳو روزگار جو نقصان پر ثقافتي ورثي جو به نقصان آهي.

عبدالله عثمان مورائي

سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شهر موري ۾ هڪ اهڙو وقت به هو جڏهن شاهي بازار جي گهٽين ۾ رڳو واپار جي هلچل نه پر هنر جي خوشبو به پکڙيل هوندي هئي. شاهي بازار جون گهٽيون هنر ۽ ڪاريگريءَ جو مرڪز هونديون هيون. شاهي بازار جي ڀر پاسي جي هوا ۾ ڪچي چمڙي جي خوشبوءِ مليل هوندي هئي. مُترڪن جي مدد سان ڪوڪن جي ٺڪ ٺڪ، سوئيءَ سان ڌاڳو ڇڪڻ جو هلڪو آواز  ۽ ماهر ڪاريگرن جي سنجيده ۽ سخت محنت ۽ سندن هٿن جي حرڪت ۾ مهارت، صبر ۽ عشق نظر ايندو هو.

 موري جو اهو هٿ سان ٺهيل سينڊلن، بوٽن ۽ جُتين جو دور هو. ان دو ر ۾ اهي هٿ سان ٺهيل بوٽ ۽ سينڊل  رڳو ضرورت نه پر هڪ تمام وڏو ۽ دلچسپ فن هوندو هو. اسان ننڍا هوندا هئاسين ۽ عجب ۾ پئجي ويندا هئاسين جڏهن اهي سادي چمڙي کي ڪوڪن ۽ ڌاڳن جي مدد سان مضبوط سينڊلن، بوٽن ۽ سهڻين جتين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ان مان هڪ اهڙي تخليق جنم وٺندي هئي جنهن کي ماڻهو وڏي فخر سان خريد ڪري استعمال ڪندا هئا. اها ان دور جي سڃاڻپ هئي جيڪو اڄ رڳو يادگيرين ۾ زندهه آهي.

سينڊل ۽ بوٽ ٺاهڻ جو اهو عمل پاڻ ۾ هڪ فن هو. پهريان ته سٺي معيار جي چمڙي جي چونڊ ڪئي ويندي هئي، مضبوط ڌاڳا، جيڪي شايد ميڻ سان ليپيل هوندا هئا، اهي استعمال ڪيا ويندا هئا ته جيئن بوٽ ۽ سينڊل مضبوط ۽ ڊگهي عرصي تائين هلي سگهن. ڪاٺ جا ٺهيل سانچا بوٽن ۽ سينڊلن جي شڪل ڏيڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. سوئيون، سلايون، مُترڪا ۽ ننڍڙا لوهي اوزار هر مرحلي ۾ ڪم ايندا هئا. رنگ ۽ شايد تيل جُتين کي آخري خوبصورتي ڏيندا هئا. پر جڏهن انهن بوٽن ۽ سينڊلن کي موٽر تي وڌيڪ گسائيندا هئا ته پوء هڪ تيز ۽ عجيب بوءَ سڄي ماحول کي کڻي بيھندي هئي پر اهو به اڄ تاريخ جو حصو آهي.

عيد جا ڏينهن هن سونهري دور جو عروج هوندا هئا. اهي ڏينهن ويجهو اچڻ سان بازار ۾ رونق وڌي ويندي هئي. ماڻهو پنهنجي لاءِ نوان بوٽ ۽ سينڊل خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. ڊيزائن چونڊڻ، اگهه ڪرڻ ۽ پنهنجي سامهون اهي سڀ ٺهندي ڏسڻ، اهو سڀ هڪ خوشگوار تجربو هوندو هو. اها رڳو خريداري نه پر هڪ روايت ۽ جذباتي لاڳاپو هو. جيتوڻيڪ ان وقت Bata ۽ Service جا دڪان به موجود هئا، پر مقامي ڪاريگرن کان بوٽ ۽ سينڊل خريد ڪرڻ ۾ هڪ الڳ مزو هوندو هو. اهي جتيون عام نه پر خاص هونديون هيون جيڪي هر ماڻهوءَ جي پسند مطابق ٺهنديون هيون. پر افسوس ته اهي سونهري هٿن وارا ڪاريگر ماڻهو جن موري جي معيشت کي سڃاڻپ ڏني هئي، سي وقت جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويا آهن ۽ وقت سان گڏ سڀ ڪجهه بدلجي ويو.

 اڄ اهو منظر ۽ هنر لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي. اهي ماهر ڪاريگر غائب ٿي ويا آهن، اوزارن جو آواز ماٺ ٿي ويو آهي. هن هنر جو ختم ٿيڻ اسان جي تاريخ جي هڪ باب جو گم ٿيڻ آهي. اڄ اهو سوال اڀري ٿو ته اهي سونهري هٿن وارا ماڻهو ڪاڏي هليا ويا؟ ڇا هنن مجبوريءَ ۾ پنهنجو هنر ڇڏيو؟ يا اسان انهن کي وساري ڇڏيو؟ هي نه رڳو روزگار جو نقصان پر ثقافتي ورثي جو به نقصان آهي.

هي سڄو قصو اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ عجائب گهرن جي اهميت وڌي وڃي ٿي. اسان کي ميوزيم يا عجائب گهر جي ضرورت آهي. عجائب گهر رڳو قديم آثارن ۽ پراڻين شين جي ذخيرن جا نه پر تاريخ جا محافظ پڻ آهن. اهي پنهنجي ابن ڏاڏن جي روزاني زندگيءَ جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پڻ آهن ته جيئن ايندڙ نسل اهو ڏسي سگهي ته سندن وڏا ڪڏهن اهڙا بوٽ ۽ سينڊل پائيندا هئا جيڪي مشينن نه پر روح ۽ پگهر سان ٺهيل هوندا هئا.

ٿورو تصور ڪريو ته موري ۾ هڪ عجائب گهر هجي جتي انهن ڪاريگرن جا اوزار، چمڙو، ڌاڳا، رنگ ۽ سندن ٻيو سامان محفوظ هجي. اهو نه رڳو انهن کي ڀيٽا پيش ڪندو پر ايندڙ نسلن کي به سکيا ڏيندو. پر اڃا به وڌيڪ ته حفاظت رڳو ميوزيم تائين محدود نه هجڻ گهرجي بلڪه حڪومت ۽ اختيارين کي گهرجي ته موري جهڙن شهرن ۾ ثقافتي مرڪز قائم ڪن، ڪاريگرن لاءِ مالي مدد ۽ تربيت جا پروگرام شروع ڪن ، هٿ جي هنر لاءِ ميلا ۽ مارڪيٽ لڳائن، اسڪولن ۾ روايتي هنر شامل ڪن، نوجوانن کي هن هنر سکڻ لاءِ همٿائين ۽ ساڳئي وقت، جديد فيشن سان گڏ هن هنر کي ملائي ان کي نئين زندگي ڏيارين.

آخر ۾ حاصل ڪلام ته موري جي هٿ سان ٺهيل انهن بوٽن ۽ سينڊلن جي ڪهاڻي اسان کي اهو ياد ڏياري ٿي ته ترقيءَ سان گڏ پنهنجي سڃاڻپ کي وڃائڻ نه گهرجي. هر وسريل هنر پٺيان هڪ ڪهاڻي هوندي آهي ۽ اهو اسان جو فرض آهي ته ان کي محفوظ ڪريون ۽ ايندڙ نسلن تائين پهچايون.

______________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button