ڇا سنڌ ۾ ڪا ويڙهاڪ تنظيم موجود آهي..؟ سنڌ جي صورتحال جو جائزو
اهڙي قسم جي صورتحال گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه پئي اچي. رياست جن ويڙهاڪ تنظيمن سان سنڌي نوجوانن جو واسطو جوڙي کين دهشتگرد ڪري پيش ڪري ٿي، انهن جو وجود ئي ناهي.
هن وقت وڏي کان وڏو سياسي ڪم “خوف کي شڪست ڏيڻ آهي”. رياستي الزامن تي” سوال” اٿارڻ جو آهي.
پاڻ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي واپسي مھل ايف آءِ آر ۾ ويڙهاڪ تنظيمن جا جيڪي نالا پڙهون ٿا سي تنظيمون رياست جون خود پيدا ٿيل آهن. ايئن ئي جيئن پاڻ ايف آءِ آرز ۾ هنن جا لکيل هينڊ گرينڊ پڙهون ٿا.
حيدر ملاح
رياست نواز ماڻهن جو خيال آهي ته نوجوان اجايو سنڌ سنڌ پيا ڪن لطيف کي پڙهي پيا ماڻهن کي ورغلائين. اڃان وڌيڪ ته رياستي ادارا انتهائي طاقتور، بي رحم ۽ تشدد پسند آهن ان ڪري سنڌ جي نوجوانن کي ان پاسي ڪنڌ ورائي به ڏسڻ نه گهرجي جتي سنڌ جي حقن، آجپي ۽ تاريخ توڙي تهذيب جي ڳالهه ٿئي ٿي.
اهي ماڻهو ڀاشن ڏيندي هوبھو رياست جو بيان پيش ڪندي فرمائين ٿا تہ اوهان نوجوان پراڪسي وار کان پري رهو. يا ائين چوندي نٿا ٿڪجن ته پاڪستان جي رياست حالت جنگ ۾ آهي. ان جي تاريخ جو تت به اهو آهي تہ جيڪڏهن رياست پنهنجي سرحدن کان ٻاهر جنگ بندي ڪندي آهي ته رياست جي اندر پنهنجي ئي ماڻهن سان وڙهڻ شروع ڪندي آهي.
ان ڪري اوهان جيڪي ويڙهاڪ تنظيمن سان سلھاڙجي رهيا آهيو سي ان خطرناڪ ڪم کان پاسو ڪريو.

هاڻي پراڪسي وار ڇا آهي.؟ ان جو سادو سودو اصول اهو آهي تہ اڳ دشمن ملڪ پاڻ پنهنجي فوجين ذريعي جنگ وڙهي مخالف ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هاڻي ان جي جڳھ تي مخالف ملڪ جي اندر پنهنجا ” ايجنٽ” پيدا ڪري هو ملڪ جي اندر افراتفري پيدا ڪن ٿا.
مٿين تشريح جي روشنيءَ ۾ ڇا سنڌ ۾ ڪا اهڙي تنظيم موجوده آهي جيڪا پاڪستان جي رياست جي اندر تشدد سان ڀرپور حملا ڪري انتشار پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪري رهي آهي. بم ڌماڪا ڪري رهي آهي. ريلوي ٽريڪ ۽ پليون اڏائي رهي آهي يا رياستي فورسز جي ادارن کي نشانو بڻائي رهي آهي.
ايماندارانه جواب آهي تہ اهڙي قسم جي صورتحال گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه پئي اچي. ان جو مطلب آهي ته رياست جن ويڙهاڪ تنظيمن سان سنڌي نوجوانن جو واسطو جوڙي کين دهشتگرد ڪري پيش ڪري ٿي، انهن جو وجوده ئي ناهي.
جيڪڏهن انهن جو وجود هجي ته ڪٿي نه ڪٿي انهن جو ردعمل يا وري ڪا ويڙهاڪ ڪاروائي پاڻ کي ڏسڻ ۾ ته اچڻ گهرجي. رهيو سوال ته سنڌ جي نوجوانن کي دهشتگردي ڪرڻ جي لاءِ ٻاهران وڏي رقم موڪلي وڃي ٿي.
اها رقم ڪير موڪلي پيو ۽ ڪهڙي ذريعي کان موڪلي پئي وڃي ڪڏهن به رياستي ادارن ان بابت ثبوت فراهم ناهن ڪيا.
ان ڪري اهي قصا ڪهاڻيون خود فرضي ڪهاڻين کان سواءِ ڪجهه ناهن. جن الزامن جا ثبوت رياست ئي پيش نٿي ڪري سگهي ان جي تشريح اسان جا سوشل ميڊيا جا ايڪٽوسٽ ڪيئن ڪري رهيا آهن.
آجپي جي جدوجهدن جي تاريخ پڙهو
نيلسن منڊيلا کان وٺي ياسر عرفات تائين انهن پنهنجي تحريڪن جي اخلاقي ۽ مالي مدد لاءِ قوم جي خوشحال ماڻهن يا تحريڪ جي حمايتي ملڪن ۽ ماڻهن کان مدد ضروري گهري هوندي. جن جو ذڪر هو پنهنجي آتم ڪٿائن توڙي انٽرويوز ۾ به ڪري ويا آهن.
ان وقت ڇاڪاڻ ته پراڪسي وار جي اڃان ٽرمنالاجي وجود ۾ نه آئي ان ڪري نيلسن منڊيلا، ياسر عرفات ۽ ٻيا اڳواڻ انهن الزامن کان آجا هئا.
هتي اهڙي صورتحال به ناهي. سنڌ ۾ اڀري سڀري جيڪا تحريڪ هلي ٿي سا پنهنجي ئي وسيلن جي آڌار هلي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو رياستي جبر، تشدد، وسيلن جي ڦرلٽ، بيروزگاري، ميرٽ جي لتاڙ، تعليم، علاج جي بنيادي سهولتن جي اڻهوند باوجود به سنڌ وڏي تحرڪ کي جنم ڏيڻ کان قاصر آهي. ان جو وڏو سبب جتي قومي سرمائيدار جي اڻھوند آهي اتي ٻاهرين دنيا ۾ رهندڙ سنڌين جي لاتعلقي به آهي.
ان کي اڃان وڌيڪ چٽو ڪجي ته سنڌي عالمي سفارتي محاذ تي يتيمي واري حالت ۾ آهن جيڪي ٻہ چار ڄڻا پاڻ کي محسوس ڪرائين ٿا ته اسان عالمي سفارتي محاذ تي سنڌ جي آجپي جي تحريڪ جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون دراصل اهي به عالمي سطح تي” سنڌ فار سيل” جو ڪاروبار ڪن ٿا. انهن جي ملڪيتن جي ڪٿ اوهان ڪري ئي نٿا سگهو.انهن سنڌ کي مارڪيٽ جو سودو ڪري وڪرو ضرور ڪيو آهي. ان وڪري مان ملندڙ رقم مان ڪڏهن ٻوڏ، ريپ يا ڪنهن قانوني مدد جي مد ۾ ڀڳڙن جون کلون سنڌ ڏانهن موڪلي ٿورا ڪندا رهندا آهن.
هن وقت رياست نه صرف نشرواشاعت جا ذريعا سنڌ لاء جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جي خلاف استعمال ڪري ٿي پر اسان جي صفن ۾ موجود ماڻهن کي به پنهنجي چلڪڻين ڳالهين وسيلي متاثر ڪري انهن جي زبانن مان ساڳيون رٽيل ڳالهيون چوائي ٿي جيڪي ڳالهيون رياست پنهنجي بياني ۾ پيش ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي يا مختلف وقتن تي اظهار ڪندي رهي ٿي.
اسان مان وڏي اڪثريت اها ڳالهه وساري ٿي ويهي ته مشرف جي دور کان وٺي سنڌ جي سماج کي غيرسياسي بڻائڻ جي رٿابندي سان ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ رياستي ادارن” لَٺِ ۽ چَٺِ” جا ٻئي فارمولا استعمال ڪيا آهن.
خوف پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي متحرڪ نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ کان وٺي مختلف اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن کي مالي فائدا ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي.
خوف جو اهو عالم آهي جو اوهان ٻه جملا پنهنجي وطن سنڌ جي حق ۾ لکو يا ڳالهايو ته اوهان کي ماڻهن جا ڪٽڪ ڀون ڀون ڪندي وٺي ويندا ته ٻيلي ڏاهو ٿي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جو خيال رک. وغيره وغيره چوڻ شروع ڪندا.
ان معاملي ۾ رياست به وسان ناهي گهٽايو. ڪيترا ئي اهڙا الزام جيڪو قومي ڪارڪنن جي قتل جا الزام رياست تي لڳندا رهيا آهن پر رياست ان تي ڪابه وضاحت پيش ناهي ڪندي. اڳتي جڏهن خبر پوندي آهي ته هي همراه ته پنهنجي ذاتي سبب جي قتل ٿيو هو تڏهن به رياستي چپن تي چونو ئي لڳل رهندو. ان حڪمت عمليءَ پويان به اهو خوف پيدا ڪرڻ آهي.
ان ڪري هن وقت وڏي کان وڏو سياسي ڪم “خوف کي شڪست ڏيڻ آهي”. رياستي الزامن تي” سوال” اٿارڻ جو آهي.
بدقسمتي سان اسان مان وڏي اڪثريت سوال اٿارڻ بدران رياست جي پيش ڪيل بيان کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي.
ڇا ڪڏهن اوهان رياستي ادارن کان اها پڇا ڪئي آهي ته اوهان هڪ نوجوان قومي ڪارڪن کي ته کنڀي گم ڪري ڇڏيو ٿا پر ان جي پارٽيءَ جي اڳواڻ کان اوهان ڇو نٿا پڇا ڪريو؟ جيڪو اڳواڻ قومي ڪارڪن جي کنڀجي گم ٿيڻ تي وڏا وڏا ڀاشن ڏيڻ شروع ڪري ٿو پر رياستي ادارا کيس ڳل تي چماٽ به نٿا هڻن.
ڇا اوهان جا دشمن ملڪ اهڙا بي وقوف آهن جيڪي هڪ سياسي پارٽي جي سربراهه کي ڇڏي وڃي هڪ عام ڪارڪن کي پنهنجي دهشتگرد ڪارروائين جي ڪم جي لاءِ تيار ڪندا، يا خريد ڪندا؟
ان کي چوندا ته تون وڃ وڃي دهشتگرد ڀرتي ڪر..؟!!

سو سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي صفن ۾ موجود ففٿ ڪالمسٽن کي سڃاڻڻ جي ضرورت آهي جيڪي بظاهر ته سنڌ سنڌ پيا ڪن پر اصل ۾ هو اوهان جي صفن ۾ رهندي رياستي ادارن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم ڪن ٿا. هو سنڌ ۾ مايوسي پکيڙڻ جو رياستي ادارن جي ايجنڊا جو ڪم ڪري رهيا آهن.
سندن شعوري ڪوشش آهي ته سنڌ مان قومي حقن لاءِ پيدا ٿيندڙ سياسي آواز ختم ٿئي. اهي شعوري طور ڪوشش ۾ آهن ته سنڌ سياسي طور غير متحرڪ رهي.
جيڪڏهن سنڌ جو اهو ڪمزور آواز به ختم ٿي ويو ته پوءِ ڇا سنڌ پنهنجي وطن واري حيثيت ۾ رهي سگهندي؟.
ها باقي سنڌ جي قوم پرست سياست جي حڪمت عملي ڪيئن هجڻ گهرجي؟ گڏيل قومي ايجنڊا ڪهڙي هجي. سياست ۽ جدوجھد جا طريقا ڪهڙا هجڻ گهرجن ان تي بحث ڪرڻ گهرجي. اهو بحث صحتمند بحث هوندو جنهن جو سنڌ کي ڀلوڙ لاڀ ملندو.
هتي آئون ٻيھر واضع ڪريان ٿو سنڌ ۾ ڪابه سنڌو ديش جي آزادي لاءِ ويڙهه ڪندڙ تنظيم موجوده ناهي.
پاڻ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي واپسي مھل ايف آءِ آر ۾ ويڙهاڪ تنظيمن جا جيڪي نالا پڙهون ٿا سي تنظيمون رياست جون خود پيدا ٿيل آهن. ايئن ئي جيئن پاڻ ايف آءِ آرز ۾ هنن جا لکيل هينڊ گرينڊ پڙهون ٿا.
دراصل هي نفسياتي جنگ جو دور آهي. بدقسمتيءَ سان اسان مان وڏي اڪثريت ان جنگ جو شڪار ٿي چڪي آهي.
_________________
حيدر ملاح سنڌ جي ھڪ سياسي جماعت جو اڳواڻ آھي. سندس ھيءُ آرٽيڪل سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سلسلي ھيٺ کنيو ويو آھي.



