پاڻ سان سچا ٿيو؛ خود اعتمادي ۽ خود فريبيءَ جي وچ ۾ فرق سمجھو
خود اعتمادي (Self-Confidence) اها قوت آهي جيڪا انسان کي پنهنجي قابليتن، تياري ۽ تجربي تي يقين پيدا ڪري ٿي. خود فريبي (Self-Deception) اهڙي نفسياتي حالت آهي جيڪا اندروني خوف ۽ انا مان جنم وٺي ٿي
عبدالله عثمان مورائي
هي دنيا ٻن قسمن جي ماڻهن سان ڀريل آهي، هڪڙا اهي جيڪي پاڻ تي حقيقي اعتماد رکن ٿا ۽ ٻيا اهي جيڪي غلط وهم جي دنيا ۾ رهن ٿا. بظاهر اهي ٻئي صفتون هڪ جهڙيون لڳن ٿيون، ڇو ته ٻئي ماڻهو پنهنجو مٿو مٿي ڪري هلن ٿا، پر انهن جي وچ ۾ هڪ اهڙي نازڪ حد آهي جيڪا هڪ کي ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ ٻئي کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي ٿي.
خود اعتمادي: حقيقت تي بيٺل ايمان

خود اعتمادي (Self-Confidence) اها قوت آهي جيڪا انسان کي پنهنجي قابليتن، تياري ۽ تجربي تي يقين پيدا ڪري ٿي. هي ڪنهن وهم، ضد يا انا تي نه پر محنت، تجربي ۽ شعور جي بنياد تي بيٺل هوندي آهي.
خود اعتمادي وارو ماڻهو پنهنجي غلطيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. هو تنقيد کي پنهنجي سکيا جو ذريعو سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ڪمزورين کي تسليم ڪري انهن کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن کي خبر هوندي آهي ته هو ڇا ڪري سگهي ٿو ۽ ڇا نه، ان ڪري هو رڳو انهن ڪمن جي ذميواري کڻندو آهي جن لاءِ هو حقيقي معنيٰ ۾ تيار هوندو آهي.
خود اعتمادي انسان کي نون چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي همت ڏئي ٿي، ڇو ته کيس يقين هوندو آهي ته جيڪڏهن ناڪام به ٿيو ته ان ناڪاميءَ مان ڪجهه سکندو ۽ ٻيهربهتر ٿي اڀرندو.
اهو يقين، حقيقت جي شعور ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ مان پيدا ٿيندو آهي. اها سڃاڻپ جنهن ۾ انسان پنهنجي حدن سان گڏ پنهنجون صلاحيتون به ڄاڻي ٿو.
خود فريبي: انا جو ٺاهيل وهم
خود فريبي (Self-Deception) ٻئي پاسي هڪ اهڙي نفسياتي حالت آهي جيڪا اندروني خوف ۽ انا مان جنم وٺي ٿي. اها ماڻهوءَ کي پنهنجي خامين کي لڪائڻ ۽ ٻين کان بهتر نظر اچڻ جي خواهش ۾ هڪ مصنوعي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي.
خود فريب انسان هميشه اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هو سڀني کان بهتر آهي. هو ڪڏهن به غلطي تسليم نٿو ڪري ۽ ناڪاميءَ جي صورت ۾ ٻين کي الزام ڏيندو آهي. اهڙو ماڻهو نئين ڄاڻ يا تنقيد کان ڀڄندو آهي، ڇو ته کيس ڊپ هوندو آهي ته ان سان سندس وهم جو محل ڊهي نه پوي.
اهڙي سوچ جو بنياد غير حقيقي خيالن، ٻين جي تعريف تي ڀاڙڻ ۽ حقيقت کان اکيون چورائڻ تي هوندو آهي. نتيجي طور تي اها خود فريبي انسان کي سکڻ جي عمل کان روڪي ٿي. اها ماڻهوءَ کي هڪ اهڙي پڃري ۾ بند ڪري ٿي، جتي ترقي جو دروازو بند ۽ خود پسنديءَ جو ڄار هر پاسي وڇايل هوندو آهي.
نازڪ حد: حقيقت ۽ مڃڻ
خود اعتمادي ۽ خود فريبي جي وچ ۾ سڀ کان وڏو فرق آهي حقيقت کي مڃڻ. خود اعتمادي وارو شخص چوندو آهي ته “مان اهو ڪم ڪري سگهان ٿو، پر جيڪڏهن نه ڪري سگهيس ته آء ان مان سکي اڳتي وڌندس.”
جڏهن ته ان جي ابتڙ خود فريبي واري شخص جو خيال هوندو آهي ته “ آء اهو ڪم ڪري سگهان ٿو ۽ جيڪڏهن مون کان نه ٿيو ته اها ڪم جي غلطي آهي، منهنجي نه.”
هي فرق ننڍو ضرور آهي، پر زندگيءَ ۾ ان جو اثر تمام وڏو آهي. هڪ پاسي سچ، سکيا، سادگي ۽ واڌارو آهي ۽ ٻئي پاسي غرور، وهم ۽ زوال.
نفسياتي ۽ سماجي پهلو
خود اعتمادي هڪ صحتمند نفسياتي حالت آهي، جيڪا انسان جي شخصيت کي متوازن بڻائي ٿي، جڏهن ته خود فريبي نفسياتي فرار آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي حقيقت کان پري ڪري ڇڏي ٿي. سماجي سطح تي جڏهن ماڻهو، ادارا يا قومون پنهنجين خامين کي تسليم ڪرڻ بند ڪن ٿيون، تڏهن اجتماعي خود فريبي جنم وٺي ٿي. اهڙي حالت ۾ هر ڪو پاڻ کي بي خطا سمجهي ٿو ۽ تبديليءَ جو امڪان ختم ٿي وڃي ٿو.
اسان جي سماج ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجين ناڪامين جو سبب ٻاهر ڳولين ٿا ۽ اهو پاڻ سان ايمانداريءَ جي کوٽ جو وڏو ثبوت آهي.
پاڻ سان ايمانداري: نجات جو رستو
خود فريبيءَ جو سڀ کان وڏو علاج آهي پاڻ سان ايمانداري. جيڪو ماڻهو پنهنجي اندر جي سچ کي ٻڌي سگهي ٿو اهو ڪڏهن به خود فريبي جو شڪار نه ٿيندو. حقيقي خود اعتمادي جو مطلب طاقت جو اظهار نه پر پنهنجي اندروني خامين ۽ طاقتن کي سڃاڻڻ ۽ ان تي ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ آهي.
خود اعتماد ماڻهو ٻين سان مقابلو نه پر پاڻ سان مقابلو ڪندو آهي. هو سچ، سکيا ۽ سڪون ۾ جيئندو آهي، جڏهن ته خود فريب انسان مسلسل ظاهري ڪاميابيءَ جي ڊوڙ ۾ اندر کان خالي ٿيندو وڃي ٿو.
آخر ۾ حاصل مقصد ته خود اعتمادي انسان کي بلنديءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي، جڏهن ته خود فريبي کيس زوال ڏانهن ڌڪي ٿي. هڪ طرف شعور، محنت ۽ سچائي آهي ته ٻئي پاسي وري غرور، وهم ۽ فريب.
زندگيءَ جو اصل امتحان اهو آهي ته انسان انهن ٻنهي جي وچ ۾ توازن قائم رکي ۽ پاڻ تي يقين رکي، پر حقيقت کان پري نه ٿئي.
جيڪو شخص پنهنجي حقيقت کي تسليم ڪري، پنهنجين خامين سان ايماندار رهي ۽ پنهنجين صلاحيتن تي محنت سان ڪم ڪري ته اهو نه رڳو ڪامياب ٿئي ٿو پر باوقار به رهي ٿو ۽ ان ۾ ئي ۽ اتي ئي زندگيءَ جي سچي دانش لڪل آهي.
“خود اعتمادي انسان کي اڀاريندي آهي ۽ خود فريبي انسان کي پنهنجي پاڻ کان پري ڪندي آهي.”
___________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر اھي. ھُو وڏي عرصي کان انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو



