پاڪستان ۾ انساني وسيلن جي بد انتظامي
جيڪڏھن انساني وسيلن واري انتظام جي سرشتي کانسواءِ ڪنھن به اداري کي ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته پڪ سمجھو ته اھو ادارو مختلف مسئلن جو شڪار ٿيندو
وفاقي توڙي صوبائي سطح تي سرڪاري کاتن جو ھال ڏسجي ٿو تہ نٿو لڳي تہ اُتي اھڙي قسم جو ڪو سِرشتو رائج آھي. جيڪڏھن اھڙو ڪو سِرشتو عمل ھيٺ ھُجي ھا تہ سرڪاري ادارا بدتر حالت ۾ نہ ھُجن ھا
انساني وسيلن جي بدانتظاميءَ جي نتيجي ۾ لکين تعليم يافتہ نوجوان معمولي پگھار تي ننڍيون نوڪريون ڪري ضائع ٿي رھيا آھن يا اُھي مُلڪ ڇڏي ڏيساور وڃي رھيا آھن
نصير اعجاز
ھِن مُلڪ جي خانگي شعبي ۾ تہ ھيومن رِيسورس مئنيجمينٽ کي ڪنھن حد تائين اھميت ڏني وڃي ٿي پر وفاقي توڙي صوبائي سطح تي سرڪاري کاتن جو حال ڏسجي ٿو تہ نٿو لڳي تہ اُتي اھڙي قسم جو ڪو سِرشتو رائج آھي. جيڪڏھن اھڙو ڪو سِرشتو عمل ھيٺ ھُجي ھا تہ سرڪاري ادارا بدتر حالت ۾ نہ ھُجن ھا. مان ھتي صرف ھيومن رِيسورس مئنيجمينٽ جي وضاحت ڪندس تہ اھا بلا نيٺ آھي ڇا؟ پوءِ پڙھندڙ پاڻ جائزو وٺن تہ پياري پاڪستان جي سرڪاري توڙي خانگي ادارن اندر ڇا ٿي رھيو آھي. ھتي ھر اداري جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ لاءِ گھُرج مطابق ۽ ميرٽ تي ملازمن جي ڀرتيءَ ۽ سندن ڀلائيءَ بدران سياسي سفارشن ۽ رُشوت عيوض ڀرتيون ڪيون وڃن ٿيون، نتيجي ۾ ڪيترن ئي ادارن ۾ حد کان يا ضرورت کان وڌيڪ ملازم ڀرتي ڪيل آھن، جنھن سان ڪو فائدو تہ ٺھيو، انھن شعبن جو ٻيڙو ٻُڏي رھيو آھي، تہ عام ماڻھوءَ کي بہ ڪو فائدو نٿو پوي. ھر ماڻھو پريشان آھي. اھڙي سياسي سفارشي ۽ ڪرپشن جي شڪار سرشتي سبب لکين اھل نوجوان بيروزگاريءَ جو شڪار آھن. ھيومن رِيسورس مئنيجمينٽ جي بدترين صورتحال جو ئي نتيجو آھي جو ايم بي اَي، انجنيئرنگ ۽ اھڙيون ٻيون ڊگريون رکندڙ نوجوان سندن لياقت ۽ اھليت مطابق واسطيدار شعبن ۾ نوڪريون نہ ملڻ سبب ماستري ۽ اھڙيون ٻيون نوڪريون وٺڻ تي مجبور آھن. ھتان جي بدانتظامي برين ڊرين Brain Drainجو وڏو ڪارڻ آھي. ميڊيا جي اطلاعن موجب لکين پاڪستاني ھر سال مُلڪ ڇڏي ڏيساور وڃي رھيا آھن. رُڳو ھن سال ئي ھيل تائين ساڍا ٽي لک ماڻھو بھتر روزگار لاءِ مولڪ ڇڏي وڃي چُڪا آھن. ھڪ ڏينھن اڳ پاڪستان جي نرسنگ ورڪ فورس بابت جاري ٿيل ھڪ رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آھي تہ پاڪستان ۾ ھر سال پنج ھزار ڇھ سئو نرسون گريجوئيشن ڪن ٿيون پر انھن مان پنجاھ سيڪڙو کان وڌيڪ ٻاھر ھليون وڃن ٿيون. انساني وسيلن جي بدانتظاميءَ جي نتيجي ۾ ئي ھتي ڏھ ھزار مريضن تي ٽيھن بدران رُڳو پنج نرسون آھن ۽ ھڪ نرس کي ٻن کان وڌيڪ ڊاڪٽرن سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو جنھنڪري اُھي ڪم جي دٻاءَ جو شڪار آھن ۽ گھربل نتيجا نٿا ملن. اھو ھڪ ننڍڙو مثال آھي جيڪو زندگيءَ جي باقي شعبن جي عڪاسي ڪري ٿو.

انساني وسيلن جو انتظام جنھن کي انگريزيءَ ۾ ھيومن رِيسورس مئنيجمينٽ Human Resource Management چئجي ٿو، مئنيجمينٽ سائنس جو مکيه حصو آھي، جنھن جي آڌار ڪنھن به اداري جي ڪاميابي ممڪن ٿي سگھي ٿي ـ جيڪڏھن انساني وسيلن واري انتظام جي سرشتي کانسواءِ ڪنھن به اداري کي ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته پڪ سمجھو ته اھو ادارو مختلف مسئلن جو شڪار ٿيندو ـ مثال طور جيڪڏھن بنا سوچڻ سمجھڻ جي اداري ۾ ڀرتيون ڪيون وينديون، اھو نه ڏسبو ته ڪھڙي نوڪريءَ لاءِ ڪھڙو ماڻھو مناسب آھي، منجھس گھربل اھليت آھي به يا نه، ڀرتي ڪيل ماڻھن کي فوري طور يا اڳتي ھلي بدلجندڙ حالتن ۾ سکيا ڏيڻ جي ضرورت آھي يا نه، ڀرتي ڪيل ملازمن جي صلاحيتن کي وڌائي ۽ انھن مان ڀرپور لاڀ ڪيئن حاصل ڪجي ۽ ان ڏس ۾ پاليسيون ۽ حڪمت عمليون ڪيئن ٺاھجن وغيره جھڙن معاملن کي نظرانداز ڪبو ته اھڙي اداري کي ڄڻ ته ڄاڻي واڻي تباھيءَ جي کاھيءَ ۾ اُڇلائڻ برابر ٿيندو ـ انھن سمورين ڳالھين کي آڏو رکي وقت بوقت تجزيا ڪري پاليسيون ۽ حڪمت عمليون ٺاھڻ جي علم کي انساني وسيلن جو انتظام چئجي ٿو ـ اھو سمورو عمل بلڪل ايئن آھي جيئن ڪوبه ڪاروبار شروع ڪرڻ، ڪارخانو قائم ڪرڻ، ادارو ٺاھڻ يا ڪنھن به قسم جي ڪا رٿا تيار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريائين انھيءَ جي فزيبلٽي ٺاھي ويندي آھي يعني اڀياس ڪري جائزو ورتو ويندو آھي ته ان ڪاروبار، ڪارخاني، اداري يا رٿا لاءِ ڪھڙيون شيون گھربل آھن، ڪيتري افرادي قوت ھجڻ گھرجي، ڪيترو ناڻو خرچ ٿيندو، نفعو ٿيندو يا مُورڳو نقصان ڳچيءَ ۾ پوندو ـ اھڙي طرح جڏھن ھر ڳالھه جو جائزو وٺي عملي قدم کڻبو آھي ته گھربل افرادي قوت جي حوالي سان ھيومن رِيسورس مئنيجمينٽ جو ڪم شروع ٿئي ٿو ـ
ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ، جنھن کي عام طور مختصر نموني صرف ھيومن ريسورس (ايڇ آر ) HR سڏيو وڃي ٿو، تنھن جون وصفون مختلف ماھرن جُدا جُدا نموني بيان ڪيون آھن، پر انھن ۾ سواءِ ڪجھه لفظن جي ھير ڦير جي باقي بنيادي ڳالھيون سڀ ساڳيون آھن ـ انھن وصفن موجب ھيومن ريسورس، ادارن اندر ھڪ اھڙو عمل آھي جنھن تحت اداري جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ملازمن جي صلاحيتن کي وڌائي سگھجي ٿو ـ ايڇ آر جو بنيادي واسطو ڪنھن به اداري اندر ڪم ڪندڙ ماڻھن جي انتظام سان آھي ۽ اھڙو انتظام اداري جي پاليسين تحت ھڪ سرشتي ذريعي ڪرڻو ھوندو آھي ـ ھڪ ٻي وصف ھن طرح بيان ڪئي وئي آھي : ”ڪنھن به اداري لاءِ افرادي قوت جي ڀرتيءَ جو عمل ۽ انھن ملازمن کي اھڙي نموني تيار ڪرڻ جنھن سان اھي اداري لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگھن ـ“
ڪجھه ماھرن انھيءَ وصف ۾ واڌارو ڪندي لکيو آھي ته ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ ۾ ھيٺيون ڳالھيون به شامل آھن :
(الف) ڪنھن به اداري ۾ موجود نوڪرين جي جاين جو جائزو وٺڻ ۽ انھن جاين تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي ڪارڪردگيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ـ
(ب) اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي ضرورتن جو جائزو وٺڻ ۽ رٿابندي ڪرڻ ـ
(ت) خالي جاين تي صحيح ماڻھن کي ڀرتي ڪرڻ، کين اداري بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽ سندن سکيا جو انتظام ڪرڻ ـ
(ث) اداري جي ملازمن جي اُجرتن ۽ پگھارن جو سرشتو ٺاھڻ، سندن ڪارڪردگيءَ جي آڌار کين فائدا ۽ ٻيون سھولتون ڏيڻ جو نظام تيار ڪرڻ ـ
(ج) اداري اندر پيدا ٿيندڙ تڪرار نبيرڻ ۽ ھر سطح تي ملازمن سان رابطو قائم رکڻ ـ
(ح) ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ جي سڀ کان اھم ذميواري ھيءَ به آھي ته ان ۾ قيادت ۽ اثرائتي نموني مذاڪرات ڪرڻ جي صلاحيت ھجي ـ
انھن سمورين ڳالھين جو مقصد آھي اداري اندر سڀني معاملن ۾ توازن پيدا ڪرڻ، جنھن لاءِ حڪومت جي لاڳو ڪيل قاعدن قانونن کي به نظر ۾ رکيو ويندو آھي ته مزدورن يا ملازمن جي نمائندگي ڪندڙ يونين سان اجتماعي سوديڪاريءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال يا گھرجن تي به ويچار ڪرڻو پوندو آھي ـ مثال طور جيڪڏھن ڪنھن اداري جي مزدور يونين ملازمن جي گھرجن جي حوالي سان ڪي مطالبا ڪيا آھن ۽ انھن مطالبن تي ويچار ڪرڻ لاءِ اداري جي واسطيدار شعبي جي عملدارن جون پورھيت اڳواڻن سان ڳالھيون ٿين ٿيون ته انھن مذاڪرات جي نتيجن جي روشنيءَ ۾ ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ شعبو قدم کڻندو ـ
ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ جو تصور سڀ کان پھرين ارڙھين صديءَ ۾ يورپ اندر ڏنو ويو جڏھن اُتي صنعتي انقلاب آيو ـ اھڙو تصور رابرٽ اووِن Robert Owen ۽ چارلس بابئج Charles Babbage جھڙن ماھرن پيش ڪيو ھو جن جو چوڻ ھو ته ملازمن جي ڀلائيءَ جو خيال رکڻ سان ڪم جا بھترين نتيجا نڪرن ٿا ۽ ادارا به ڪامياب ٿين ٿا ـ سندن نظرئي موجب ڪم ڪندڙ ملازم ئي ڪنھن به اداري جي ڪاميابيءَ جو راز ھوندا آھن ۽ جيستائين اھي ملازم ذھني ۽ جسماني طور صحتمند نه ھوندا، ڪوبه ادارو ھلي نه سگھندو ـ اڳتي ھلي ويھين صديءَ جي اوائل ۾ محققن انساني لاڳاپن جي حوالي سان وڌيڪ تحقيق شروع ڪئي ـ اھڙن محققن ۾ فريڊرڪ وِنسلو ٽيلر Frederick Winslow Taylor جو نالو اھم آھي جنھن “سائنسي بنيادن تي مئنيجمينٽ” جو تصور ڏنو جنھن ۾ ڏنل اصولن جي آڌار ادارن کي منظم نموني ھلائڻ لاءِ ملازمن جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ سُڌارڻ جا گُر ٻڌايا ويا ھئا ـ سندس ھن نظرئي کي “ٽيلرزم” جو نالو ڏنو ويو ھو جنھن ۾ سڄو زور پورھيتن جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ تي ھو ـ انھيءَ وچ ۾ انگلينڊ ۾ سي ايم مائرس C. M. Myers پھرين مھاڀاري لڙائيءَ دوران فوجين ۽ سياستدانن وچ ۾ پيدا ٿيل مسئلن مان اُتساھه وٺي نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف انڊسٽريل سائڪولاجي قائم ڪئي جنھن ۾ مختلف اڀياس شروع ڪيا ويا ـ حقيقت ۾ ان اداري انساني لاڳاپن واري ھلچل جو بنياد وڌو جنھن ۾ مالي معاوضن، ملازمن جي ڪم ڪرڻ وارين حالتن ۽ اھڙن ٻين موضوعن تي اڀياس ٿيا ته جيئن ملازمن ۽ پورھيتن جي پيداواري صلاحيت وڌائي سگھجي ـ ايئن ويھين صديءَ ۾ لاڳيتو مختلف محقق ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ تي کوجنا ڪندا رھيا ـ ويھين صديءَ جي ماھرن ان کي مالڪ ۽ ملازم وچ ۾ لاڳاپن جو نالو به ڏنو جنھن کي پوءِ “انڊسٽريل ۽ ليبر ريليشنز” جو باقاعده نالو ڏنو ويو ـ سال 1913 ۾ پھريون ڀيرو چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف پرسونيل اينڊ ڊيولپمينٽ قائم ڪئي وئي جنھن کي اڳتي ھلي انسٽيٽيوٽ آف ليبر مئنيجمينٽ جو نالو ڏنو ويو ـ ساڳي طرح آمريڪا جي ڪارنويل يونيورسٽيءَ ۾ 1945 ۾ اسڪول آف انڊسٽريل ايڊ ليبر ريليشنز جو ادارو قائم ڪيو ويو ـ آمريڪا ۾ ئي سال 1948 ۾ “آمريڪن سوسائٽي فار پرسونيل ايڊمنسٽريشن” قائم ڪئي وئي جيڪا اڳتي ھلي “سوسائٽي فار ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ” جي نالي سان ھڪ وڏي اداري جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي ـ روس ۽ ٻين ملڪن ۾ به ويھين صديءَ دوران ھيومن ريسورس تي گھڻو ڪم ڪيو ويو ـ عالمي سطح تي واپار ۽ صنعت جي فروغ ۽ ايندڙ تبديلين توڙي انھن کوجنائن ۽ اڀياسن جي نتيجي ۾ دنيا جا ڪاروباري ادارا پنھنجي ملازمن کي مشيني پُرزي بدران قيمتي اثاثو سمجھڻ لڳا ۽ ايئن ويھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ جو تصور سگھارو ٿيندو ويو ـ انھيءَ نئين تصور تحت ئي افرادي قوت کي “انساني سرمايو” سڏيو وڃي ٿو ـ

شروع ۾ ڪارپوريٽ ادارن ۾ ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ جو ڪم فقط پگھارن ۽ ٻين فائدن جي انتظامي سرشتي تائين محدود ھوندو ھو پر پوءِ گلوبلائيزيشن، ڪمپنين جي ڦھلاءَ، ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ ۽ مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ تحقيق جي نتيجي ۾ ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ جو دائرو وڌندو ويو ۽ ھاڻي اھا انساني سرمائي کي منظم نموني استعمال ۾ آڻڻ لاءِ ھڪ وسيع بزنيس فيلڊ سمجھي وڃي ٿي ـ ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ ۾ بنيادي طور چار ذميواريون شامل آھن، جيڪي ھن ريت آھن : اسٽاف مقرر ڪرڻ : اداري ۾ خالي جايون ڀرڻ لاءِ درخواستون گھرائي، انھن جو جائزو وٺي، مناسب امدوارن کي انٽرويوءَ لاءِ گھرائڻ ۽ انھن مان اھل ماڻھن کي چونڊڻ؛ ٽريننگ ۽ ڊيولپمينٽ : نوان ڀرتي ڪيل ملازمن کي سکيا ڏيڻ جو جاري رھندڙ عمل؛ ملازمن کي ذھني طور ڪم لاءِ راغب ڪرڻ ته جيئن سندن پيداواري صلاحيت وڌي ـ ان لاءِ ملازمن جي ڪارڪردگيءَ جي روشنيءَ ۾ کين انعام ۽ ٻيون سھولتون ڏيڻ ۽ آخري ذميواري آھي اداري لاءِ ملازمن جي وفاداريءَ کي قائم رکڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ ـ ڪنھن به اداري جي ھيون ريسورس مئنيجمينٽ شعبي جي ذميوارين کي به ٽن حصن ۾ ورھائي سگھجي ٿو ـ ھڪ ذميواري “انفرادي مئنيجمينٽ” سڏجي ٿي جنھن ۾ ڪنھن به ملازم جي سگھه ۽ ڪمزورين جي سڃاڻپ ڪري، ڪمزورين کي ختم ڪرڻ ۽ بھتر ڪم لاءِ تيار ڪرڻ آھي ـ ان لاءِ اھڙن ملازمن جي ٽريننگ ۽ ٽيسٽنگ جا مختلف پروگرام ڪيا ويندا آھن؛ ٻي ذميواريءَ ۾ آرگنائيشنل ڊيولپمينٽ شامل آھي جنھن ۾ انساني وسيلن جي وڌ کان وڌ ۽ بھتر انتظام جي حوالي سان حڪمت عمليون ٺاھيون وينديون آھن ـ ان ڏس ۾ اداري کان ٻاھر ايندڙ تبديلين کي به ڌيان ۾ رکيو ويندو آھي ـ ٽين ذميواري آھي ڪيريئر ڊيولپمينٽ جنھن تحت اداري جي ملازمن جي ڪارڪردگيءَ جي روشنيءَ ۾ کين مختلف اھم عھدن تي ترقي ڏيڻ ـ
نئين ڪمپنين ۾ ڪجھ تجربيڪار ماڻھو ھيومن ريسورس جا فرض ادا ڪندا آھن ۽ سمورا لاڳاپيل ڪم پاڻ سرانجام ڏيندا آھن، پر وڏين ڪمپنين ۾ باقاعده اھڙو شعبو قائم ٿيل ھوندو آھي جنھن ۾ مختلف ماڻھن مٿان الڳ الڳ ذميواريون ھونديون آھن ۽ وٽن خاص سکيا ورتل عملو به موجود ھوندو آھي ـ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ جي انھيءَ اھميت جي ڪري يونيورسٽين توڙي ٻين انسٽيٽيوشنن ۾ انھيءَ مضمون ۾ ڊگري ڪورس متعارف ڪرايا ويا ۽ گذريل ڊگھي عرصي کان وڏي تعداد ۾ نوجوان ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ ۾ ماسٽرس ڪري ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ وڏين پگھارن تي نوڪريون حاصل ڪري پنھنجو مستقبل سنواري چُڪا آھن ۽ ھن وقت به سنڌ توڙي ٻين صوبن جي يونيورسٽين ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوان ھيومن ريسورس ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن ـ
ھيومن ريسورس جي اھميت جي ڪري ھاڻي ته ان شعبي ۾ وڌيڪ ريسرچ جي به ھڪ الڳ فيلڊ نڪري پئي آھي جنھن ۾ مئنيجمينٽ، صنعتن ۽ ادارن جي نفسيات جي حوالي سان تحقيق ڪئي پئي وڃي ۽ ان تحقيق جي روشنيءَ ۾ لکيل مضمون ۽ مقالا عالمي سطح تي تحقيقي رسالن ۾ ڇپجي رھيا آھن ـ جيئن ته سڄي دنيا ۾ واپار، ڪاروبار، صنعتي ۽ ٻين ادارن جي نوعيت ۾ تيزيءَ سان تبديليون اچي رھيون آھن، تنھنڪري ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ ۾ به انھيءَ حساب سان نيون ۽ جديد حڪمت عمليون متعارف ٿي رھيون آھن ـ ايئن چئي سگھجي ٿو ته ھر گذرندڙ ڏينھن ھيوم ريسورس مئنيجمينٽ لاءِ اھم آھي ۽ ھر ڏينھن ٿيندڙ تبديلين جي روشنيءَ ۾ ھن اھم شعبي کي سرگرم رھي پنھنجون پاليسيون ٺاھڻيون پونديون آھن ـ نئين تحقيق جي روشنيءَ ۾ ھاڻي اڪثر ڪمپنيون نئين حڪمت عملي اختيار ڪري رھيون آھن جنھن تحت ھڪڙن ملازمن کي فارغ ڪري ٻين کي ڀرتي ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته سکيا ورتل ۽ تجربيڪار ملازمن کي ڪڍڻ سان ڪمپنين اندر موجود ٽيلينٽ ختم ٿيڻ جو انديشو ھوندو آھي ۽ ٻيو ته نئين ڀرتيءَ تحت ايندڙ ماڻھن جي پڪ نه ھوندي آھي ته اھي پراڻن ملازمن جي جاءِ تي صحيح طرح ڪم ڪري سگھندا ـ ان کانسواءِ نئين ڀرتيءَ تي خرچ به گھڻو ٿئي ٿو ـ ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ ترقيءَ جي ڪري ھاڻي ادارن اندر جديد ٽيڪنالاجي متعارف ٿي وئي آھي ۽ ملازمن کي ان ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جي سکيا ڏني وڃي ٿي ـ اھڙن سکيا ورتل ۽ تجربيڪار ملازمن کي فارغ ڪرڻ بدران انھن کي جاري رکي بھتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ـ
ھن وقت ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ نئين نسل لاءِ سندن روشن مستقبل جي ضمانت آھي ۽ ان شعبي ۾ ھنن لاءِ وڏي ڪشش آھي ـ ھن شعبي جي اھميت جو اندازو انھيءَ مان ڪري سگھجي ٿو ته رُڳو آمريڪا ۾ پنج لک ماڻھو ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ جي شعبي سان لاڳاپيل آھن ۽ باقي دنيا ۾ به لکن جي تعداد ۾ ان شعبي ۾ ڪم ڪن ٿا ـ پاڪستان ۾ به ڪارپوريٽ ۽ ٻيا ادارا ھزارن جي تعداد ۾ آھن ۽ ڏينھون ڏينھن وڌيڪ نوان ادارا قائم ٿيندا پيا وڃن ـ انکانسواءِ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل توڙي ملڪي اين جي اوز به وڏي تعداد ۾ موجود آھن جن کي ھيومن ريسورس جي ماھرن جي ضرورت پوي ٿي ـ انھيءَ ڪري پاڪستان ۾ به نوجوانن لاءِ ھيومن ريسورس مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ پنھنجو ڪيريئر ٺاھڻ جي وڏي گنجائش موجود آھي ـ
______________