Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

27 ھين آئيني ترميم منظور ٿيڻ کان اڳ ئي جمھوري نظام سڪرات واري حالت ۾ آھي

پيپلز پارٽيءَ جي بيانن مان ظاھر آھي تہ اُھا آئيني ترميم جي معاملن ۾ شروع کان شامل ھئي.  

پ پ پ جي اعلان ۾ چيو ويو آھي تہ ”تجويز ڪيل گهڻن نقطن جي ميمبرن حمايت ڪئي آھي“ پر انھن حمايت ڪيل نقطن جو ذڪر غائب آھي.

سيد يوسف شاھہ

امڪاني طور تي پارليامينٽ ۾ ايندڙ 27 ھين آئيني ترميم جي حوالي سان بلاول ھائوس ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت ۾ ٿيندڙ سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ، جنھن ۾ صدر آصف علي زرداري خاص طور شرڪت ڪئي، ”پارٽي پاليسي“ قوم جي سامھون اچي ويئي آھي، جنھن مطابق پيپلزپارٽي اين ايف سي فارمولي ۾ تبديلين کي رد ڪندي، حڪومت پاران آرٽيڪل 243 ۾ تبديليون آڻڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آھي ۽ آئيني عدالت ۾ صوبن جي برابر نمائندگي ھئڻ جي شرط تي پڻ حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي آھي.

گڏجاڻيءَ ۾ چيو ويو تہ پيپلز پارٽي صوبائي خودمختاريءَ تي سمجهوتو نہ ڪندي. گڏجاڻيءَ کان پوءِ چيو ويو تہ سياست سمجهہ،ڳالھہ ٻولھہ ۽ مفاھمت سان اڳتي وڌڻ جو نالو آھي. گڏجاڻيءَ ۾ اھو انڪشاف پڻ ڪيو ويو تہ 27 ھين ترميم جي تجويز ڪيل ڊرافٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قانوني ماھرن جا رايا اڳ ۾ ئي شامل آھن ۽ پارٽيءَ جي سياسي ڪاميٽي پڻ ان ڊرافٽ جو جائزو وٺي چڪي آھي. سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ميمبرن طرفان تجويز ڪيل ترميمن جي گهڻن نقطن جي حمايت جو اظھار ڪيو ويو۽ صوبائي کاتن سان لاڳاپيل ترميمن تي بہ ميمبرن کليل اظھار ڪيو.

گڏجاڻيءَ ۾ اھو پڻ چيو ويو تہ چيف اليڪشن ڪمشنر۽ ميمبرن جي مقرري جي عمل ۾ رڪاوٽون ختم ٿيڻ گهرجن. گڏجاڻيءَ ۾ چيو ويو تہ صوبائي خودمختاريءَ بابت پارٽيءَ جو چٽو موقف آھي جنھن کي اميد تہ قبول ڪيو ويندو، ان حوالي سان حڪمران مسلم ليگ ن ۽ ٻين اسٽيڪ ھولڊرن سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي چڪي آھي. جڏھن تہ گڏجاڻيءَ کان اڳ پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري  شازيا مري چيو تہ 18 ھين ترميم جو رول بيڪ ممڪن نہ آھي پر سسٽم ۾ جيڪڏھن ڪا اھڙي تبديلي اچي ٿي جنھن سان روزمرھہ جي ڪم ڪار ۾ ڪا بھتري اچي تہ اھڙي ڳالھہ  ٻڌڻ ۾ ڪھڙو ھرج آھي. ذريعن مطابق پ پ مڪاني ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ تي راضي نہ آھي. پيپلزپارٽيءَ جي ھن پاليسي اعلان مان ھيٺيان نتيجا واضح ۽ چٽا ٿي بيھن ٿا.

پيپلزپارٽيءَ اين ايف سي فارمولي ۾ ڪٽوتيءَ کي تہ رد ڪيو آھي پر 18 ھين ترميم ۾ شامل ٻين خودمختاريءَ جي معاملن جهڙوڪ تعليم، آباديءَ تي ڪنٽرول ۽ معدنيات جون وزارتون صوبن کان واپس وٺي مرڪز حوالي ڪرڻ وارن نقطن تي مڪمل خاموشي اختيار ڪئي ويئي آھي. آئين جي آرٽيڪل 243 جي مڪمل حمايت ڪئي ويئي آھي، جنھن مطابق فيلڊ مارشل جي عھدي کي نہ رڳو آئيني تحفظ ڏنو ويندو جيڪو ٽائٽل تاحيات رھندو پر کيس آئيني اختيار پڻ ڏنا ويندا. ھن آرٽيڪل ذريعي ”ايگزيڪٽيو مئجسٽريٽس“ بہ مقرر ڪيا ويندا جيڪي برطانوي غلاميءَ واري دور ۾ ھوندا ھئا. اھي ڪنھن بہ عدالت جي ماتحت ھئڻ بدران حڪومت جي ماتحت ھوندا ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽس کي رپورٽ ڪندا.

27 ھين آئيني ترميم منظور ٿيڻ کان اڳ ئي جمھوري نظام سڪرات واري حالت ۾ آھي، انساني بنيادي حقن جا بخيا اڍيڙيا پيا وڃن، تحرير، تقرير ۽ معلومات تائين عام ماڻھوءَ جي رسائيءَ جو حق کسجي چڪو آھي، پيڪا جهڙا قانون لاڳو آھن، ميڊيا جي آزاديءَ تي ڪنٽرول آھي. موري جي شھيدن کي ”دھشتگرد“ قرار ڏيئي قتل ڪيو ويو آھي ۽ ڇھن مھينن گذرڻ باوجود وارثن جي مرضيءَ سان انھن  جي ايف آءِ آر بہ داخل نہ ٿي سگهي آھي ۽ نہ ئي جوڊيشل انڪواري ٿي سگهي آھي، بلوچستان کان پوءِ ھاڻي سنڌ ۾ بہ جبري گمشدگين جا واقعا عام آھن. قومي ڪارڪنن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻيءَ کي عدالت پاران ڪيس ختم ڪري آزاد ڪرڻ جي ڏنل حڪم باوجود عدالت مان ئي غائب ڪيو ٿو وڃي. رڳو ڪراچيءَ ۾ گذريل مھيني پوليس پاران ٻن بي ڏوھي ماڻھن جي قتل جا واقعا سامھون آيا آھن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ايگزيڪٽيو مئجسٽريٽس جي مقرري کان پوءِ حالتون ڪٿي وڃي بيھنديون. اھي مئجسٽريٽ حڪومت جي ھر ناپسنديدا شخص کي ٻن سالن تائين سزائون ڏيئي سگهندا، اھڙا ڪيس عدالتون بہ نہ ٻڌي سگهنديون، ھر بيڏوھي ماڻھوءَ ۽ قومي ڪارڪنن کي ھنن آڏو اڇلايو ويندو. ڪنھن جي عزت ۽ جان محفوظ نہ رھندي. حڪومتي نمائندا غريب ھارين کي سزائون ڏياري سندن زمينن تي قبضا ڪندا. ضياءَ واري ڊريڪولائي مارشل لاءَ دور ۾ جوڙيل فوجي عدالتن جي ياد تازي ٿي ويندي.

پيپلز پارٽيءَ کي ان ۾ ڪٿي جمھوريت نظر آئي، ان جي ڪابہ وضاحت ڪونھي. ترميم جي قانوني مسودي موجب سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جي جاءِ تي 9 رڪني آئيني عدالت قائم ڪئي ويندي، جنھن ۾ ”حڪومتي حامي“ جج مقرر ڪيا ويندا.  جنھن سان آئيني بئنچ ۾ موجود 26 ھين آئيني ترميم وارا ڪيس غير موثر ٿي ويندا ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرريءَ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو جوڊيشل ڪميشن جي حوالي ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي پاران صوبن جي برابر نمائندگيءَ جي شرط تي آئيني عدالت جي حمايت جو پڻ يقين ڏياريو ويو آھي!، اين ايف سي ايوارڊ ۾ وفاق کي صوبن جي حصي مان وڌيڪ 10 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي تجويز آھي پر اھو پيپلز پارٽيءَ جي فيس سيونگ لاءِ اھا تجويز واپس ورتي ويندي. ھونئن بہ صوبن جي حصي مان ڪٽوتيءَ جو سڀ کان وڏو نقصان پنجاب کي آھي ڇوتہ اين ايف سي ايوارڊ جي حصي مان اڪيلو پنجاب ساڍا 52 سيڪڙو حصو کڻي ٿو ۽ باقي ٽن صوبن کي فقط ساڍا 47 سيڪڙو حصو ملي ٿو.

ترميم منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ججن جي ھڪ ڪورٽ کان ٻين ڪورٽ ۾ بدليءَ جو اختيار پڻ حڪومت کي ملي ويندو ۽ عدالتون مڪمل طور سرڪاري ضابطي ھيٺ اچي وينديون. 27 ھين آئيني ترميم جي چئلنج ٿيڻ جي صورت ۾ اھو ڪيس بہ آئيني عدالت ۾ ويندو، جنھن سان جمھوريت جا اڳ ۾ ئي ڪمزور ٿيل بنياد لڏي ويندا. اھڙن ئي سرڪاري ضابطي ھيٺ آيل عدالتن جي فيصلن جي نتيجي ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل ٿيو ھو ۽ اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاھہ اعتراف ڪيو ھو تہ ”جج ايترا بھادر نٿا ٿين ۽ ھو سمجهن ٿا تہ ھڪ اڌ ڪيس ۾ فوج جي مرضي رکڻ سان سندن نوڪري بچي ويندي.“ پرسوال اھو آھي تہ ھاڻي پيپلز پارٽي ڪنھن جو ”عدالتي قتل“ ڪرائڻ ٿي چاھي.

پيپلزپارٽي پنھنجي سي اي سي جي گڏجاڻيءَ ذريعي اھو پيغام ڏنو آھي تہ ”سياست سمجهہ، ڳالھہ ٻولھہ ۽ مفاھمت جو نالو آھي، سسٽم ۾ جيڪڏھن ڪا اھڙي تبديلي اچي ٿي جنھن سان روزمرھہ جي ڪم ڪار ۾ بھتري اچي تہ ان ۾ ڪھڙو ھرج آھي. پيپلز پارٽي پنھنجي پاليسي اعلان ۾ ارادي يا غير ارادي طور اھو پڻ اعتراف ڪيو آھي تہ ” 27 ھين آئيني ترميم جي تجويز ڪيل ڊرافٽ ۾ پ پ جي قانوني ماھرن جا رايا اڳ ۾ ئي شامل ڪيا ويا آھن ۽ پارٽيءَ جي سياسي ڪاميٽي پڻ ان ڊرافٽ جو جائزو وٺي چڪي آھي، جنھن مان اھا ڳالھہ پڌري ٿي پئي آھي تہ پھرئين ئي ڏينھن کان پ پ ھن سازش ۾ برابر جي شريڪ آھي پر ان کي ڳجهو رکيو ويو آھي ايتري تائين جو پيپلزپارٽيءَ جي سينيٽر پلوشا خان چيو آھي تہ ” ھن سميت وڏن وڏن وزيرن کان اھو مسودو لڪايو ويو آھي. اعلان ۾ رڳو ايترو چيو ويو آھي تہ ” صوبائي کاتن سان لاڳاپيل ترميمن تي ميمبرن کليل اظھار ڪيو پر ان تي فيصلو ڇا ٿيو؟ اھو ظاھر نہ ڪيو ويو آھي. اعلان ۾ چيو ويو آھي تہ ”تجويز ڪيل گهڻن نقطن جي ميمبرن پاران حمايت ڪئي ويئي آھي پر انھن حمايت ڪيل نقطن جو ذڪر غائب آھي. اھو چيو ويو آھي تہ ”چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري جي عمل ۾ رڪاوٽون ختم ٿيڻ گهرجن يعني ان مان مخالف ڌر جو ڪردار ختم ڪيو وڃي. پيپلز پارٽيءَ مڪاني ادارن کي اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آھي جڏھن تہ شھيد بينظير ڀٽو پارٽي منشور ۾ مڪاني ادارن کي با اختيار بڻائڻ ۽ ڊسٽرڪٽ سربراھہ کي گورنر جيترا اختيار ڏيڻ جو وائدو ڪيو ھو.  اھو پڻ چيو ويو آھي تہ ”صوبائي خودمختاريءَ بابت پارٽيءَ جو واضح موقف آھي جنھن کي اميد تہ قبول ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ حڪمران پارٽي ۽ ٻين اسٽيڪ ھولڊرن سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي چڪي آھي“ معنيٰ تہ سڀ ڪجهہ اڳواٽ ئي طئي ٿيل آھي. جڏھن تہ نائب وزير اعظم اسحاق ڊار بہ اعتراف ڪيو آھي تہ ”پ پ ۽ ن ليگ ترميم جي حوالي سان ھڪ نقطي تي پھچي چڪيون آھن ۽ پيپلز پارٽيءَ سان ترميم تي ڳالھيون ٿيون آھن.“ 

جڏھن تہ تجويز ٿيل 27 ھين آئيني ترميم جي منظوريءَ لاءِ نواز شريف ۽ وزير اعظم شھباز شريف اتحادين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آھن .ان سلسلي ۾نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ھڪ وفد مولانا فضل الرحمٰن سان بہ ملاقات ڪئي، جنھن ۾ وزير اعظم شھباز شريف، مريم نواز ۽ ٻيا شامل ھئا. ان سلسلي۾ جمعي ڏينھن ڪابينا جو ٿيندڙ اجلاس بہ ملتوي ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ھن آئيني مسودي جي منظوري ٿيڻي ھئي. پر جيڪڏھن پيپلز پارٽي چاھي تہ ھن غير آئيني ۽ غير جمھوري ترميم جو رستو روڪي سگهي ٿي ڇوتہ مٿئين ايوان سينٽ ۾ 26 ميمبرن سان پ پ سڀ کان وڏي پارٽي آھي جڏھن تہ پيپلز پارٽيءَ پاران مخالفت جي صورت ۾ پ پ جي 74 ميمبرن جي مخالفت کان پوءِ حڪومتي اتحاد وٽ فقط 163 ميمبر وڃي بچن ٿا جڏھن تہ ھيٺئين ايوان قومي اسيمبليءَ مان ترميم جي منظوريءَ لاءِ حڪومت کي 224 ميمبرن جي حمايت گهربل آھي اھڙي صورت ۾ حڪومت پيپلزپارٽيءَ کان سواءِ ڪڏھن بہ اھا ترميم منظور نٿي ڪرائي سگهي. ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران حمايت ڪرڻ جي صورت ۾ جمھوري نظام ۽ وفاق تي پوندڙ سمورن ناڪاري اثرن جي ذميوار بہ پيپلز پارٽي ئي ھوندي. پر پيپلز پارٽي ان ڳالھہ کان چڱيءَ ريت واقف آھي تہ جيڪڏھن ھنن 27 ھين ترميم جي رستي ۾ ڪا رنڊڪ وڌي تہ طاقتور مٿن ڏمرجي پوندا، سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن بہ ڪنھن کان ڳجهي ڪونھي ادارن وٽ سندن فائل تيار آھن مٿن ڪيس کلي ويندا ۽ کين جيل ياترا ڪرڻي پوندي پر ھو جمھوريت ۽ انساني حقن جي قرباني ڏين ٿا تہ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ملڻ سان گڏ مستقبل ۾ وفاق ۾ حڪومت ٺاھڻ جي خاطري بہ ملي سگهي ٿي. ان حقيقت تي ڪنھن کي بہ ڪا ڳڻتي ڪونھي تہ عالمي تنظيم ”ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ“ جي 2025 ع جي رول آف لاءَ انڊيڪس ۾ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان پاڪستان اڳ ۾ ئي دنيا جي ملڪن ۾ 130 ھين نمبر تي اچي چڪو آھي. جڏھن تہ تحريڪ تحفظ پاڪستان 27 ھين آئيني ترميم جو اعلان ڪندي ھن ترميم کي پاڪستان جي فيڊرل سسٽم جا بنياد لوڏڻ جي برابر قرار ڏيئي چڪي آھي.

___________________

Syed Yousif Shah-TheAsiaN

سيد يوسف شاھ ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر سياسي ڪارڪن آھيEmail: yousufshah172@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button