Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

مائنس ون  فارمولو ۽ جمهوريت کي امڪاني خطرا! مُلڪي ۽ عالمي وايومنڊل جو جائزو

جنهن نوعيت جون خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن،انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته وڏو گهوٽالو آهي،جنهن کي گهٽائڻ لاءِ هٿ پير هنيا پيا وڃن

انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ پنهنجي رپورٽ ۾ زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن خاص ڪري پاڪستان، سريلنڪار ۽ بنگلاديش کي به نيپال مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو.

گروپ مطابق پاڪستان ۾ به هائبرڊ جمهوريت، عدليا ۽ انتظاميا جو تڪرار ۽ عوامي محرومي جهڙا مسئلا واضح طور تي نظر اچي ٿا

الهه بخش راٺوڙ

ملڪ ۾ گريزن اسٽيٽ کي ڪي خطرا آهن، يا نه؟،ان بابت اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي،پر ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ جيڪي تبديليون سامهون اچي رهيون آهن،انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته هي نظام پنهنجون پاڙون سعودي عرب تائين مضبوط ڪري چڪو آهي،ممڪن آهي ته گڏيل عرب امارتون ۽ قطر به ان صف ۾ اچي وڃن.آمريڪا هي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهو اسرائيل جي قيمت تي ڪنهن به ملڪ جي خدمت ڪري نٿو سگهي.اهڙي منظر نامي ۾ هي چيو پيو وڃي ته ملڪ جي ڪا طاقتور شخصيت يا ڌر آهي ته ان کي ڪنهن ٻئي جاءِ تان نه پر پنهنجي ئي ملڪ جي نوجوانن مان خطرو ٿي سگهي ٿو. هينئر طاقتور حلقن ۾ مائنس ون جو ذڪر زور ۽ شور سان جاري آهي.هڪ شخص جيل جي سيخن پٺيان ويهي پنهنجن ئي آقائن کي چيلينج ڪري رهيو آهي.هو چئي ٿو ته مائنس هو نه ٿيندو،پر طاقتور ڌر جي عظيم گهوڙيسوار کي ٿيڻو آهي.ان جا امڪان ته تمام گهٽ آهن،پر جنهن نوعيت جون خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن،انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته وڏو گهوٽالو آهي،جنهن کي گهٽائڻ لاءِ هٿ پير هنيا پيا وڃن.آخرڪار اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي،جو وري وري خطري جا سائرن وڄڻ شروع ٿي وڃن ٿا؟ جيڪڏهن خطري بابت حڪمران حلقن کان پڇيووڃي ٿو ته اهي حيران ٿي چون ٿا ته ”هنن جي اڏام ته تمام اوچائي ۾ آهي،هو مات کائڻ بدران هڪٻئي پٺيان ڪاميابيون ماڻي رهيا آهن“!

مائنس ون فارمولو گهڻو پراڻو آهي،جنهن تحت ڪنهن هڪ شخص کي پاسيرو ڪرڻ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو،پر هي درست سوچ نٿي لڳي.جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخص جي پاسيري ٿيڻ سان معاملا درست ٿين ها ته هن ملڪ ۾ مائنس ون جا ڪيترائي مثال موجود آهن.جيڪڏهن طاقتور شخصيتن کي پاسيري ٿيڻ سان صورتحال ۾ بهتري نه آئي ته هاڻ اهڙي اميد ڪا يوٽوپيائي سوچ ئي ٿي سگهي ٿي.انڪري جيڪي خطرا آهن،انهن کي ٽارڻ لاءِ سوچ ويچار ڪرڻي پوندي.

انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ (ICG) انتهائي طاقتور ٿنڪ ٽينڪ آهي، جيڪو دهشتگردي کان وٺي ڪيترن ئي اشوز تي ڏکڻ ايشيا کان وٺي دنيا جي مختلف ملڪن تي تبصرا ڪندو آهي.ان تازوئي نيپال جي بحران تي ماهراڻي راءِ ڏني آهي.هن رڳو نيپال، سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ آيل عوامي ڪاوڙ ۽ اڀار کي سامهون نه رکيو آهي،پر ڪجهه چتاءَ به جاري ڪيا آهن،جن تحت ٽن ملڪن جو بحران پاڪستان تائين پهچڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي.

انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ پنهنجي  رپورٽ ۾ نيپال جي تازي سياسي بحران کي ”ملڪ جي جمهوري سفر جو وڏو موڙ“ قرار ڏنو آهي،ان مطابق هي بحران نه صرف نيپال جي اندروني مستقبل جو تعين ڪندو،پر ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن جي لاءِ به اهم سبق آهي.آءِ سي جي مطابق نيپال گذريل ٻن ڏهاڪن کان سياسي تبديلين جا ڪيترائي دور ڏٺا آهن،جن ۾ 2008 ۾ بادشاهت جو خاتمو ۽ جمهوريت جي بحالي، مائو نواز تحريڪ ۽ ان کانپوءِ جو امن ٺاهه ۽ 2015 جو نئون آئين شامل آھن جنهن ملڪ ۾ وفاقي ڍانچو متعارف ڪرايو.

انهن مڙني تبديلين جي باوجود نيپال جو سياسي نظام وري وري غير يقيني جي صورتحال جو شڪار آهي.حڪومتون ڪمزور اتحادين سان گڏجي اقتدار ۾ رهيون،عدليا ۽ انتظاميا جي وچ ۾ تڪرار وڌندو رهيو ۽ عوامي مسئلا جهڙوڪ غربت، بيروزگاري ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي پوئتي رهجي وئي.هاڻ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ سخت ڇڪتاڻ جاري آهي.پارلياماني اتحاد ڀڃ ڊاهه جو شڪاررهيو،آئيني شقن جي تڪراري تشريح ڪئي پئي وڃي،عوامي سطح تي مايوسي ۽ احتجاج وڌي رهيو آهي.هي سمورا معاملا ان ڳالهه جي علامت آهن ته نيپال ۾ جمهوري ڍانچي جون پاڙون هيل تائين مضبوط نه ٿيون آهن.

انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ پنهنجي رپورٽ ۾ زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن خاص ڪري پاڪستان، سريلنڪار ۽ بنگلاديش کي به نيپال مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو.گروپ مطابق پاڪستان ۾ به هائبرڊ جمهوريت، عدليا ۽ انتظاميا جو تڪرار ۽ عوامي محرومي جهڙا مسئلا واضح طور تي نظر اچي ٿا.سپريم ڪورٽ کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جو اعليٰ عدالت تائين پهچڻ ۽ڇڪتاڻ کي ڪوبه نظر انداز ڪري نٿو سگهي. سريلنڪار تازوئي معاشي بحران ۽ عوامي بغاوت کي منهن ڏنو. بنگلاديش ۾ جمهوري عمل تي هينئر به سوال اٿاريا پيا وڃن ۽ هڪ پارٽي  جي بالادستي جا خدشا وڌي رهيا آهن.آءِ سي جي مطابق جيڪڏهن عوامي امنگن کي لڳاتار نظرانداز ڪيو ويو ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ به ٻيو نيپال جنم وٺي سگهي ٿو.صورتحال مان نڪرڻ لاءِ جيڪي تجويزون ڏنيون ويون آهن،انهن تحت سڌارا ۽ عوامي امنگن جو احترام،ان رستي تي هلڻ سان مضبوط وفاقي جمهوري نظام قائم ٿي سگهي ٿو.طاقت جي سياست ۽ ادارن ۾ ٽڪراءَ، ان صورت ۾ نيپال وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو ۽ ان جا پوري خطي تي نهڪاري اثر پوندا.

انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ  جي رپورٽ ان ڳالهه تي زور ڀري ٿي ته نيپال جي بحران کي صرف ”داخلي يا اندروني مسئلو“ سمجهي ڪري نظرانداز ڪرڻ غلطي ٿيندي.هي اصل ۾ سموري خطي جي لاءِ هڪ وارننگ آهي ته جمهوريت کي صرف نالي جي حد تائين قائم رکڻ ڪافي ناهي،پر ان کي عوامي امنگن جي مطابق عملي شڪل ڏيڻ ضروري آهي.پاڪستان ۾ به جيڪڏهن عوامي محروميون وڌنديون ته غير روايتي ۽ غير جماعتي تحريڪون جنم وٺي سگهن ٿيون،جيڪي سموري نظام کي لوڏي ڇڏينديون.

پاڪستان ۾ ادارن ۽ حڪمراني جو بحران ڏينهون ڏينهن نيون شڪلون ۽ صورتون اختيار ڪري رهيو آهي.جيڪڏهن هي سمجهيو ويو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سيڪيورٽي جي معاملن ۾ شامل ٿي ڪري داخلي بحران کي ٽاري ۽ دنيا کي تاثر ڏئي سگهجي ٿو ته اصل حڪمران انتهائي طاقتور آهن ته اها وڏي غلطي هوندي.هينئر آمريڪا سميت ٻين قوتن جو وچ اوڀر ۽ ٻين معاملن تي ردعمل اچڻو آهي.آمريڪا افغانستان جي شهر بگرام مان به فوجي سهولتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،ان سان گڏ ڪجهه اڻ لکيون تبديليون به محسوس ڪري سگهجن ٿيون.

ظاهري طور تي ملڪ اندر حڪومت شاندار انداز ۾ هلڻ جو تاثر ڏئي رهي آهي،پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.ملڪ ۾ سياسي استحڪام،جيڪو ڪنهن به دور ۾ نه رهيو آهي، اهو وڌيڪ اونهائي طرف هليو ويو آهي.ان حوالي سان ملڪي ادارن ۾ مداخلت جي روش ختم ڪرڻي پوندي.جيڪڏهن پارليامينٽ ۽ موجودهه سويلين نظام کي رٻڙ اسٽيمپ طور رکيو ويو ته مستقبل ۾ ڪو وڏو ڌماڪو ٿي سگهي ٿو. اهو وسارڻ نه گهرجي ته هاڻ ننڍين وڏين پارٽين بدران ٽيڪنالوجيءَ سان جڙيل ڌريون، خاص ڪري نوجوان ئي تبديلي جو سپنو بڻجي سامهون اچي رهيا آهن…

بقول اياز جي –

ڪو سپنو سِرجي اڀري ٿو

هن تنبوري جي تارن ۾

۽ ياد اچن ٿيون آڱريون

تنهنجون منهنجن وارن ۾

____________

الھ بخش راٺوڙ سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button