Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشيا

سنگاپور جو وزيراعظم دنيا جو سڀ کان وڏي پگھار کڻندڙ سياسي اڳواڻ بڻجي ويو 

وزيرِاعظم لارنس وونگ، سنگاپور جي سياسي اڳواڻن لاءِ نئين نظرثاني ٿيل فريم ورڪ تحت، 2.2 ملين سِنگاپوري ڊالرن مان وڌائي 3.6 ملين سِنگاپوري ڊالرن جي سالياني پگھار حاصل ڪندو، جنهن سان کيس “دنيا جو سڀ کان وڌيڪ پگھار کڻندڙ سياسي اڳواڻ” جو لقب ملندو. سنگاپور جي آزاد ملڪ بنجڻ (1965ع) کان وٺي پيپلز ائڪشن پارٽي لاڳيتو 61 سالن کان ڪنهن وقفي بنا حڪومت ۾ آهي.

وزيرِاعظم لارنس وونگ

ليکڪ: آئيوان لِم

سنگاپور: چوٿين نسل جو وزيرِاعظم لارنس وونگ سنگاپور جي سياسي اڳواڻن لاءِ نئين نظرثاني ٿيل فريم ورڪ تحت، 2.2 ملين سِنگاپوري ڊالرن مان وڌائي 3.6 ملين سِنگاپوري ڊالرن جي سالياني پگھار حاصل ڪندو، جنهن سان کيس “دنيا جو سڀ کان وڌيڪ پگھار کڻندڙ سياسي اڳواڻ” جو لقب ملندو.

ايئن ناهي ته وزيرِاعظم لارنس وونگ کي اهو لقب پسند آهي، پر هن نئين وزارتي پگھار واري پئڪيج جي حمايت ڪئي، جنهن کي حڪمران ‘پيپلز ايڪشن پارٽي’ (PAP) جي اهليت جي بنياد تي هلندڙ (ميريٽوڪريٽڪ) حڪمرانيءَ واري نظام جو هڪ حصو قرار ڏنو ويو آهي.

3.6 ملين سنگاپوري ڊالر (2.85 ملين آمريڪي ڊالر) سان سندس پگھار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 400,000 آمريڪي ڊالرن ۽ ٻين مغربي توڙي ايشيائي سياسي اڳواڻن کان وڌيڪ هوندي.

8 سيپٽمبر تي اعلانيل، پر 15 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندڙ پگھارن جو اھو وڏو اضافو، 15 سالن تائين پگھارن ۾ ڦيرڦار نه ٿيڻ بعد ڪارپوريٽ شعبي جي اعليٰ عملدارن جي موجوده مارڪيٽ جي شرح سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

وزيرِاعظم وونگ چيو ته ان واڌ جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته سياسي پگھارون ايتريون مقابلي واريون هجن جو اعليٰ صلاحيتن وارا ڪارپوريٽ اڳواڻ ۽ پيشه ور ماڻهو سياسي عهدا سنڀالڻ لاءِ آماده ٿي سگهن.

هن چيو: “…سالياني پگھار واري فريم ورڪ جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته ٻين سڀني قربانين کان پوءِ، اسان انهن لاءِ مالي نقصان کي غير ضروري طور وڌيڪ نه بڻايون.”

عوامي خدمت لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي، مسٽر وونگ چيو ته هو ايندڙ پنجن سالن تائين 2.2 ملين ڊالرن جي پنهنجي پوري پگھار جو اضافو خيراتي ڪمن لاءِ عطيو ڪندو.

نئين نظرثاني ٿيل پگھارن واري نظام تحت، ڪابينا جي وزيرن جي ابتدائي پگھار به 1.1 ملين مان وڌي 1.8 ملين سنگاپوري ڊالر ٿي ويندي. نئون بينچ مارڪ نجي شعبي جي اعليٰ 1,000 ڪمائيندڙن جي سراسري آمدني کي بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ عوامي خدمت جي اعتراف طور 40 سيڪڙو جي رعايت يا ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.

تنهن هوندي به، پگھارن جي هن واڌ کي مئنيج ڪرڻ لاءِ، وزيرن کي 9 سيڪڙو تائين جو هڪ ئي وقتي (ون آف) ايڊجسٽمينٽ ملندو. پارليامينٽ جي ميمبرن جو مهيني وارو الائونس به 13,750 سنگاپوري ڊالرن مان وڌائي 18,500 سنگاپوري ڊالر ڪيو ويو آهي.

وزارتي پگھارن جي هيءَ تازي ڦيرڦار 1994ع واري “اهل ۽ ايماندار حڪومت لاءِ مقابلي واريون پگھارون” جي وائيٽ پيپر سان مطابقت رکي ٿي، جيڪو ان وقت جي وزيرِاعظم گو چاڪ ٽونگ پيش ڪيو هو. هن هڪ اهڙو فارمولو متعارف ڪرايو جنهن هڪ شروعاتي ليول جي وزير جو بينچ مارڪ بئنڪنگ، اڪائونٽنگ، قانون، انجنيئرنگ، ۽ مقامي و پرڏيهي ڪمپنين جي سي اي اوز جهڙن ڇهن پيشن جي اعليٰ 24 ڪمائيندڙن جي سراسر آمدنيءَ جي ٻه-ڀاڱي ٽي جي برابر رکيو.

اهو فارمولو باني وزيرِاعظم لِي ڪوئان ييو جي ان بيان ڪيل اصول جي مطابق هو، جنهن تحت خانگي شعبي مان باصلاحيت ماڻهن کي سياست ۽ حڪومت ۾ آڻڻ لاءِ مقابلي واريون پگھارون ڏنيون وڃن، ۽ ان سان گڏ بدعنواني کي روڪي سگهجي.

پنهنجي ڪتاب One Man’s View of the World ۾، مسٽر لي لکيو: “اهو سچ آهي ته دنيا ۾ ڪو به ملڪ پنهنجي وزيرن کي ايئن پگھارون نٿو ڏئي جيڪي اسان ڏيون ٿا. پر اهو به سچ آهي ته ڪو به ٻيٽ سنگاپور وانگر ترقي ناهي ڪري سگهيو: روشن، صاف سٿرو، محفوظ، جتي ڪا بدعنواني ناهي ۽ ڏوهن جي شرح گھٽ آهي… ان مان ڪجهه به اتفاق سان ناهي ٿيو. ان لاءِ هڪ اهڙو نظام جوڙڻو پيو جنهن لاءِ وڌيڪ پگھارون کڻندڙ وزيرن جي ضرورت هئي.”

مقابلي واري پگھار کي سنگاپور جي مستقبل سان جوڙيندي، وزيرِاعظم وونگ 8 سيپٽمبر تي پارليامينٽ کي ٻڌايو: “اهو اڄ جي پي اي پي (PAP) حڪومت بابت ناهي. اسان اها پيشنگوئي نٿا ڪري سگهون ته هاڻي کان ڪجھ سال پوءِ سياسي منظرنامو ڪهڙو هوندو.“

”پر جنهن به پارٽيءَ جي حڪومت هجي، يا جنهن به پارٽي جو اقتدار هجي، سنگاپور کي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ مضبوط ۽ اثرائتي سياسي قيادت جي ضرورت پوندي.”

2012ع ۾، وزيرِاعظم لي هيسين لونگ، جنهن گو چاڪ ٽونگ جي جاءِ سنڀالي هئي، هڪ نظرثاني ٿيل فارمولو اپنايو. ان ۾ ڇهن پيشن ۾ مٿين 8 ڪمائيندڙن جي بجاءِ، مٿين 1,000 ڪارپوريٽ عملدارن جي سراسري آمدنيءَ سان وزارتي پگھارن کي بينچ مارڪ ڪيو ويو.

ان ۾ هڪ ٻيو اضافو عوامي خدمت جي قربانيءَ جي احترام ۾ 40 سيڪڙو جي ڪٽوتي (ڊسڪائونٽ) ۽ بغير پينشن واري صاف شفاف پگھار (Clean-Wage Policy) هئي.

پگھارن ۾ اهي تبديليون مئي 2011ع کان لاڳو ڪيون ويون جڏهن وزيرِاعظم لِي پنهنجي عهدي جو ٽيون دور شروع ڪيو.

بھرحال، اقتصادي حالتن جي ڪري 2017ع ۽ 2023ع ۾ هر پنجن سالن بعد وزارتي پگھارن جي تنظيمِ نوءِ واري تجويز تي عمل نه ٿي سگهيو.

وزيرِاعظم وونگ جي دور ۾ مقابلي واري پگھارن واري نظام ڏانهن واپسيءَ جو تعلق سياسي جانشينيءَ سان آهي. مسٽر لِي جي جانشين چيو: “اهو صرف ان بابت ناهي ته اسان اڄ وزيرن کي ڇا ٿا ڏيون. اهو ان بابت آهي ته ڇا مستقبل جي وزيرِاعظم وٽ پبلڪ سروس، پرائيويٽ سيڪٽر، ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن مان باصلاحيت سنگاپورين کي اڳتي اچڻ ۽ سنگاپور ۽ سنگاپورين جي خدمت لاءِ هڪ بهترين ٽيم جوڙڻ لاءِ راضي ڪرڻ جو هڪ حقيقي موقعو هوندو يا نه.”

وزيرِاعظم وونگ مرحوم لي ڪوئان ييو جي ورثي ۽ PAP جي حڪمرانيءَ جي ان فارمولي کي مڃيو، جنهن سنگاپور کي صرف 35 سالن جي مختصر مدت ۾ ٽيئن دنيا مان پهرين دنيا واري ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جتي سال 2000ع تائين في ماڻھو جي ڊي پي 23,853 آمريڪي ڊالرن تائين پهچي وئي هئي.

ان سان گڏوگڏ، هُو مسٽر لِي جي ان چتاءُ تي به ڌيان ڏيندي نظر آيو ته وقت سان گڏ PAP جي قيادت نااهلي يا عام درجي جو شڪار نه ٿي وڃي.

2011ع ۾ پنهنجي ڪتاب Hard Truths for Singapore’s Survival ۾، تڏهوڪي منسٽر مينٽور PAP جي بقا بابت سوال اٿاريندي چيو هو: “هڪ وقت تصوير اهڙي ايندي جڏهن عوام نيٺ چوندو ته اچو ته ٻيءَ ڌر کي به آزمائي ڏسون، يا ته PAP جو معيار گھٽجي ويو هوندو يا وري مخالف ڌر اهڙي ٽيم پيش ڪئي هوندي جيڪا PAP جي برابر هجي.”

سنگاپور جي آزاد ٿيڻ (1965ع) کان وٺي، PAP مسلسل 61 سالن تائين بغير ڪنهن وقفي جي اقتدار ۾ رهي آهي.

جيڪڏھن وزيرِاعظم وونگ مرحوم مسٽر لِي جي سياسي بصيرت ۽ جانشينيءَ واري ڪارنامي کي ورجائي سگهيو، ته هُو پنهنجي محنت سچي ثابت ڪندو ۽ PAP لاءِ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ سياسي پارٽيءَ جو هڪ نئون اعزاز حاصل ڪندو.

_______________  

Ivan Lim-TheAsiaN

آئيوان لِم، ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button