محنت ۽ مھارت جي کوٽ سبب سنڌيءَ ۾ معياري ڊراما تيار نٿا ٿين
سنڌي فلم انڊسٽري بہ ختم آھي ۽ انھيءَ جي بحاليءَ جا ڪي آثار نظر نٿا اچن. سنڌ مان سئنيمائن جو وجود ئي ختم ٿي ويو آھي، نامياري ليکڪ ۽ ٽي وي ڪمپيئر محمود مغل جا خيال
خيرپور، سنڌ
نامياري ليکڪ ۽ ريڊيو، ٽي وي ڪمپيئر ڊاڪٽر محمود مغل چيو آھي تہ محنت، مھارت ۽ پروفيشنلزم جي کوٽ جي ڪري سنڌيءَ ۾ ڪو بہ معياري ڊرامو پروڊيوس نٿو ٿئي.

پوپٽ پبلشنگ ھائوس پاران ساڻس رچايل ”آءُ اسان وٽ ويھہ“ جي عنوان سان سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ ڳالھائيندي محمود مغل چيو تہ سنڌي فلم انڊسٽري بہ ختم آھي ۽ انھيءَ جي بحاليءَ جا ڪي آثار نظر نٿا اچن. ”سنڌ مان سئنيمائن جو وجود ئي ختم ٿي ويو آھي.“
ھُن سنڌي فلمن جي حوالي سان پنھنجي ھڪ ڪتاب جو بہ ذڪر ڪيو جيڪو سندس چوڻ موجب ھُن پندرنھن سالن جي محنت سان لکيو ھو.
محمود مغل چيو تہ ھُن ٽي وي ڪمپيئرنگ جو ڪم ڇڏي ڏنو تہ جيئن نوان چھرا اڳتي اچن. ھُن چيو، ”مون ننڍپڻ کان وٺي اکرن سان پيار ڪيو آھي. ڪائي ملڪيت ناھي ٺاھي، ڪتاب منهنجي ملڪيت آھن. اڄ بہ ٻہ اڍائي سئو صفحا روز پڙھندو آھيان.“

”منهنجو تعلق سيوھڻ جي مٽيءَ سان آھي. مون سموري عمر اکرن ۽ آواز جو پورھيو ڪيو آھي. مان الله جو ماڻهو آھيان ۽ ھڪ فقير جو پٽ آھيان.“
تقريب جي ميزبان سفرنامہ نگار قربان منگيءَ چيو تہ محمود مغل عمر جي اڌ صدي لفظن ۽ آواز جي دنيا کي ڏني آھي. ھو ھڪ ڪميٽيڊ ليکڪ ۽ ڪمپيئر آھي.
”امرتا“ مخزن جي ايڊيٽر فقير محمد ڍول چيو تہ، ڊاڪٽر محمود مغل ھڪ نھايت تيز ۽ ذھين ايڊيٽر بہ آھي، جيڪو لکڻين کي اجاري ڇڏڻ جو ھنر ڄاڻي ٿو، سندس ساٿ ۽ رھنمائيءَ ۾ گهڻو ڪجهہ سکڻ جو موقعو مليو آھي.

انسٽيٽيوٽ آ سنڌالاجي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف بہ تقرير ڪئي. تقريب جي ڪاروائي نامياري شاعر ۽ ڪمپيئر امراقبال ھلائي. ھال ۾ موجود مھمانن ڊاڪٽر محمود مغل کان سندس زندگي ۽ فن متعلق سوال ڪيا، جن جا ھن تفصيلي جواب ڏنا.
تقريب ۾ وزير حسين ميمڻ، ڊاڪٽر عبيدالرحمان مغل، ڊاڪٽر مبارڪ جتوئي، سھيل صدام، رخسانہ منگي، ڊاڪٽر ابراھيم کرل، ڊاڪٽراعجاز سمون، منظور خاموش، حبدارجاگيراڻي، تاج سروھي، محمد علي سھتو، مير صوبدارسعيد، ضمير لاشاري، ھاشم ڀٽي، ميرصوبدارسعيد، فھيم يحييٰ ڀٽو، اخترکوکر، بابومستوئي، ديدارمعصوم، زاھدمنگي، آزاد انصاري، ڪليم شيخ، فقيرڦليو، احمد علي مسافر، شريف عباسي، راحيل بڙدي، الطاف ابڙو، عاقب ڀٽي، ڪفايت گل، انور چنا، صلاح چنا سميت علم، ادب، فن ۽ ثقافت جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل مھمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مھمانن ڊاڪٽر محمود مغل کي ڪتابن ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا. (پريس رليز)
_________________



