سنڌي ادب: پاتار جو ميوزيم ۽ پوئتي رهجي ويل رنگ (مختصر ڪھاڻي)
مٽيءَ جي مورتي هاڻي مٽيءَ منجھ هلي وئي آهي . مٽيءَ جو سڏ کيس ٽي مھينا اڳ آيو هو ۽ هاڻي هوءَ اتي آهي . ادي سال کن کان ڪئنسر سان جهيڙيندي رھي پر هيءَ بيماري تہ اهڙي آهي جنهن جو انت مٽيءَ تي ئي ٿئي ٿو. هُوءَ مٽيء جي مورتي هاڻ جنم ڏڻ پاتار واري ميوزيم منجھ ملهائي رهي آهي .

ڪھاڻيڪار: ذوالفقار ناصر ساريو
ٽن مهينن کان پوءِ اڄ ميسينجر تي سندس ميسيج آيو هو . اهو بہ تڏهن جڏهن مون کيس صبح ساڻ سندس سالگرھ تي واڌايون ڏنيون هيون . هُوءَ ڪير هئي، مونکي خبر ڪونہ هئي . ڪُوڙي آءِ ڊي ٺهيل هئي يا سچي، انهيءَ سان بہ منهنجو ڪو تعلق ڪونہ هو . سندس فيس بُڪ وال تي آرٽ جون لڳل تصويرون منهنجو ڌيان ڇڪائي ويون هيون ۽ پوءِ مون کيس فرينڊ رڪئيسٽ موڪلي هئي .
مان سندس پوسٽ ڪيل تصويرن کي ڏاڍو پسند ڪندو هيس . آرٽ هونئن بہ منهنجو پسنديدہ مشغلو رهيو آهي . ڪمري ۾ توڙي ، منهنجي موبائل جي گئلريءَ ۾ انسانن کان وڌيڪ آرٽ جا فن پارا جمع ٿيل ھوندا آھن . اھي بي جان تصويرون تہ صرف پين پينسل جي لڪيرن يا آئل پينٽ جي رنگن سان رنڱيل نظر اينديون آهن پر ڏسڻ واري اک سان جيڪڏهن ڏسجي تہ ھُو ڏسندڙ کي گهڻو ڪجھ ٻڌائي ڇڏينديون آھن . ڀلي هڪ پني تي ڪجھ لڪيرون ليڪيل ۽ ڪجھ رنگ وکريل هجن پر اُھي هڪ ڪتاب ڪهاڻيءَ جيان ھوندا آھن. سندن رنگن ۾ درد بہ ھوندا آھن تہ خوشين جا رنگ بہ . چمڪندڙ ڳوڙھا بہ ڳلن تان لهندي محسوس ٿيندا آهن تہ وري هلڪن ٽهڪن جا ساز بہ سُرندي محسوس ٿيندا آهن. آرٽسٽ پنهنجا سڀئي درد ۽ سُک ڪينواس تي اوتي ڇڏيندو آهي . اهو سفيد ڪينواس ئي سندس جيون ڪهاڻي جو ڪتاب ھوندو آھي .
ھُوءَ آرٽسٽ هئي ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل چتر بہ سندس پوسٽن ۾ رکيل هوندا هيس تہ سندس پسند جون چونڊ تصويرون پڻ سندس فيس بُڪ جي اڱڻ تي سانڍيل ھونديون هيون . هوءَ مٽيءَ جي مورتي نہ پر ايئن لڳندو هو تہ وشال دل جي مالڪياڻي آهي . مان سندس فيس بُڪ جي ڪمري جي کليل کڙڪيءَ مان چونڊ تصويرون چورائي پنهنجي گئلريءَ منجھ سجائيندو هيس .
مان فيس بُڪ جي انهن فرينڊز مان نہ هيس جو ڪنهن فرينڊ جي پوسٽ کي لائيڪ نہ ڪريان، پر مان ان کان بہ وڌيڪ، سندن پوسٽن تي پنهنجي راءِ بہ ڏيندو هيس تہ وري جنم ڏڻ وارن ڏھاڙن تي گلن ۽ ڪيڪن جا ڊجيٽل تحفا بہ کين موڪليندو هيس. ايڏو قرب ڏسي ميسينجر تي سنگت جا ميسيج ۽ صبح وارا سلام بہ سلامي ٿيڻ لڳا ها. ڪنھن کي ٻانھون ٻڌي تہ ڪنهن کي ڳاڙهي دل ڏيکاري ، تہ وري ڪنهن کي دعا جا هٿ ٻڌي تہ ڪنهن کي ڳاڙھو گل ڏئي راضي ڪندو هيس .
محبتون موٽ ۾ محبت جو رستو ويٺيون نهارينديون آھن . ھن مٽيءَ جي مورتيءَ جا بہ روز صبح جو سلام اچڻ لڳا هئا . سلسلو هلندو رهيو تہ مون ساڻس ڳالهائڻ لاء ڪوشش ڪئي پر ڪو جواب ڪونہ آيو ۽ پوءِ مون بہ کيس وڌيڪ ڪال ڪرڻ مناسب نہ سمجهيو هو .
اوچتو سندس دعائن سلامن وارا پيغام اچڻ بند ٿي ويا . ڪافي ڏينهن گذري ويا، من اندر اڻ تڻ وڌڻ لڳي تہ مون سندس خيريت جو پيغام موڪليو پر ڪا ورندي ڪانہ آئي ۽ پوءِ زندگيءَ جي مصروفيتن ۾ هُوءَ پوئتي رهجي وئي .
ٽن مھينن پڄاڻان اڄ سندس سالگرھ جو ڏينهن هو . فيس بُڪ پنهنجو نينهن نڀائيندي، پنهنجي فائيل مان سندس نالو ڪڍي اسان ڏانهن موڪليو هو. مون بہ کيس واڌايون ڏنيون هيون ۽ شايد انهيءَ جي موٽ ۾ هيءُ ميسيج آيو هو .
“ادا اسلام عليڪم. مان مٽيءَ جي مورتي مونا جي ڀيڻ آهيان . مٽيءَ جي مورتي هاڻي مٽيءَ منجھ هلي وئي آهي . مٽيءَ جو سڏ کيس ٽي مھينا اڳ آيو هو ۽ هاڻي هوءَ اتي آهي . ادي سال کن کان ڪئنسر سان جهيڙيندي رھي پر هيءَ بيماري تہ اهڙي آهي جنهن جو انت مٽيءَ تي ئي ٿئي ٿو. هُوءَ مٽيء جي مورتي هاڻ جنم ڏڻ پاتار واري ميوزيم منجھ ملهائي رهي آهي . اوهان کيس ياد ڪيو اوهان جي مهرباني . “
…. مون موبائيل جو اسڪرين بند ڪري ڇڏيو. مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي اکين مان نہ پر سندس پينسل سان ٺهيل ڪنهن اڌوري اسڪيچ مان بي ساختہ ڳوڙها نڪري پيا هجن .
______________

ذوالفقار ناصر ساريو، مڪينيڪل انجنيئر (رٽائرڊ)، باڊھ، ضلعو لاڙڪاڻو/حيدرآباد. ھُو ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار آھي. سندس پھريون ناول ”يا نصيب“ تازو شائع ٿيو آھي.



