Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ فقط سرزمين نہ، پر ساڃاھ جي صدا بہ آهي

سنڌ جي سچائي، سنڌ جي سونهن، ۽ سنڌ جي سڃاڻپ هميشہ جيئري رهندي. ڇو تہ سنڌ فقط سرزمين نہ، پر ساڃاھ جي صدا آهي، جيڪا هر دور ۾ گونجي ٿي، جاڳي ٿي، ۽ پنهنجو وجود برقرار رکي ٿي.

رشيد احمد خاصخيلي

آئون سوچان ٿو سنڌ سان ٿيل انياءُ ۽ سنڌ جي مذاحمت تي_ جڏھن انياءُ جا خاڪا منھنجي دماغ جي زمين تي ڦٽن ٿا تہ انھن ۾ ڀيانڪ رُوپَ  ارغونن ۽ ترخانن جا نظر اچن ٿا_ جڏهن سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي ظلم جو راڄ هو، تڏهن هي ڌرتي خون سان ٻڏل هئي، هوا ۾ سڏڪا هئا، ۽ رستن  تي ويراني پکڙيل هئي. اُنهن لٽيرن جا لشڪر سنڌ جي امن کي ڳڙڪائي ويا، شهر کنڊر  ٿي ويا، مندر ۽ مسجدون بي يارومددگار ٿي پيون، ۽ علم جا ڏيئا وسامي ويا. سنڌ جي ڌيئرن جي عزت تاراج ڪئي وئي، بهادرن کي قتل ڪيو ويو، عالم ۽ شاعر خاموش ڪيا ويا، ۽ سنڌ جو روح زخمي ڪيو ويو.  هر گھٽي ماتم جو ميدان، هر گهر وڇوڙي جي ور چڙهيل، ۽ هر اک رت روئڻ لاءِ مجبور هئي. سنڌ جي زندھ دل ماڻهن کي غلام بڻايو ويو، سندن ٻولي، ثقافت، ۽ سڃاڻپ کي ميسارڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. پر انهن طوفانن باوجود بہ، سنڌ جي مٽيءَ پنهنجو وجود برقرار رکيو___

اڄ بہ جڏهن تاريخ جا ورق کولجن ٿا، تہ سنڌ جي زخمن مان رت ٽمڪي پوي ٿو، انهن ڏينهن کي محسوس ڪري ڌرتي جو آسمان بہ شايد روئي ٿو. پر سنڌ جي وجود جو چٽو ثبوت اُهو آهي تہ هوءَ اڃا بہ جيئي پئي ظلم جي رات ڪيتري بہ ڊگهي هجي، پر آخرڪار سج ضرور اڀرندو آهي.

وري جي آئون مذاحمت تي سوچان ٿو تہ سنڌ جي مٽيءَ جو اِنچ اِنچ مون کي وطن جي سپوتن جي مذاحمت جا رستا ڏيکارين ٿو_  سنڌ، جيڪا صوفين جي سرزمين آهي، سا ساڳئي وقت مزاحمت جو قلعو بہ آهي. هيءَ ڌرتي ڪنهن بہ ظالم جي اڳيان ڪڏھن ناھي جهڪي. تاريخ شاهد آهي تہ جڏهن بہ ظلم، جبر ۽ ناانصافيءَ جا ڪارا بادل سنڌ تي چڙھي آيا تہ سنڌي ماڻهن انھيءَ وقت ئي بغاوت جو نعرو ھنيو _ آرين ۽ محمد بن قاسم جي حملي کان وٺي اڄ  تائين، سنڌ جا دلير پُٽَ  پنهنجو رت ڏئي سرھا ٿيا آھن. هتان جي ماڻهن نہ رڳو تلوار سان، پر قلم ۽ ويچار سان بہ ھر دور ۾ جنگ جوٽي آھي ۽  وڙهيا آھن. سنڌ جي مزاحمتي روح جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ جڏهن بہ ڪو ڌاڙيل حڪمران آيو، تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻهن کيس خُوب للڪاريو آھي جن جي ساکَ سان ڪيترائي دفتر ڀريا پيا آھن__  سنڌين جي مزاحمت رڳو تاريخ جو حصو ئي ناهي، پر اُھا سنڌ جي مٽيءَ ۾ اڄ بہ موجود آهي. هيءَ ڌرتي محبت جا گيت تہ ڳائي ٿي، پر جبر کي هرگز قبول نہ ٿي ڪري. ھن مٽيءَ ھر دور ۾  پنهنجا زخم پاڻ ڀريا آھن، ۽ پوءِ وري باوقار نموني جيئڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي آھي.

مون ڌرتي تنھنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لک ڏٺا،

جن وڙھندي وڙھندي جان ڏني سي وارا وير وڄائي ويا_

(شيخ اياز)

هن ڌرتي جو آزمائشن مان  گذر ضرور ٿيو آهي، پر ان جي هنج مان سدائين بهادري ۽ سچائي  جا ڏيئا بہ ٻريا آهن. هن ڌرتي جا وير رت سان رڱيل رهيا آھن، پر پنهنجي سچائيءَ تان ڪڏهن بہ هٿ نہ کنيون اٿن. جيڪي وڙهيا، سي امر ٿيا، جن جيون ارپي ڇڏيو، سي تاريخ ۾ هميشہ جيئرا رهندا. سنڌ جي سينڌ تي لڳندڙ ڌڪ، وقت جي وهڪرن ۾ تہ گم ٿي سگهن ٿا، پر انهن جي درد جو آواز هوائن ۾ گونجي رهيو آهي، ۽ صدين تائين گونجندو رهندو. جيڪڏهن اڄ سنڌ جي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا آهن، تہ يقيناً ڪنهن ڪناري تي سج بہ اڀرڻ لاءِ تيار بيٺو هوندو. ڇو تہ سنڌ ڪڏهن بہ مري نٿي سگهي،  هن مٽيءَ  جي ڌيئرن ۽ پٽن جا حوصلا اڄ بہ جياپي جي سگھ رکن ٿا.

ھڻڻ ھڪلڻ ٻيلي سارڻ مانجھيان ايءُ مرڪ

وجھن ڪونہ فرق، رڪ ھندي راند ۾ __

(خليفو قاسم)

سنڌي ماڻھن ڪڏهن بہ پنهنجو حوصلو نہ ڇڏيو. آهي، اسين  وڙهيا آھيون، سجاڳ رهيا آھيون، ۽ وقت جي راند ۾ سدائين ثابت قدم رهيا آھيون. اسان لاءِ  جنگ ۽ جدوجهد ۾ ٿَڪَجي پوڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. نہ ئي پنھنجي منزل جي  واٽ وساري آھي نہ ئي پير پوئتي کنيان آھن.

سارتر تو بلڪل درست لکيو آھي ” بيٺڪن ۾ تشدد جو استعمال رڳو انھيءَ ڪري نہ ٿيندو آھي تہ ان جي ذريعي غلامن کي ڪجھ فاصلي تي رکيو وڃي، پر مقصد ھي ھوندو آھي تہ انھن غلامن جي انسانيت ختم ڪئي وڃي.“ پر قومون تشدد جي خوفَ کان  انسانيت تان ڪيئن ٿيون  ھٿ کڻي سگھن.؟ جي ائين ھجي ھا تہ الجزائر جا ماڻھو اٺن سالن ۾ ڏھ لکَ الجزائري ماڻھن جون جانيون قربان ڪري آزادي نہ وٺن ھا. پر ھنن انھن قربانين کي فخر سان قبولي انسانيت جي ساکَ بحال ڪئي ۽ آزاديءَ جي روشنيءَ کي ٻين قومن لاءِ ٻھ ٻھ ٻاري ڏيکاريو_ ڪنھن سالڪ وقت جي ڳالھ ڪندي لکيو آھي تہ ” وقت ڪنھن جو انتظار نہ ٿو ڪري، اھو پنھنجي مخصوص رفتار سان ھلندو رھيو آھي ۽ ھلندو رھندو. جن بہ قومن وقت جي آواز کي سڃاڻي جدوجھد ۽ جاکوڙ وسيلي وقت جي بي رياءَ گھوڙي جي واڳ ورائي آھي، تن ٿوري گھڻي ڏينھن پنھنجي مقصد واري منزل ضرور ماڻي آھي.“

اُھو ضرور آھي تہ سنڌ، منهنجي جيجل ماءُ، اڄ بہ ويدنا ۾ وڪوڙيل بيٺي آهي. هن جي مٽي تي اڃان بہ رت جا داغ آهن، هن جي هوائن ۾ سڏڪا سمايل آهن، ۽ هن جي ندين ۾ لڙڪن جو وھڪرو وھي رھيو آهي. پر سنڌ صدين کان سور سهي، هر ويرانيءَ مان جيئري ٿي نڪتي آهي. ڇو تہ هوءَ فقط زمين جو ٽڪرو نہ، پر محبت، ثقافت، ۽ سچائيءَ جي ساکَ آهي. هن ئي مٽيءَ ۾ شاھ لطيف جا بيت آهن، هن جي هوائن ۾ سچل جو سنيهو آهي، ھن جي پٽن تي سيد جي فڪر جي للڪار آھي_  ۽ هن جي ماڻهن جي رڳن ۾ رواداري جو رت وهي ٿو.  اڄ جو درد سمجھان ٿو تہ وڏو آهي، پر سنڌ جو حوصلو ان کان بہ وڏو آهي. هي سورن جا ڏينهن بہ گذري ويندا، پر سنڌ جي سچائي، سنڌ جي سونهن، ۽ سنڌ جي سڃاڻپ هميشہ جيئري رهندي. ڇو تہ سنڌ فقط سرزمين نہ، پر ساڃاھ جي صدا آهي، جيڪا هر دور ۾ گونجي ٿي، جاڳي ٿي، ۽ پنهنجو وجود برقرار رکي ٿي.

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button