ٻه ڏينهن روم ۾: اسٽاڪهوم جي برف کان روم جي نرم هوائن تائين
منهنجي لاءِ هي شهر ۽ سفر قديم آثارن سان گڏوگڏ ماڻهن بابت، دوستن جي محبت ۽ سخاوت ۽ هزارين ڪلوميٽر پري هڪ ننڍڙي سنڌي دنيا سان ملاقات پڻ هو. سفر رڳو جاگرافي ناهي هوندو پر اهو انساني لاڳاپن جو پڻ هڪ سفر هوندو آهي.

عبدالله عثمان مورائي
6 مارچ 2026ع تي صبح جو مون اسٽاڪهولم جي برفيلي ۽ سخت سيء واري موسم کي پٺتي ڇڏي اٽلي جي پراڻي شهر روم ڏانهن اڏام ڀري. جهاز مان هيٺ رڳو برف ئي برف، ڄميل ڍنڍون ۽ ننديون ٿي نظر آيون، روڊ ۽ رستا صاف ٿيل هيا ۽ گاڏين جي اچ وڃ نظر ٿي آئي. جڏهن جهاز روم جي هوائي اڏي تي لٿو ته فرق فوراً محسوس ٿيو. نارڊڪ علائقي جي چڀندڙ سياري جي جاءِ تي روم جي نسبتاً نرم ۽ خوشگوار موسم ملي.
منهنجو دوست جان مڱريو به برطانيا جي شهر ڪارڊف مان اچي رهيو هو. سندس جهاز منهنجي جهاز کان لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ پوءِ پهچڻو هو. مون وٽ ڪجهه وقت هو، تنهنڪري هوائي اڏي جي ڪيفيٽيريا ۾ وڃي ويٺس.
هوائي اڏا انسانن جي اچ وڃ کي ڏسڻ لاءِ نهايت دلچسپ جڳهون هوندا آهن. مون اتي ويٺي ويٺي ڪڏهن ڪڏهن سوشل ميڊيا تي نظر وجهندي، مسافرن جي اچڻ وڃڻ جا منظر ويٺي ڏٺا. ماڻهو مختلف رفتار سان هلندا پي رهيا، ڪي جلدي جلدي پنهنجي گيٽ ڏانهن وڃي رهيا هئا ته ڪي صبر سان انتظار ڪري رهيا هئا. انهن مان ڪي اهڙا به مسافر هئا جيڪي پنهنجن ڪتن سان گڏ هئا، جيڪي آرام سان پنهنجي مالڪن سان گڏ هلندا پي رهيا. اهو منظر هن مصروف عالمي هوائي اڏي جي ماحول ۾ هڪ نرم ۽ دلڪش احساس پيدا ڪري رهيو هو.
روم جون يادون ۽ هڪ پراڻو دوست
جڏهن به روم جو نالو ذهن ۾ ايندو آهي ته مون کي منهنجو دوست پريم ساگر ياد اچي ويندو آهي، جنهن ڪجهه سال اڳ مون کي هن ابدي شهر سان متعارف ڪرايو هو. هن ڀيري هو روم ۾ موجود نه هو پر هن مهرباني ڪري مون کي اتي رهندڙ پاڪستان جي شهر مانسهره جي هڪ نوجوان الاپتگين سان رابطو ڪرائي ڏنو جيڪو اتي روم ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (FAO) سان ڪم ڪري رهيو آهي. روم ۾ اسان جو اچڻ رمضان شريف جي مهيني دوران ٿيو هو، تنهنڪري هن وڏي محبت ۽ پنهنجائپ سان اسان کي افطار لاءِ پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته سڌو سندس گهر اچون، پر اسان پهرين خفو لاهڻ لاء پنهنجي رهائشگاهه واري بيڊ اينڊ بريڪفاسٽ تي چيڪ ان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پراتي ۾ آرامده رهائش
اسان جو بيڊ اينڊ بريڪ فاسٽ روم جي خوبصورت رهائشي علائقي پراتي ۾ هو. هي علائقو اٽلي جي اتحاد کان پوءِ اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ آباد ڪيو ويو هو ۽ پنهنجي وسيع ۽ ويڪرين گهٽين، منظم شهري ترتيب ۽ خوبصورت رهائشي عمارتن لاءِ مشهور آهي. ويٽيڪن سٽي هن علائقي کان تمام ويجهو آهي، تنهنڪري ڪيترائي سياح هتي رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
جان جي پهچڻ کان پوءِ اسان پنهنجي رهائشگاهه Vatication جو رخ ڪيو جيڪا ويٽيڪن جي بلڪل ويجهو هئي. اسان سڌا هوائي اڏي کان پهرين بس جو سفر ڪيو ۽ ان کان پوءِ رهائش تائين لڳ ڀڳ ڪو ڏهه منٽن جو پنڌ هو. موسم تمام بهترين هو.
رهائشگاه تي سيلف چيڪ ان جو عمل تمام سولو هو. ڪمرو صاف، سٺو سينگاريل ۽ خوشگوار هو. بلڪل اهوئي ماحول جيڪو ڊگهي سفر کان پوءِ مسافر چاهيندو آهي. ڪمري ۾ چانهه جو بندوبست هو، باقي ٻيو ڇا کپي. ڪجهه دير آرام ڪرڻ کان پوءِ، لٽا مٽائي اسان ويجهي علائقي کي گهمڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين.
دنيا جي ننڍي ترين رياست ۾ داخلا
ٿوري ئي دير ۾ اسان ويٽيڪن سٽي جي ويجهو پهچي وياسين، جيڪا دنيا جي سڀ کان ننڍي خودمختيار رياست ۽ رومن ڪيٿولڪ چرچ جو روحاني مرڪز آهي.
سينٽ پيٽرز اسڪوائر جي چوڌاري تمام گهڻي رونق هئي. دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل سياح ۽ زيارت ڪندڙ وڏي ميدان ۾ گهمي رهيا هئا، شاندار عمارتن کي ڏسي رهيا هئا ۽ تصويرون وٺي رهيا هئا. اسان به جام تصويرون ڪڍيون.
جيتوڻيڪ ميدان مصروف هو پر حد کان وڌيڪ هجوم نه هو. بهرحال مون کي ذاتي طور ياد آيو ته پرتگال ۾ فاطمه جي زيارتگاهه تي شايد وڌيڪ روحاني ماحول آهي.
تنهن هوندي به، صدين جي مذهبي تاريخ سان گهيريل ويٽيڪن سٽي ۾ بيهڻ پنهنجي پاڻ ۾ هڪ منفرد تجربو آهي. لسٽ ۾ وزيٽيڊ يا گهميل جاء کي ٽڪ ڪيوسين ۽ اتان نڪرڻ جي ڪئيسين.

روم جو مصروف ٽرانسپورٽ مرڪز
اتان کان پوء اسان ميٽرو اسٽيشن ڏانهن روانا ٿياسين. اوٽاويانو ميٽرو اسٽيشن تان ميٽرو وٺي روما ٽرميني ڏانهن وياسين.
ٽرميني روم جو سڀ کان وڏي ريلوي اسٽيشن آهي ۽ يورپ جي مصروف ترين ٽرانسپورٽ ۽ اچ وڃ جي مرڪزن مان هڪ آهي. هتي ريلون، ميٽرو، بسون ۽ ايئرپورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ بسون سڀ اتي گڏ ٿين ٿا.
هفتي جي موڪل وارو ڏينهن هو تنهنڪري اسٽيشن ماڻهن سان ڀريل هئي. ڪيترائي نوجوان شايد رات جي محفلن يا سماجي گڏجاڻين يعني ڪلبن، بارس لاءِ نڪري رهيا هئا. اهڙين مصروف جاين تي البت ٿورو خبردار رهڻ ضروري هوندو آهي ڇو ته ٽرميني جو علائقو کيسي ڪترڻ وارن يعني بشنين لاءِ به مشهور آهي.
اتان اسان ٻي ميٽرو وٺي باسيليڪا سان پاولو اسٽيشن ڏانهن وياسين.
ٿورو ڀُل ۽ گرمجوش آڌرڀاءُ
باسيليڪا سان پاولو اسٽيشن کان اسان بس وٺي الاپتگين جي گهر ڏانهن روانا ٿياسين. اهو هڪ عجيب تجربو هو ته هڪ وڏي روڊ تي مختلف بس جي بيهڻ جا اسٽاپ هئا ۽ نالو وري انهيء سڄي جو ساڳيو ۽ هڪڙو، سو اسين غلط اسٽاپ تي لهي وياسين، جنهن ڪري اسان کي وڌيڪ ويهه منٽ کن پنڌ ڪرڻو پيو. پر سفر جو مزو ئي انهيء ۾ آهي ته پنهنجي پاڻ کي وڃائي وري ڳولجي ث پنهنجي پاڻ تي به کلجي.
بهرحال اسان ويجهو پهچي پنهنجي لائيو لوڪيشن الاپتگين ڏانهن موڪلي ۽ هو ڪجهه ئي منٽن ۾ اسان سان اچي مليو.
روم ۾ ديسي افطار
سندس اپارٽمينٽ ۾ اسان جي سچي دل سان مهمان نوازي ۽ مزيدار ديسي افطار سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو.
جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ته سڀ ٿڪ لهي ويا.
الا پتگين اڳ ۾ IBA سکر مان تعليم حاصل ڪئي هئي، جيڪا سنڌ جي اهم تعليمي ادارن مان هڪ آهي ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ روم آيو هو.
جلد ئي اسان سان خيرپور ميرس جو عباس شاهه رضوي به شامل ٿيو، جيڪو روم ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو.
ٿوري دير کان پوءِ هڪ ٻيو نوجوان ڪمري ۾ داخل ٿيو. پهرين نظر ۾ مون سمجهيو شايد اطالوي آهي پر هن پنهنجو تعارف شافعي شيخ ڪرايو جنهن جو اصل تعلق لاڙڪاڻي سان هو. شيخ صاحب تازو ئي تعليم لاءِ روم آيل هو.
ان گهڙيء اپارٽمينٽ جو ماحول بلڪل سنڌي اوطاق جهڙو ٿي پيو جتي ڳالهيون، کلون ۽ يادون گڏجي هڪ پنهنجائپ پيدا ڪري رهيون هيون.

رات جو روم جي سير
وقت گهٽ هئڻ سبب اسان فيصلو ڪيو ته ساڳي رات روم جا ڪجهه مشهور هنڌ گهمي ڏسون. الاپتگين ۽ شافعي جي مهرباني جيڪي اسان سان گڏ گهمڻ لاء هليا، ڪ سونهو هجي ٿو ته ڪم صفا سولو ٿي پوي ٿو.
اسان جو پهريون اسٽاپ الٽاري ڊيلا پاتريا هو، جنهن کي الٽر آف دي فادرلينڊ به چيو ويندو آهي.
هي يادگار اٽلي جي اتحاد جي علامت آهي ۽ بادشاهه وڪٽر ايمانوئل ٻئي جي اعزاز ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. هتي اڻڄاتل سپاهي جي قبر پڻ موجود آهي.
رات جي روشني ۾ اڇي سنگ مرمر جي هي شاندار عمارت نهايت خوبصورت نظر اچي رهي هئي.
اتان واندا ٿي ويجهو ئي رومن فورم ۽ پالاتين هِل جا آثار ڏٺاسين. رومن فورم قديم رومن سلطنت جو سياسي ۽ واپاري مرڪز هو جتي سينيٽر بحث ڪندا هئا ۽ ماڻهو گڏ ٿيندا هئا. پالاتين هِل کي روم جي جنم ڀومي سمجهيو ويندو آهي، جتي هڪ زماني ۾ رومن بادشاهن جا محل هئا.
اتان کان پوء مشهور ڪولوسيئم جو وارو آيو ۽ اسان اوڏانهن وياسين. مون اڳ به ڏينهن جي وقت هن عمارت کي ڏٺو هو، پر رات جي روشني ۾ ڏسڻ هڪ بلڪل مختلف تجربو هو. تقريباً ٻه هزار سال پراڻو هي امفي ٿيٽر هڪ زماني ۾ گليڊيئيٽر مقابلن ۽ عوامي تماشائن لاءِ استعمال ٿيندو هو.
ان رات جي وقت به سياحن جو وڏو ميڙ موجود هو، جن مان ڪيترائي ڏکڻ ايشيا مان يعني ديسي لڳي رهيا هئا. ويجهو هڪ دلچسپ ڳالهه مون ڏٺي ته عوام لاء پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ۽ نظام، جتي ان پاڻيء واري بوٿ مان بٽڻ دٻائڻ سان سادو يا گئس وارو پاڻي مفت ۾ ملي پيو. ماڻهو بوتل يا ڪوپ هڪ ليٽر، اڌ ليٽر يا وري رڳو هڪ ڪوپ يا گلاس ڀري پي سگهيا. اهو شهري انتظام جو سٺو مثال هو.
ڪولوسيئم مان اسان بس ذريعي روم جي مشهور ٽريوي فاؤنٽين تي اچي پهتاسين. بسن ۾ ڪا گهڻي پيهه ڪانه هئي پر ٽريوي فاؤنٽين جي چوڌاري وڏي رش هئي. هر عمر جا ماڻهو هن خوبصورت جڳهه مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا.
هر ڪو تصويرون وٺي رهيو هو. اڄڪلهه ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته ماڻهو ڪنهن جڳهه کي محسوس ڪرڻ بدران ان کي تصويرن ۾ قيد ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت گذارين ٿا. شايد اسان به ائين ئي ڪيو پر ڪجهه وقت اسان اتي ويٺاسين ضرور ۽ فاؤنٽين جي مجسمن ۽ وهندڙ پاڻي جي خوبصورتي دل ۾ جذب ۽ اوتڻ جي ڪوشش ڪئيسين ۽ پوء ميلو اتي جو اتي متل ڇڏي نڪرڻ جي ڪئيسين. اڳتي وڌندي ٽيمپل آف هيڊرين جي کنڊرن وٽان لنگهياسين ۽ پوءِ شاندار پينٿيون تي پهتاسين. هي عمارت اصل ۾ رومن ديوتائن جي ٽيمپل طور تعمير ڪئي وئي هئي. ان جو وڏو گنبذ ۽ وچ ۾ گول کليل حصو قديم دنيا جي عظيم تعميري ڪارنامن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.
پراتي ڏانهن واپسي
الاپتگين ۽ شافعي اسان کي روم جي مشهور آئس ڪريم کارائڻ جي صلاح پڻ ڪئي، پر اسان واپس هوٽل وڃڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته رات گهڻي ٿي چڪي هئي. انهن اسان کي پراتي وڃڻ واري صحيح بس ۾ ويهاريو ۽ اسان هڪ ٻئي کي وري ملڻ جو چئي الوداع ڪيو.
هوٽل پهچي مون ڪمري ۾ رکيل ڪٽلي ۾ پاڻي گرم ڪري هڪ پيالي چانهه ٺاهي ۽ چانهه جي چسڪين جو مزو ورتو. ڊگهي ڏينهن کان پوءِ اها چانهه جي چسڪين جي ننڍڙي عياشي وڏي سڪون ڏيندڙ هئي. رات دير تائين ڪچهري ڪندي ڪندي ننڊ اچي وئي.
صبح جو ناشتو ۽ ننڍڙيون يادون
ٻئي ڏينهن جو ناشتو سادو پر اطمينان بخش هو. هوٽل جا ويرانڊا جي ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه هئي. اهي ننڍڙن ويسپا اسڪوٽرن ۽ ننڍڙين ڏيڏرين نما گاڏين جي رانديڪن سان سينگاريل هئا. انهن کي ڏسي مون کي سنڌ ۾ سڏجندڙ ڏيڏري ڪارون ياد آيون. اهڙي قسم جي ڪار ڪنهن دور ۾ ڊي ايس پي قاضي عبدالحق وٽ به هوندي هئي.
روم ۾ سنڌي نياڻين سان ملاقات
روم ڇڏڻ کان اڳ اسان ٻن قابل نوجوان سنڌي نياڻين سان ملڻ جو ارادو ڪيو. انوشي ۽ سندس ڪاروباري دوست ۽ ساٿي سروشڪا، جن روم شهر ۾ هڪ ريسٽورنٽ کوليو آهي.
اهي اصل ۾ سنڌ جي ضلعن ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد سان واسطو رکن ٿيون. انهن علائقن ۾ ثقافتي طور تي شايد ڇوڪرين لاءِ بين الاقوامي موقعا گهٽ هوندا آهن، ان ڪري سندن ڪاميابي وڌيڪ متاثر ڪندڙ آهي. اسان اوٽاويانو ميٽرو اسٽيشن تان ٽرميني ۽ اتان وري ٻي ميٽرو وٺي سان جيوواني ميٽرو اسٽيشن تي اچي پهتاسين جتان پوء پنڌ کي ڇڪيوسين ۽ اچي سندن ريسٽورنٽ Hungry Scholars تي پهتاسين.
انوشي ريسٽورنٽ کولڻ کان اڳ ئي خاص طور تي اسان سان ملڻ لاءِ آئي هئي. سندس دوست سروشڪا به جلدي پهچي وئي. سندن مرڪ ۽ آڌرڀاء ان جاء کي ريسٽورنٽ کان وڌيڪ سنڌي گهر جهڙو بڻائي ڇڏيو.
جتي سنڌي هجن، اتي چانهه لازمي هوندي آهي. سو اسان جي به ديسي چانهه ۽ بسڪٽن سان مهمان وازي ڪئي وئي. سندن مهرباني جو انهن مانيء جي صلاح به ڪئي پر اسان هوٽل تان اڳ ۾ ئي ڀرپور ناشتو ڪري نڪتاهئاسين.
ڳالهين دوران اسان کي سندن سفر بابت خبر پئي ته انهن جو سفر پهريان IBA سکر مان تعليم سان شروع ٿيو ۽ پوءِ روم ۾ اعليٰ تعليم لاء پهتيون ۽ پوءِ اتي انهن پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو.
پرڏيهي ملڪن ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. سندن همت ڪيترن ئي نوجوانن، خاص ڪري سنڌي ڇوڪرين لاءِ هڪ سنيهو آهي.
سندن ڪهاڻي هڪ مضبوط پيغام ڏئي ٿي، پنهنجا پر پکيڙيو، دنيا اوهان جي سوچ کان گهڻي وسيع آهي.

ايندڙ سفر ڏانهن روانگي
اسان آخر ۾ ٻنهي نياڻين جي حوصلي کي سلام ڪري کانئن موڪلايو ۽ اتان بس جي ذريعي روانا ٿي اچي روما ٽيبورٽينا ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين جتان اسان جي FlixBus نيپلز ڏانهن رواني ٿيڻ واري هئي. رش واري ٽريفڪ جي سبب ڪري بس لڳ ڀڳ پينتاليهه منٽ ورتا ۽ اسين وقت تي پهچي وياسين. جلد ئي بس آئي ۽ جڏهن اها روم مان نڪري نيپلز ڏانهن رواني ٿي، تڏهن اسان جو روم جو مختصر پر يادگار سفر پڄاڻيء تي پهتو ختم.
تاريخ، ماڻهن ۽ يادگيرين جو شهر
جڏهن بس هوريان هوريان روم مان ٻاهر نڪري رهي هئي ته مون ٿورو سوچو ته روم کي قديم آثارن جي ڪري ابدي ۽ پراڻو شهر چيو ويندو آهي ۽ ٿورو وقت هتي گذارڻ کان پوءِ اهي قديم آثار ڏسي انسان سمجهي وڃي ٿو ته واقعي هي شهر تمام قديم آهي.
پر منهنجي لاءِ هي شهر ۽ سفر قديم آثارن سان گڏوگڏ ماڻهن بابت پڻ هو. دوستن جي محبت ۽ سخاوت ۽ هزارين ڪلوميٽر پري هڪ ننڍڙي سنڌي دنيا سان ملاقات پڻ هو. سفر رڳو جاگرافي ناهي هوندو پر اهو انساني لاڳاپن جو پڻ هڪ سفر هوندو آهي.
شهر عمارتن سان متاثر ڪن ٿا پر ماڻهو دل تي نقش ڇڏين ٿا. جڏهن روم جون بتيون هوريان هوريان پٺتي رهجي ويون ته ان وقت مون سوچيو ۽ محسوس ڪيو ته سفر فاصلي سان نه پر مخصوص لمحن ۽ گهڙين سان ماپيا ويندا آهن. اهڙي طرح اسان جو روم جو باب ختم ٿيو، اختتام طور نه پر هڪ سفر جي ڊگهي ڪهاڻي ۾ هڪ خوبصورت يادگار طور.
___________________
سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.



