چين، جتي هر شھر ۾ ٻه شھر وسن ٿا، هڪ اميرن جو ۽ ٻيو غريبن جو
چين جھڙي ملڪ ۾، جتي حڪومتي رپورٽن موجب، غربت ختم ڪرڻ لاءِ وڏا قدم کنيا ويا آهن، اُتي فقيرن کي پنندو ڏسي خيال آيو تہ هيڏي وڏي ترقي ۽ دنيا جي ٻي وڏي معاشي طاقت بنجڻ جي باوجود چين جو هڪڙو روپ اهو به آهي، جيڪو مون ڏٺو
مون کي ھڪ ڳالهه وڻي ته ڪي ٻُڍڙا چيني اٽي تي چٽي ٿيڻ بدران شيون وڪڻي رهيا هئا. ايئن هو به چار ڏوڪڙ ڪمائي به وٺندا هوندا ۽ بازار ۾ وندريو به ويٺا هوندا. چيني پوڙها هجن يا جوان ڪونه ڪو ڪم ڪار ۽ ڌنڌو ڌاڙي پيا ڪندا آهن.
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
ٻاويھين آڪٽوبر 2024: رات پارڪسن چوڪ جيڪو ڇائو يانگ وانگر ئي نئننگ جو مشھور ۽ مصروف هنڌ آهي، ان جي هڪ هوٽل De. Sheet ۾ کشين جي هڪ ماسي ’وانگ ڦان‘، جنھن لاءِ وشال ٻڌايو ته تمام گهڻي امير ۽ بزنيس وومين آهي ۽ سندس ڪيتريون ئي ڪمپنيون آهن ۽ سندس هڪ پٽ آمريڪا ۾ آهي، اسان جي رات جي ڊنر رکي ڊنر بوفي هئي. ان ڊنر ۾ وشال، کشين، وانگ ين ڇنگ، وانگ هي ڪؤ (وشال جي سس) کشين جي ٻن ماسين، هڪ اها امير مائي ۽ هڪ ٻي جيڪا ان ڏينھن زو (Zoo) ۾ اسان سان گڏ هئي) کشين جي هڪ ڪزن، مون، نسيم ۽ وشال شرڪت ڪئي. اسان ٻه ٽيبلون والاريون. بوفي جو سسٽم هن ريت هو ته ٻنهي ميزن تي گوشت پچائڻ ۽ اوٻارڻ لاءِ هيٽر لڳل هئا، جن تي بوفي ۾ رکيل مختلف قسم جي گوشت جا ٽڪرا ۽ سبزيون کڻي اوٻاري يا پچائي کائي ٿي سگهجيون. مون وشال کي چيو ته هتي رهنمائي ڪج ته ڪھڙي شئي کائون. ڇو ته جتي بوفي جا طعام رکيا هئا، اتي قسمين قسمين مختلف کاڌا، جن ۾ سي فوڊ، سبزيون، گوشت، مرغيون، مڇيون، فروٽ، مٺايون، جوس، وائين، آئسڪريم ۽ ٻيو الائجي ڇا ڇا رکيو هو. سڄي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪنھن شئي کڻڻ تي دل ئي نه پي چيو. نيٺ هڪ ٻه مٺائي جا ٽڪرا، ٽي چار اوٻاريل ڀينڊيون، مٽر ۽ بيھه جو هڪ اڌ ڪچو، اڌ پڪو اوٻاريل ٽڪر کنيم، نسيم ۽ وشال به اهي ئي شيون کنيون. باقي چينائي ميزبانڻين ته ٻيو ته گهڻو ڪجهه کنيو، پر گوشت جا ڪچا ٽڪرا ۽ سبزيون به کنيون، جن ۾ کُنڀيون به هيون، پوءِ هنن اهي اوٻاري ۽ پچائي کاڌيون. اهو بوفي ڊنر ٻن ڪلاڪن جو هوندو آهي، جنھن ۾ في فرد اسي يوان ورتا وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن ٻن ڪلاڪن ۾ جيترو ۽ جيڪو کائي سگهو، اهو کائو ۽ موج ڪريو. جڏهن اسان هٿ ٿي روڪيو ته وري کائڻ لاءِ زورٿي ڀريائون.

ميزبان ’ماسي وانگ ڦان‘ ڏاڍي گريس فل ۽ کل مک ليڊي هئي، ڪجهه وشال جي مدد سان ۽ ڪجهه انڌي منڊي انگريزي ۾ گهڻا سارا حال احوال ٿيا. وشال جي واکاڻ ڪيائين ۽ چيائين ته ”پاڪستان ۾ ڪاروبار جا ڪافي امڪان آهن، اوهان هِتان سامان گهرائي، اتي ڪاروبار ڪريو، آءٌ اوهان جي رهنمائي ڪنديس.“
ماني کائيندي وشال ڪو گانگٽ يا ڪا ڪڪڙ جي پڪل ٻوٽي ٿي کنئي ته مون ماڻهنس کي ٺونٺ هڻندي ٿي چيو، ”ڏس، پُٽھين چينين سان گڏجي صفا کري ويو آهي. الائجي ڇا پيو کائي.“ ته ماڻهنس ڪرڙين اکين سان کيس ٿي ڏٺو ۽ مون ۽ وشال وٺي ٽھڪ ٿي ڏنا ته نسيم چوڻ ٿي لڳي، ”نيس الله… ڪيئن نه پيا کائين“ ۽ پوءِ گهر اچي ڌيئرن ۽ ڀيڻين کي فون تي مزي مزي سان ان دعوت جون ڳالهيون ٻڌايائين.
ٻه ڪلاڪ ڏاڍي مزي ۽ کل خوشيءَ ۾ گذريا. پوءِ ٻاهر نڪري گروپ فوٽو ڪڍرايوسين، موڪلائڻ مھل وانگ ڦان، انگريزي ۾ مون کي چيو، ”اميد ته وري هڪٻئي سان ملنداسين.“
واپسيءَ ۾ ڪار تائين ايندي مون ٻه عجيب لقاءُ ڏٺا. هڪ ڪُنڊ ۾ ڏٺم ته هڪ پوڙهو ۽ پوڙهي چينائڻ ڪستو رکي ويٺا پني رهيا هئا. ڪستي ۾ ماڻهن طرفان وڌل يوان پيا هئا. مون بيھي کين ڏٺو ۽ فوٽو ڪڍيو ته ٻئي وات پٽي کلڻ لڳا، سندن منھن پوپلا هئا يعني ڏندن ڏاٺُن کان خالي. مون کي سندن ائين پنڻ تي حيرت به ٿي ۽ عجب به ٿيو. ٿورو اڳيان وڌيس ته هڪ ٻي چينيءَ کي پٽ تي ويٺي ڪستو اڳيان رکي پنندي ڏٺم. گهڙي کن بيھي رهيس، سندس ڪنڌ جهڪيل هو. ان وقت مون کي سقراط جو قول ياد آيو، ”هر شھر ۾ ٻه شھر وسن ٿا، هڪ اميرن جو ۽ ٻيو غريبن جو.“ چين جھڙي ملڪ ۾ جتي غربت جي خاتمي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ حڪومتي رپورٽن موجب هنن وڏي انگ ۾ غربت ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. اتي هنن فقيرن کي ائين پنندو ڏسي خيال آيو هيڏي وڏي ترقي ۽ دنيا جي ٻي وڏي معاشي طاقت بنجڻ جي باوجود به چين جو هڪڙو روپ اهو به آهي، جيڪو هينئر مون ڏٺو.
فرلانگ کن اڳتي وڌياسين ته فوٽ پاٿ تي سامان وڪڻندڙن ۾ هڪ پوڙهو ۽ پوڙهي ڏٺم، جيڪي هڪ ننڍي ٽپائيءَ تي چين جو جهنڊو لڳائي، ڪجهه شيون وڪڻي رهيا هئا. سندن وهي اسي سال کن هوندي. مون کين ’ني هائو‘ چئي سلام ڪيو ته هو ٻيئي مُرڪيا ۽ مون سندن فوٽو ڪڍيو ته ٻنهي مرڪي پوز هنيو. جنھن تي مون کان کل ڇڏائجي ويئي. مون کي سندن اها ڳالهه وڻي ته هو اٽي تي چٽي ٿيڻ بدران هيئن شيون وڪڻي رهيا هئا. ايئن هو به چار ڏوڪڙ ڪمائي به وٺندا هوندا ۽ بازار ۾ وندريو به ويٺا هوندا. اڳيان ڪٿي لکي آيو آهيان ته چيني پوڙها هجن يا جوان ڪونه ڪو ڪم ڪار ۽ ڌنڌو ڌاڙي پيا ڪندا آهن.

صبح جو اٿي ٻاهر ويٺس ته خبر پئي ته وانگ هي ڪؤ (وشال جي سس) سوير اٿي ڳوٺ هلي ويئي آهي. هوءَ ڪالهه صبح جو موڪلائي ويئي هئي، ڌيڻس وان ين ڇنگ کيس ڇڏڻ ويئي، پر ڪلاڪ کان پوءِ وري موٽي آيون ۽ چيائين ته منھنجي ڀيڻ مون کي فون تي چيو ته ”اڄ نه وڃ.“ تنھنڪري موٽي آيس. رات دعوت ۾ پڻ موجود هئي. ڪلهه رات جڏهن مون کيس سندس مڙس لاءِ لُنگي ڏني هئي ته ان مھل آءٌ اندران ”سرها ڏٺم سي“ ڪتاب کڻي آيس ۽ وشال کي ان جي پويان منھنجي ۽ امان جي ڇپيل تصوير ڏيکاريم، وشال وري کيس ڏيکاري ته هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ وري ڪتاب جي ڪوَر تي منھنجو فوٽو ڇپيل ڏٺائين ته آڱوٺو ڏيکاري خوشيءَ جو اظھار ڪيائين ۽ وشال جڏهن کيس ٻڌايو ته ابو ليکڪ به آهي ته هٿ جي اشاري سان چيائين ته واهه، پوءِ نوٽ بوڪ ۾ سنڌي ۾ منھنجا ورتل نوٽس کڻي ڏٺائين ۽ دلچسپيءَ جو اظھار ڪيائين. وشال جڏهن کيس چيو ته آءٌ مائوزي تنگ کي پسند ڪندو آهيان ته خوشي مان چيائين، ”مائوزي تنگ جو مڙهه بيجنگ ۾ رکيو آهي. بيجنگ وڃو ته ضرور ڏسجو.“ اڄ جو ائين هلي ويئي ته بي حد ڏک ٿيم ۽ وشال کي چيم ته سندس ڳوٺ ضرور هلبو، سندس ڳوٺ نئننگ کان چئن ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي.
اڄ صبح جو تيار ٿي ڊاڪٽر فيصل محمود جي ڏنل دعوت تي ’گوانگزو مينزو يونيورسٽي‘ وياسين. ڊاڪٽر فيصل اصل پنجاب جو آهي، بيجنگ مان پي. ايڇ. ڊي. ڪري اتي ئي اڍائي سال استاد ٿي، پڙهايائين، پوءِ پاڪستان هليو ويو، جتي سندس چواڻي ته روزگار لاءِ ڏاڍو ’رليس ۽ خوار ٿيس‘. نيٺ چين موٽي آيس ۽ گوانگزو مينزو يونيورسٽي ۾ اٺن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي آهي، پگهار ماهوار ڇھه هزار يوان اٿس، جيڪو ايترو ڪو گهڻو ڪونهي، رهائش ۽ بجلي وغيره پڻ يونيورسٽيءَ پاران ڏنل اٿس. ڊاڪٽر فيصل وشال جو دوست آهي ۽ شام جو روز وشال جي هوٽل تي ماني کائڻ ايندو آهي. اسان کي ڪافي ڏينھن کان چيائين پئي ته مون وٽ اچو، نيٺ ڪالهه کيس ٻڌايوسين ۽ اڄ وڃي نڪتاسين.
’گوانگزو مينزو يونيورسٽي‘تمام وڏي آهي، نئننگ ۾ ئي ڪيترا ڪئمپس اٿس شھر اندر هڪ شھر آهي، منھنجي ورتل ڄاڻ موجب رڳو نئننگ ۾ ئي پندرهن کن يونيورسٽيون ۽ انهن جا ڪئمپس آهن. جن ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي شاگرد پڙهن ٿا. يونيورسٽين جون عمارتون شاندار ۽ ميلن ۾ پکڙيل آهن ۽ هر قسم جي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس. چيني حڪومت جو تعليم ڏانھن وڏو ڌيان آهي. چين عالمي ريڪنگ ۾ تعليم جي اعتبار کان 22 هين نمبر تي آهي. تعليم رياست جي ڪنٽرول ۾ آهي. البت پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي به اجازت آهي، پرائيويٽ اسڪول چين جي تعليمي نظام ۽ سليبس جي پابندي ڪن ٿا. چين ۾ ٻارن کي 9 سالن تائين مفت ۽ لازمي تعليم ڏني ويندي آهي. تعليم جو ميڊيم چيني زبان آهي. گريڊ فور کان انگريزي زبان سيکاري ويندي آهي.

يونيورسٽيءَ جي ڏسيل گيٽ وٽ لٿاسين، جتي ڊاڪٽر فيصل اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هو ۽ اسان کي وٺي پنھنجي ڊارميٽري آيو، جيڪا سڏ پنڌ تي هئي. اسان هلندا سندس رهائش واري ڊارميٽري آياسين. جتي ڊاڪٽر فيصل سميت ڪيترن ئي استادن کي رهائش ڏنل آهي. سڄي يونيورسٽيءَ ۾ استادن ۽ يونيورسٽي جي عملي جي رهائش لاءِ اهڙيون ڪيتريون ئي ڊارميٽريون ٺھيل آهن. اسان لفٽ ۾ چڙهي ٻي ماڙ تي آياسين، ڊاڪٽر فيصل پنھنجي رهائش گاهه جو دروازو کوليو ۽ اسان اندر گهرياسين، اها فليٽ ٽائپ ٺھيل رهائش گاهه هڪ بيڊ روم، خُلاصي ٽي وي لائونج، ڪچن، ننڍي اسٽور روم ۽ واش روم تي مشتمل هئي ۽ سڄي ايئرڪنڊيشنڊ ۽ صاف سٿري هئي. ڊاڪٽر فيصل هتي فيملي سان رهي ٿو، سندس گهر واري ۽ پُٽ پاڪستان ويل هئا. ڊاڪٽر فيصل الائي ڪيترين شين جو بندوبست ڪيو هو. اسان کائيندا به رهياسين ۽ ڪچھري به ڪندا رهياسين. مون ڊاڪٽر فيصل کان پُڇيو ته، ”مون اڪثر چين جي سفرنامن ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته چيني ماڻهو شام جو ڇھين بجي ماني کائي ڇڏيندا آهن ۽ نوين تائين ڪڪڙوڪو لڳي ويندي آهي. پر هتي نئننگ ۾ اچي مون ته معاملو ان جي اُبتڙ ڏٺو آهي. نئننگ ته سڄي رات کلي پئي هوندي آهي ۽ چيني ماڻهو ته ڇھين کان پوءِ به کائڻ پيئڻ لاءِ هوٽلن تي وڏي تعداد ۾ نظر ايندا آهن؟“
”مون بيجنگ ۾ اڍائي سال نوڪري ڪئي آهي، اُتي سردي تمام گهڻي ٿئي ٿي، اڪثر مائنس کان به هيٺ هلي ٿي وڃي. ان ڪري ڏينھن جو ٻارهين بجي ڪاروبار کلي ٿو ۽ پنجين بجي تائين بند ٿيو وڃي ۽ ماڻهو سرديءَ سبب گهرن ۾ واڙجيو وڃن ۽ سواءِ ڪنھن ضروري ڪم جي ٻاهر نه ٿا نڪرن. آءٌ جڏهن نئننگ آيس ته هتي مون صورتحال بيجنگ جي ابتڙ ڏٺي، هتي موسم معتدل آهي، نه ايتري سردي نه گرمي، ان ڪري ڪاروبار به رات جو دير تائين کليل رهي ٿو ته ماڻهو به هلندا وتن. جن دوستن سفرنامن ۾ اها ڳالهه لکي آهي، اها بيجنگ جي ماحول ۽ موسم کي نظر ۾ رکندي لکي آهي…“ ڊاڪٽر فيصل جواب ڏنو.
ڪلاڪ سوا ويٺا ڪچھري ڪندا رهياسين، پوءِ موڪلائڻ لاءِ اٿياسين ۽ ڊاڪٽر جو زور هو ته نه وڃو، پر وشال کي ڪم هئا ۽ منھنجي طبيعت ۾ به مزو نه هو. سو هيٺ لھي آياسين ۽ پنڌ ئي پنڌ يونيورسٽي ڏسندا هلڻ لڳاسين ۽ ڊاڪٽر ٻڌايو ته يونيورسٽي جي هي ڪئمپس ننڍي آهي. ٿورو پرتي هڪ ٻي ڪئمپس به آهي. ڊاڪٽر اسان کي اتي هڪ ننڍي مصنوعي ڍنڍ به ڏيکاري، ڀرسان ئي يونيورسٽي جو هڪ وڏو ڪنسرٽ هال به هو. اسان وري اڳتي وڌياسين ۽ ’چائنا- ايشين لا اسڪول‘ تائين پھتاسين. جيڪو پڻ يونيورسٽيءَ جو حصو هو. اندرينءَ گيٽ وٽ چيني ۽ انگريزي ۾ نالي لکيل هئڻ سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن جا جهنڊا پڻ پينٽ ٿيل هئا، پر انهن ۾ پاڪستاني جهنڊو نه هو. اتي هڪ ننڍي لئبريري به هئي، جنھن ۾ به ڪتاب چيني ٻولي ۾ رکيل هئا، البت ٽي چار ڪتاب ڊويلپ مينٽ تي انگريزي ۾ به هئا. ان کان سواءِ چيني صدر شي چن پنگ جي ڪتاب ”چين جي طرز حڪمراني“ جا پڻ چيني ۽ انگريزي ۾ ڪجهه جلد رکيا هئا. اتي چيني ۾ ڪجهه اخبارون پڻ رکيل هيون. آءٌ گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان ڪنھن اخباري اسٽال جي ڳولا ۾ هئس، وشال مون کي هڪ اسٽال ڏيکاريو، جيڪو بند هو ۽ مون کي سدائين بند ئي نظر آيو. اڄ ڏينھن سوڌي مون نه ڪنھن جي هٿ ۾ اخبار ڏٺي آهي ۽ نه ڪو ڪتاب. بھرحال اسڪول ڏسي اسان ٻاهر نڪتاسين ته هڪ شٽل اچي لنگهي، ڊاڪٽر فيصل چيو، ”ڇو نه شٽل ۾ چڙهي يونيورسٽيءَ جو چڪر هڻون.“ اسان ها ڪئي ته ڊاڪٽر ٻي ايندڙ شٽل کي هٿ ڏنو، جيڪا بيٺي، اسان ان ۾ چڙهي ويٺاسين. في ماڻهو هڪ يوان ۾. يونيورسٽيءَ جي ان چڪر ڏاڍو مزو ڏنو. سڄي ڪئمپس خوبصورت عمارتن، وڻن ٽڻن، سُھڻن رستن جو هڪ نمونو هئي. چڪر پورو ڪري واپس اچي مکيه گيٽ وٽ لٿاسين. وشال ايپ ذريعي ديدي (ٽئڪسي) گهرائي، تيستائين ڊاڪٽر فيصل بيٺو رهيو. سندس محبت ۽ ميزبانيءَ جي مھرباني مڃي اسان ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ته ڊاڪٽر فيصل به روانو ٿيو.

شام جو ساڍي ڇھين ڌاري وشال مون کي بائيڪ تي کڻي اسپتال ويو، جتي منھنجي ايم. آر. آءِ. ٿيڻي هئي. اسان اسپتال پھچي واسطيدار هنڌ پھتاسين. جتي هڪ چينائڻ ويٺي هئي. کيس رسيد ڏيکاريسين ته هن مون کي اندر سڏيو، کيسن مان سڀ سامان ۽ پينٽ جو بيلٽ به لھرائي ورتائين ۽ پوءِ مون کي کڻي سمھاريائين ۽ چرڻ پرڻ کان منع ڪيائين ۽ منھنجي جسم جو اڌ مشين ۾ هليو ويو. مون لمس ڄامشوري مان ٻه ڀيرا اڳ ۾ ايم. آر. آءِ ڪرائي هئي، تنھنڪري مون کي خبر هئي ته مون کي پندرهن ويھه منٽ بي سڌ ٿي ليٽيو رهڻون آهي. مون اکيون ٻوٽي ذهن خالي ڇڏي ڏنو. پندرهن ويھن منٽن تائين مشين جا آواز ۽ ٺڪاٺوڪي ٿيندي رهي، پوءِ مون کي مشين مان ٻاهر ڪڍي اٿڻ جي لاءِ چيائين. وشال به اتي بيٺو هو. جنھن مون کي بيلٽ ڏنو ۽ اسان ٻاهر نڪري آياسين. وشال مون کي ٻڌايو ته هو سڄو وقت ڪمپيوٽر وٽ مشين آپريٽ ڪندڙ خاتون وٽ ويٺو ساڻس ڪچھري ڪندو رهيو. وشال مون کي ٻڌايو ته مائيءَ چيو، ”ڪلهي ۾ ڪو مسئلو ضرور آهي. باقي رپورٽ اچي ته خبر پوي.“
”رپورٽ ڪڏهن ملندي؟“مون پڇيو.
”سڀاڻي-“وشال چيو،“جي آپريشن جي ضرورت پئي ته ڪرائي ڇڏينداسين.“
”پر هتي منھنجي ته انشورنس به ٿيل ڪونهي، تنھنڪري تمام گهڻو خرچ ايندو، ايترا پئسا ڪٿان ايندا؟“
”الله مالڪ آهي، ابو، پئسا اچڻا وڃڻا آهن.“ وشال چيو گهڙي کن ترسي وري چيائين، ”باقي ابو توکان مون کي شڪايت آهي، ته تون پنھنجي صحت جو خيال نه ٿو رکين.“ جنھن تي آءٌ کلي پيس ۽ چيم، ”پوءِ ماڻهو چوندا ته يوسف به وڏن ماڻهن وانگر علاج ڪرائڻ جي لاءِ چين ويو هو.“
________________
وسف سنڌي ھڪ ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھن وقت چين ۾ آھي